01/05/2013

جزم جي درست اِستعمال جو مسئلو - الطاف حسين جوکيو (Altaf Hussain Jokhio)


جزم جي درست اِستعمال جو مسئلو
الطاف حسين جوکيو


سنڌي ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جي مسئلن تي وڏو ڌيان ڏيڻ جي گهڻي گهرج آهي، خاص ڪري اعرابن جي حوالي سان خبرداري ضروري آهي. ان ڏس ۾ نامور لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا جزم جي درست استعمال جي حوالي سان چڱو بحث ڪيو آهي. هن صاحب ڪي لفظ ڏنا آهن، جن مان هڪ لفظ ’قَوۡم‘ تي ڪم آيل جزم کي رد ڪندي ’قوَم‘ ۾ ڪم آندل دهري يا ٻٽي سُر تي ڪم آندل ’واؤ‘ تي زبر جو استعمال ڪيو آهي، جيئن:
ڪتابي صورت
درست صورت لاءِ سفارش
قَوۡمَ
قوَمَ
                                                                                                                                                                                                                                 (الانا، 1993: 138)
الانا صاحب جيڪو دهري سُر ۾ ڪم ايندڙ  ’واؤ‘ تي ڏنل جزم کي رد ڪري، زبر جو استعمال ڪيو آهي، سو پڻ ’واؤ‘ کي متحرڪ (وينجن) سمجهڻ واري امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهي. اهو هڪ الڳ بحث آهي. الانا صاحب، ’جزم جي حيثيت‘ بابت بلڪل واضح آهي، ليڪن هن ’سنڌي صورتخطيءَ‘ ۾ ’جزم‘ بابت جيڪو دائرو بيــاريو آهي، اُن ۾ مونجهارا آهن، ان لاءِ اصطلاح ’جزم‘ جي دائري ۽ ان جي درست استعمال جو اڀياس لازمي آهي.
·        مسئلي جو بيان:
سنڌي صورتخطيءَ ۾ جزم جي درست استعمال جو مسئلو ڪافي پيچيدو رهيو آهي، ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪيل اصولي ڪم ساراهڻ جوڳو آهي؛ پر ان هوندي به صورتخطيءَ جي حوالي سان ڪي اصولي مونجهارا اڄ سوڌو رنڊيا پيا آهن. ان جو اهم سبب، لسانيات جي عالمن جي متعيّن دائرن جا مونجهارا آهن.
فرض ڪريو ته ڊاڪٽر الانا صاحب لفظ ’پيار‘ جي ’پ‘ تي، ديسي آوازن جي بنياد تي، جزم جي استعمال جي راءِ رکي ٿو. هن ديسي آواز جي بنياد تي جيڪا راءِ ڏني آهي، سا پنــنجي جڳــه تي بلڪل درست آهي؛ ليڪن جزم کان ابتو ڪم وٺڻ سبب، جزم جي دائرن ۾ مونجهارا رهن ٿا؛ جنــن لاءِ ڪا به راءِ ڏنل نه آهي.
’جزم ڪنــن آواز کي ساڪن ڪندي آهي، ان لاءِ ڊگهن سُرن ۾ ان جو استعمال درست ناهي‘، ايستائين ته الانا صاحب جي به راءِ آهي؛ ليڪن ’جزم‘ جو ساڪن آواز ڪــڙي پاسي واري متحرڪ آواز سان ڳنڍي سگهبو، اڳئين سان يا پوءِ واري سان؟ اهو مسئلو آهي.
اهو هڪ اهم سوال آهي، جنــن سببان سنڌي صورتخطيءَ ۾ جزم جو استعمال مونجهارا پيدا ڪري ٿو. الانا صاحب ’پيار‘ جي ’پ‘ تي جزم جي استعمال جي راءِ ڏئي ٿو، جنــن ۾ هِجي جي ليکي آهر ’پ‘ کي ’ي‘ سان ملائي ڊگهو سُر ڏيڻو آهي. يعني ’جزم‘ جي نشانيءَ کان ’پ‘ جي ايندڙ آواز ’ي‘ سان ملائڻ جو ڪم ورتو ويو آهي؛ جڏهن ته ’جزم‘ اڳ ۾ آيل آواز سان ملائڻ جو ڪم ڪندي آهي.
اهڙو جزم جو مونجهارو ان صورت ۾ منــن ڪڍي ٿو، جڏهن الانا صاحب جي ڏسيل اصول مطابق، ڪنــن لفظ جي وچ ۾ ايندڙ ديسي آواز تي جزم جو استعمال ڪجي ٿو، مثلاً: ڀريل (رۡي)، ڏکيو (کۡيه)، سورهيه (رۡﮩـيه)، مکيه (کۡيه).
الانا صاحب جي اصول موجب هِجي ۽ صورتخطي:   (ڀَ + رۡيَ + لُ) = ڀَرۡيَل.
§        امڪاني پڙهڻي هڪڙي:   ڀ زبر ڀَ، ر + ي زبر رۡيَـ، ل پيش لُ = ڀَرۡيَلُ (هن لفظ کي اعرابن واري ڇيد سان پڙهبو ته ڀَ + رۡيَ + لُ = ڀَرۡيَلُ چئبو).
§         امڪاني پڙهڻي ٻي: ڀَرۡ زبر ڀَرۡ، ي زبر يَ، ل پيش لُ = ڀَرۡيَلُ (هتي اعرابن جي ڇيد موجب: ڀَرۡ + يَ + لُ).
اعرابن وارو ڄاڻايل ڊاڪٽر الانا صاحب وارو اصول وچ وارن ’ي‘ سان سميٽيل/گڏيل آوازن ۾ ڪم آڻڻ ضرور ڪنــن ٻئي مونجهاري جي گهيڙ ۾ لاهيندو! ان لاءِ اهڙن مسئلن تي نــايت غور و فڪر ڪرڻ جي گهرج آهي. هن قسم جي لفظن ۾ ’جزم‘ جو استعمال نــايت  ڦاسائيندڙ آهي.
·        تحقيق جا سوال
هن مسئلي کي هيٺين سوالن آڌار واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي:
1)      جزم جي حيثيت ۽  دائرو ڪيترو آهي؟
2)      سنڌي صورتخطيءَ ۾ جزم کان ڪــڙا ڪم ورتا ويا؟
3)      ڇا ڪنــن ڊگهي سُر/ دُهري سُر يا گُهڻي سُر تي جزم جو استعمال ڪري سگهجي ٿو؟
4)      جزم جي دائري ڪار کان ٻاهر، کانئس ڪي ڪم وٺي سگهجن ٿا؟
5)      سنڌي ٻوليءَ ۾ ديسي گڏيل آواز (پـﻫـريون ساڪن، ٻيو متحرڪ) لاءِ جزم جو استعمال ڪيتري قدر درست آهي، ڇا ان سان ڪي مونجهارا ممڪن آهن؟
6)      ڇا ديسي گڏيل آواز ۾ پـﻫـرئين ساڪن آواز لاءِ ڪا ٻي اعراب مقرر ڪرڻ جي گهرج آهي؟
7)      ڪنــن ٻي اعراب مقرر ڪرڻ سان امڪاني مونجهارا ڪـﻫـڙا ٿي سگهن ٿا؟
·        طريقهء ڪار:
جزم جي اڀياس جو طريقهء ڪار هيٺين ريت رکيو وڃي ٿو:
·        مٿين سوالن جي روشنيءَ ۾ جزم جي دائرن ۽ سنڌي صورتخطيءَ ۾ ان جي ڪارج تي عالمن جي راين ۽ خيالن جو اڀياس ڪيو ويندو؛
·        عالمن جي راين ۽ خيالن جي اٿلاڻيءَ واريءَ حالت ۾  چند وضاحت طلب نڪتا اخذ ڪري، وضاحت ڪئي ويندي؛
·         وضاحت دوران مسئلي جي حل لاءِ رايو پيش ڪيو ويندو؛
·         آخر ۾ اڀياس جو اختصار ڏنو ويندو.
·        عالمن جي راين جي روشنيءَ ۾ جزم جو دائرو ۽ سنڌي صورتخطيءَ ۾ ان جو ڪارج:
هن اصطلاح لاءِ لفظ ’سُڪون‘ به ڪم آندو ويندو آهي. هيءَ نشاني ڪنــن آواز کي بغير سُر سان اچارڻ لاءِ ڪم آڻبي آهي، ظاهر آهي ته لاڳاپيل آواز، مخرج وٽ يقيناً ٺــندو. هيٺ لغتن مان جزم جي معنى ڏجي ٿي:
·        جامع سنڌي لغات موجب: جَزۡم ج جزمون: علم اِملاء موجب حرف کي ساڪن ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل خاص نشاني (  ۡ ) جيڪا ڏيکاري ته حرف تي نه زبر آهي، نه زير آهي، نه پيش.
·        سائل ڪوش موجب: حرف کي ساڪن ڪندڙ نشاني، سُڪون. حرف کي ساڪت (ماٺي آواز وارو) ڪندڙ نشاني. حرف صحيح جي مٿان اعرابن جي غير موجودگي ڏيکاريندڙ نشاني. (سائل، 2009: 181)
لغتن مان معنائن لــڻ بعد فيروزاللغات عربي- اردو جي مدد سان جزم جو اشتقاق پيش ڪجي ٿو:
·        جزم: جَزۡم- فَعۡل- مصدر
·         جَزَمَ- ضرب باب موجب- هن ڏينـﻫـن ۾ هڪ دفعو کاڌو، سيراب ٿيو، مضبوط ڪيو، پورو ڪيو، روانيءَ سان لکيو، لازمي قرار ڏنو.
·        جَزَمَ و جَزّمَ = عاجز ٿي ويو، بزدل ٿي ويو، خاموش ٿي ويو.
مٿين بنيادي لفظن جي معنائن ۾ اهم معنى ’عاجز ٿيڻ‘، ’خاموش ٿيڻ‘ مفقود آهي، جيڪا صورتخطيءَ موجب جزم سان لاڳاپيل آهي.
جديد صوتيات جي عالم ’فرٿ‘ (Firth) هن اصطلاح کي zero vowel ڪوٺيو آهي.(الانا، 1993: 15) ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جزم کي بغير سر (vowel less) وينجن ڪوٺيندي ڄاڻائي ٿو ته: ”ٻن ڌار ڌار آواز وارن ويجنن جي ميڙ (cluster of two consonants) جي لکيل صورت ڏيکارڻ لاءِ، ساڪن آواز مٿان جزم ڏبي آهي؛ مثلاً: عِلۡمُ، جِسۡمُ، صَدۡر. هنن لفظن ۾ ’ل‘، ’س‘ ۽ ’د‘ مٿان ڏنل جزم ڏيکاري ٿي ته انهيءَ صورت وارا آواز ساڪن (vowel less) آهن، ۽ ڀر واري پوئينْ آواز (second component of the cluster) سان شامل ٿي متحرڪ ٿين ٿا.“ (الانا، 1993: 114- 115)
الانا صاحب جي ڄاڻايل وصف ۾ جزم جو دائرو ڪافي منجهيل آهي.
اردو ٻوليءَ جي ماهر، پروفيسر سيد محمد سليم صاحب جزم جي دائري بابت لکيو آهي ته: یہ عدم حرکت کی علامت ہے، یہ حرف کےاوپر لکھی جاتی ہے۔ جس حرف پر یہ علامت لکھی جاتی ہے، اس کو مجزوم یا ساکن کہتے ہیں۔ تخفیف کے خ کے سر سے یہ علامت ماخوذ ہے جیسے دِلۡ۔ (سليم، 1981: 32)
مرزا قليچ بيگ اعرابن جو ذڪر ڪندي جزم بابت لکي ٿو ته: خاص ’حرف علت‘ جي نشانيءَ لاءِ ’جزم‘ يا ’سُڪون‘ مقرر ڪيائون، جا انهن ٻين اکرن تي ڏجي ٿي، جن سان گڏ ’حرف علت‘ نه ٿو اچي.“  (قليچ، 2006: 70)
ڊگهن سُرن ۾ جزم جي استعمال کي ننديندي ڊاڪٽر الانا صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”جزم جو ڪم آهي ’ڪن ساڪن وينجن آوازن کي تحريري صورت ۾ ڏيکارڻ. ڀلا اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته سُر به خاموش يعني غير متحرڪ هجن؟ جيڪڏهن اهي غير متحرڪ نه ٿا ٿي سگهن ته پوءِ سُرن جي لکيل صورتن مٿان جزم لکڻ يا جزم جي نشان ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانه آهي حاصل مطلب ته سُرن جي لکيل صورتن مٿان، جزم جو استعمال غير ضروري آهي. اهڙيءَ طرح [اوُ] سر جي لکيل صورت ’اوُ‘ ۾ ’پيش‘ ’و‘ جي مٿان اچڻ کپي.“ (الانا، 1993: 145- 146)
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’نون گُهڻي‘ تي ’جزم‘ جو استعمال ڪيو ويندو هو، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ان غلط عمل جي نشاندهي ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”پراڻن سنڌي ڪتابن ۾ گهُڻي سُر واري ’ن‘ مٿان به جزم ڏني ويئي آهي، مثلاً: آهينۡ، اَسينۡ.
’آهين‘ ۾ ’ن‘ مٿان جزم جو استعمال ڏيکاري ٿو ته ’ن‘ ساڪن آهي، نه ڪه نون غُنو، حالانڪ ساڪن وينجن [ن] ۽ گُهڻي سُر واري ’ن‘ ۾ وڏو فرق آهي.“ (الانا، 1993: 148)
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنــن لفظ جي منڍ ۾ جزم جي استعمال تي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته: ”لفظن جي وچ وارن گڏيل آوازن کان سواءِ ڪن لفظن جي منڍ ۾ به گڏيل آواز، سنڌي صوتيات جي اصولن موجب ممڪن آهن. هيلتائين سنڌي ڪتابن ۾ منڍ وارن گڏيل آوازن کي بلڪل ترڪ ڪيو ويو آهي. انهن جي برابر خبر تڏهن پوندي، جڏهن لکيل صورت کي نظرانداز ڪري، اچاريل آوازن کي غور سان ٻڌبو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي لفظن ۾ ڪي هيٺيان گڏيل آواز لفظن جي منڍ ۾ ڪم اچن ٿا:
منڍ ۾ گڏيل آواز
لفظ جو اچار
/پۡر/
پۡريمُ
/بۡر/
بۡرَهۡمَڻُ
/ڏۡي/
ڏۡياريِ
/ڌۡي/
ڌۡيانُ
/پۡي/
پۡيارُ
/گۡي/
گۡيانُ
/ڪۡي/
ڪۡياڙيِ
                                                                                                                                                                                      (الانا، 1993: 143- 144)

·        وضاحت طلب نڪتا:
عالمن جي راين مان جيڪي وضاحت طلب نڪتا اخذ ٿيا آهن، سي هن ريت رکجن ٿا:
1)                  جزم جو دائرو
2)                   سنڌي صورتخطيءَ ۾ جزم جو ڪارج
3)                  گڏيل ديسي آوازن جي حقيقت                   
4)                   گڏيل ديسي آوازن ۾ جزم جو استعمال

1)       جزم جو دائرو:
جزم جي دائري ڄاڻائڻ ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جي وضاحت مونجهاري واري آهي؛ ’ساڪن آواز، ڀر واري پوئين آواز (second component of the cluster) سان شامل ٿي متحرڪ ٿين ٿا.‘ واري سندس وضاحت ۾ هيٺيان مونجهارا آڏو اچن ٿا:
·        جزم وارا آواز/اکر ’ل‘، ’س‘ ۽ ’د‘ پوئين آواز ترتيبوار ’ع‘، ’ج‘ ۽ ’ص‘ سان ملي متحرڪ ٿين ٿا.
·         جزم وارا آواز/ اکر ’ل‘، ’س‘ ۽ ’د‘ پوئين (پويان ايندڙ) {second component of the cluster} آواز ترتيبوار ’م‘، ’م‘ ۽ ’ر‘ سان ملي متحرڪ ٿين ٿا.
·        ساڪن آواز پوئين آواز سان شامل ٿي متحرڪ ٿين ٿا.
الانا صاحب جي منجهيل وضاحت ۽ اڌورن اشارن مان جيڪا ڳالهه اخذ ٿئي ٿي ته: ’جزم وارو اکر/آواز ايندڙ آواز سان ملي متحرڪ ٿئي ٿو، مثلاً: ’عِلۡمُ‘ ۾ جزم وارو اکر/آواز ’لۡ‘ ڀَر واري ’مُ‘ سان ملي متحرڪ ٿئي ٿو.‘
جيڪڏهن الانا صاحب جو خيال اهو آهي ته پوءِ اُهو خيال ڪُلي طور رد ڪري سگهجي ٿو؛ جيڪڏهن ساڪن آواز کي اڳئين آواز سان ملائي ٿو ته پوءِ سندس انگريزيءَ واري ڏنل وضاحت ان ٻئي خيال کي رد ڪري ٿي.
الانا صاحب جو مٿيون مونجهاري وارو خيال سندس هن وضاحت مان چٽو ملي ٿو:
وچيان ٻٽا آواز ۽ جزم: 1853ع ۾ جڏهن سنڌيءَ لاءِ سرڪاري (نئين سر تشڪيل ڏنل) صورتخطي ٺــي تيار ٿي هئي، تڏهن ان وقت جا عالم- ديوان ننديرام، ديوان اُڌارام، سيد ميران محمد شاه، قاضي غلام علي ۽ ٻيا- عربي ۽ پارسيءَ جا چڱا ڄاڻو هئا. هنن لفظن جي پدن تي گهڻو ڌيان ڏنو. اهي صاحب جزم ۽ شد جي استعمال کان بخوبي واقف هئا. انهيءَ کان سواءِ هو يا ته عربي رسم الخط جي اصولن کان واقف هئا، يا ته عربي لفظ بلڪل ائين لکيائون، جيئن پارسي لغتن ۾ ڏٺائون. مثال طور: ٻن وينجنن جي ’گڏيل آوازن‘ جي تحريري صورت ڏيکارڻ لاءِ، ٻنهي صورتن مان ’ساڪن حرف صحيح‘ مٿان جزم ڏئي، ’گڏيل آوازن‘ کي تحريري صورت ڏنائون، جيئن:
عربيءَ ۾ صورت
سنڌيءَ ۾ صورت
عِلۡم
عِلۡمُ
مَڪۡتَب
مَڪۡتَبُ
مَطۡلَب
مَطۡلَبُ
مٿين لفظن ۾ ’ل‘، ’ڪ‘ ۽ ’ط‘ صورتن وارا آواز [لۡم]، [ڪۡت] ۽ [طۡل] گڏيل آوازن ۾ ساڪن آهن.“ (الانا، 1993: 140- 141)
جزم جي استعمال بابت ڊاڪٽر الانا صاحب جو خيال مٿينءَ وضاحت مان چٽو ملي ٿو ته الانا صاحب ’علۡم‘ لفظ ۾ ’لۡ‘ ساڪن کي ’م‘ سان متحرڪ سمجهي ٿو، جنــن جي وضاحت سندس ڪيل ڇيد مان معلوم ٿي سگهي ٿي.
منهنجي راءِ مطابق: الانا صاحب ’جزم‘ جي دائري بابت چِٽو ناهي؛ جزم جو جيڪو تصور سندس خيال ۾ آهي، سو مستعمَل ناهي؛ ان صورت ۾ سندس وضاحت کي مناسب نه ٿو چئي سگھجي.
اردو ٻوليءَ جي ماهر، پروفيسر سيد محمد سليم صاحب جزم جي دائري بابت لکندي ٻه- اکرو مثال (دِلۡ) پيش ڪيو؛ ڀلي ڳالهه اها جو پروفيسر سيد سليم صاحب پنــنجي مثال ۾ ٻه- اکرو لفظ ڏنو آهي، جنــن مان اهو واضح طور تي سمجهي سگهجي ٿو ته ساڪن اکر/آواز اڳئين متحرڪ اکر/آواز سان ڳنڍبو آهي. ان صورت ۾ صرف اڳيون اکر/آواز متحرڪ رهندو، باقي ٻيو ملندڙ آواز ساڪن/ غير متحرڪ ئي رهندو.
جزم جو اهڙو دائرو ’سنڌي درسي ڪتاب- پـﻫـرئين ڪلاس لاءِ‘ ۾ پڻ ڄاڻايل آهي:
”جزم کي سڪون به چئبو آهي. جنــن اکر جي مٿان اهڙو نشان هجي، ان کي ساڪن چوندا آهن. ساڪن اکر کان اڳ واري اکر تي زبر، زير يا پيش ايندو آهي. هي ساڪن اکر ان اڳئين اکر سان ملائي پڙـبو آهي. مثال: اَمۡ، اَنۡ، لَمۡ، اَلۡ، مِنۡ“ (درسي پــريون ڪتاب، 2010: 63)
عربي-سنڌي صورتخطيءَ ۾ جزم جي مراد ڪنــن آواز کي ساڪن/غير متحرڪ ڪرڻ آهي. عربيءَ مان جنــن حالت ۾ سنڌيءَ ۾ منتقل ٿي آهي، ان جو ڪم اڳئين متحرڪ آواز کي ايندڙ غير متحرڪ آواز سان ملائڻو هوندو آهي؛ ائين کڻي چئجي ته جزم آيل اکر/آواز کي اڳئين متحرڪ اکر/آواز سان ملايو ويندو آهي، مثلاً:
لفظ ’مُحۡتاج‘ ۽ ’مُحۡسِن‘ ۾ ’مُحۡـ‘ گڏيل اکر/ آواز آهن، جنــن ۾ پــريون متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن آهي؛ جڏهن ته ’حۡـ‘ ساڪن جو، ڳنڍڻ جي بنياد تي، ترتيبوار ’تـ‘ ۽ ’سـ‘ سان ڪو تعلق ناهي. ان مان اهو واضح ٿيو ته ’جزم‘ واري اکر/آواز جو تعلق اڳئين اکر سان آهي، پوئين سان نه آهي.
·       متحرڪ آواز جو جزم سان تعلق:
جزم مان مراد ڪنــن آواز/ اکر کي ساڪن بڻائي، اڳئين متحرڪ آواز/ اکر سان ملائڻو هوندو آهي، هيٺ چند لفظ خيال خاطر ڏجن ٿا:
جزم جو استعمال
آوازن جو ڇيد
شِرۡڪُ
شِرۡ + ڪُ
تَحۡقِيق
تَحۡ + قِي +قَ
مَخّرَج
مَخۡ + رَ + جُ
مٿين لفظن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ساڪن آواز/اکر اڳئين/شروعاتي متحرڪ سان ملندو، پر متحرڪ نه ٿيندو.
·        مشدد آواز سان جزم جو تعلق:
شدّ مان مراد ڪنــن آواز جو ٻٽو هجڻ آهي، جنــن ۾ پــريون آواز ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ ٿيندو آهي؛ هتي اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته شدّ واري آوازن جي پـﻫـرئين ساڪن جو لاڳاپو به اڳئين/شروعاتي متحرڪ سان هوندو آهي، نه ڪِي شدّ واري متحرڪ آواز سان! مثلاً:
مشدد آواز
آوازن جو ڇيد/ هِجي
رَبُّ
رَبۡ + بُ = رَبُّ
شَڪُّ
شَڪۡ + ڪُ = شَڪُّ
سَتّارُ
سَتۡ + تا + رُ = سَتّارُ
اِتِّفاقُ
اِتۡ + تِ + فا + قُ = اتّفاق
مٿين مشدَدن مان به اهو واضح ٿيو ته شدّ (ٻٽو آواز يا گڏيل اکر) ۾ پــريون آواز ساڪن هوندو آهي، ليڪن ان جو تعلق اڳئين متحرڪ سان رهندو، نه ڪي پوئين متحرڪ سان، جيڪو شدّ ۾ سمايل آهي.
2)       سنڌي صورتخطيءَ ۾ جزم جو ڪارج
سنڌي صورتخطيءَ ۾ جزم کان جيڪي ڪم ورتا ويا، سي گهڻي قدر عربيءَ صورتخطيءَ جي تقليد ۾ سامهون اچن ٿا، جيئن:
1.      ساڪن آوازن ۾ استعمال
2.      ڊگهن سُرن ۾ استعمال
3.      نون گُهڻي ۾ استعمال
ساڪن آوازن ۾ استعمال: جزم جا جيڪي دائرا عربي توڙي ٻين ٻولين ۾ تصور ڪيا وڃن ٿا، سي ڪنــن آواز کي ساڪن ڪرڻ آهن؛ جنــن صورت ۾ لاڳاپيل آواز/ اکر جو مخرج وٽ آواز يقيناً ٺــندو، ليڪن ان کي ڪو سُر ڪونه ڏبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جو استعمال هيٺئين مثال موجب ٿيندو آهي:
مثال: هَمۡزي ۾ ’م‘ ساڪن آهي ۽ ان جو تعلق ’هه‘ متحرڪ سان آهي.
ڊگھن سُرن ۾ استعمال: عربيءَ موجب جزم جي دائري ۾، ڊگهن سُرن ۾ ڪم ايندڙ ’ي ۽ و‘ تي ساڪن جي نشاني به ڪم آندي ويندي آهي؛ اهو ساڳيو انداز سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪتب آندو ويو. عربي ٻولي جيئن ته پنــنجو هڪ مزاج رکي ٿي ۽ ان ۾ ’حرف علت‘ جو هڪ نرالو تصور آهي، لفظن جو دارومدار وزن تي آهي، ان صورت ۾ ڊگهن سُرن تي جزم جو استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو دارومدار وزن تي ڪونهي، ان حالت ۾ عربي ڍنگ وانگر ڊگهن سُرن تي جزم جو استعمال مناسب ناهي.
ڊگهن سُرن تي اعراب جو ڪم ڪافي پراڻو هو، جيڪو 1905ع ۾ مسٽر ڪاورنٽن جي صدارت هيٺ ٽيڪسٽ بڪ رويزن ڪميٽيءَ ذريعي مٽايو ويو؛ جنــن کي ٻيــر ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم، ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عــدي سنڀالڻ بعد، صورتخطيءَ جو جائزو وٺي جيڪي فيصلا ڪيا، تن ۾ ڊگهن سُرن جي اعراب وارو سلسلو به شامل هو، جيڪو عربيءَ جي طرز تي رکيو ويو. صورتخطيءَ جو مختصر تقابلي جائزو خيال خاطر ڏجي ٿو:
1853ع کان ڊگهن سُرن تي اعراب جو عربي ڍنگ: ٻَڪرِيۡ، چَتُونۡ (جزم سان)
1905ع کان ڊگھن سُرن تي اعراب جو هندي ڍنگ: ٻَڪريِ، چَتوُن (جزم کان سواءِ)
1940ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪوششن سان ڊگهن سرن واري اعراب کي واپس عربي نموني رٿيو ويو.
هن معاملي تي تفصيلي بحث هن مضمون ۾ ممڪن ڪونهي، هت صرف ’جزم‘ تي بحث مقصود آهي؛ ان حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڊگهن سُرن ۾ ڪم ايندڙ ’ي‘ ۽ ’و‘ تي جزم جي استعمال وارو رد بلڪل درست آهي.
هن حوالي سان ڊاڪٽر الانا صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”جزم جو ڪم آهي ’ڪن ساڪن وينجن آوازن کي تحريري صورت ۾ ڏيکارڻ‘. ڀلا اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته سُر به خاموش يعني غير متحرڪ هجن؟ جيڪڏهن اهي غير متحرڪ نه ٿا ٿي سگهن ته پوءِ سُرن جي لکيل صورتن مٿان جزم لکڻ يا جزم جي نشان ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانه آهي حاصل مطلب ته سُرن جي لکيل صورتن مٿان، جزم جو استعمال غير ضروري آهي. اهڙيءَ طرح [اوُ] سر جي لکيل صورت ’اوُ‘ ۾ ’پيش‘ ’و‘ جي مٿان اچڻ کپي.“ (الانا، 1993: 145- 146)
ڊاڪٽر الانا صاحب جي راءِ: ’سرن ۾ ڪم ايندڙ ’ي‘ ۽ ’و‘ تي جزم جو استعمال غير ضروري آهي‘ بلڪل درست آهي؛ ڇاڪاڻ ته ’جزم‘ جو ڪم ڪنــن آواز کي غير متحرڪ ڪرڻ آهي، ان صورت ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جي راءِ بلڪل وزنائتي آهي. البته، ڊاڪٽر الانا صاحب واري راءِ موجب: ’و‘ ۽ ’ي‘ تي ترتيبوار ’پيش‘ ۽ ’زير‘ جو استعمال به نامناسب آهي. اهڙي تفصيلي بحث لاءِ الڳ مضمون گهربل آهي. هيٺ الانا صاحب جي سفارش ڪيل لفظ جي ٻيــر ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکجي ٿي:
ڪتابي صورت
الانا صاحب جي راءِ
ترجيحي صورت
قَوۡمَ
قوَمَ
قَومَ
نون گُهڻي ۾ استعمال:
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’نون گُهڻي‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو منجهيل آهي، اصل ۾ لسانيات جي حوالي سان ان جو شمار ’گُهڻي سُر‘ ۾ ٿئي ٿو؛ پر جيستائين ان معاملي کي صورتخطيءَ ۾ حل نه ٿو ڪيو وڃي، تيستائين ’نون گُهڻو‘ هڪ سواليه نشان آهي. هن کان اڳ ’نون گُهڻي‘ کي واضح ڪرڻ لاءِ ’جزم‘ جو استعمال ڪيو ويندو هو.
عربي ٻوليءَ ۾ ’نون گُهڻي‘ تي جزم جو استعمال ڪيو ويندو آهي؛ ان جا ڪي جواز، عربي ٻوليءَ جي مزاج مطابق، ڪنــن حد تائين قبولڻ جوڳا آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا جواز اڻ- ٺــڪندڙ آهن. عربي ٻوليءَ ۾ گهُڻي آوازن لاءِ محترم استاد عبدالــادي سرهيو صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ” ’يـنـمـو‘ وارن حرفن وقت نون کي غنو ڪري پڙهبو. ان کي ’ادغام مع الغنہ‘ چئبو آهي؛ مثلاً:
مِنۡ يَّومٍ، مِنۡ نُّورٍ، مِنۡ مَّلَڪٍ، مِنۡ وّالٍ.“ (سرهيو، 1976: 31)
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’نون گُهڻي‘ تي ’جزم‘ جو استعمال ڪيو ويندو هو، جيڪو ڪنــن به حوالي سان درست ناهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا ان غلط عمل جي نشاندهي ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”پراڻن سنڌي ڪتابن ۾ گهُڻي سُر واري ’ن‘ مٿان به جزم ڏني وئي آهي، مثلاً: آهينۡ، اَسينۡ.
’آهين‘ ۾ ’ن‘ مٿان جزم جو استعمال ڏيکاري ٿو ته ’ن‘ ساڪن آهي، نه ڪِ نون غنو، حالانڪ ساڪن وينجن [ن] ۽ گُهڻي سُر واري ’ن‘ ۾ وڏو فرق آهي.“ (الانا، 1993: 148)
نوُن گُهڻي جي صورتخطيءَ وارا مونجهارا سنڌيءَ توڙي عربي صورتخطيءَ مان ورتل رسم الخطن ۾ يڪسان آهن، ويجهر واري دؤر ۾ ’نون گُهڻي‘ تان اهڙو جزم جو استعمال هٽايو ويو آهي. بــرحال ’نون گُهڻي‘ تي ’جزم‘ جو استعمال نامناسب آهي.
3)       گڏيل ديسي آوازن جي حقيقت:
سنڌي ٻوليءَ توڙي جو هن خطي جي چند ٻولين، هندي/ سنسڪرت، پشتو يا بلتي وغيره ۾ ڪي لفظ اهڙا به ملن ٿا، جن جي ٻٽي آواز ۾ ’پــريون ساڪن، ٻيو متحرڪ‘ ٿئي ٿو. هي معاملو اهڙو آهي، جنــن تي ڪو خاطر خواه ڪم ٿي ڪونه سگھيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هن معاملي کي لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌي ڪتابن ۾ ’ڌيان‘،’پيار‘ ۽ ’ڪياڙي‘ لفظن ۾ [ڌ]، [پ] ۽ [ڪ] کي ساڪن نه سمجهي، انهن کي متحرڪ بنائڻ لاءِ هيٺ [اِ] سُر ڏنو ويو آهي، حالانڪ [ڌۡيَ]، [پۡيَ] ۽ [ڪۡيَ] وغيره اڌارن ورتل لفظن جو حصو آهن، پر ديسي صوتياتي نظام موجب گڏيل آواز آهن، جي سنڌي صوتياتي خصوصيتن جا حامل آهن. انهن گڏيل آوازن ۾ پــريان ’جوڙ‘ ساڪن آهن، انهيءَ ڪري سنڌي ڪتابن ۾ درستيون آڻڻ جي گهڻي ضرورت آهي. /پۡريم/ ۽ /ڌۡيان/ وغيره لفظن ۾ پــريان ساڪن آواز، ٻئي جوڙ سان گڏ، گڏيل آواز کان پوءِ ڪم ايندڙ سُر سان متحرڪ ٿين ٿا.“ (الانا، 1993: 144- 145)
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو ديسي گڏيل آوازن ڏانـﻫـن اشاري ۽ درست صورتخطيءَ لاءِ سفارش مان اها وضاحت ٿئي ٿي ته هن مونجهاري کي الانا صاحب درست ڄاتو آهي ۽ انهن گڏيل آوازن (پــريون ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ) کي سنڌي ٻوليءَ ۾ هجڻ کي تسليم ڪري ٿو. حقيقت اها آهي ته معياري سنڌي ٻوليءَ جا معما بڻيل صوتي حيثيت رکندڙ آواز: /ٽۡر/ڊۡر/ ۽ /ڍۡر/ ٻوليءَ ۾ ڄاڻايل گڏيل آوازن وانگر ديسي گڏيل آواز آهن. جڏهن /پۡر/، /بۡر/، /پۡي/ وغيره ديسي آواز ٿي سگهن ٿا، ته ڇا سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتي حيثيت رکندڙ /ٽۡر/، /ڊۡر/ ۽ /ڍۡر/ سنڌي ٻوليءَ جا ديسي گڏيل آوازَ نه ٿا ٿي سگهن؟
اصل ۾ جاگرافيائي اثر ۽ هن خطي جي ويجهڙائپ سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ چند اکر اهڙا موجود آهن، جيڪي ’ر‘ جي ادغام ۽ ’ي‘ جي ميلاپ سان ساڪن ٿي وڃن ٿا؛ پوءِ اهي جوڙ ڪنــن لفظ جي منڍ ۾ اچن، وچ ۾ يا پڇڙيءَ ۾؛مثلاً:
پۡر، بۡر، گۡر، ٽۡر، ڊۡر، ڍۡر ۽ ڏۡي، ڌۡي، پۡي، گۡي، ڪۡي.
مذڪوره گڏيل آوازن مان /پۡر/، /بۡر/، گۡر، /ڏۡي/، /ڌۡي/، /پۡي/، /گۡي/ ۽ /ڪۡي/ گڏيل آوازن کي مانواري الانا صاحب صوتئي (Phoneme) جي نشاني ۾ به لکيو آهي ۽ صوتئي جي نشانيءَ سان لکڻ ۾ به ڪو حرج ڪونهي. حقيقت ۾ ٿيڻ ائين کپندو هو ته ٻوليءَ ۾ نمايان صوتئي جي حيثيت رکندڙ گڏيل آوازن /ٽۡر/، /ڊۡر/ ۽ /ڍۡر/ جي درست صورتخطيءَ لاءِ به رايا ڏئي ها. پر جيئن ته ڊاڪٽر الانا صاحب بنيادي طور لاڙي/حيدرآبادي لــجي جو فرد آهي، تنــنڪري گڏيل آوازن ۾ اهڙن صوتي حيثيت رکندڙ آوازن کان پرهيز ڪري ٿو.
اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته اهي صوتي حيثيت رکندڙ آواز سنڌي ٻوليءَ جي ٻن- وڏو احاطو رکندڙ  لهجن: اترادي توڙي وچولي (ساهتي) ۾ اهميت جا حامل آهن.
ديسي آئيويٽا/صورتخطي: ديوناگريءَ ۾ اهڙن ’ر‘ جي لار وارن گڏيل آوازن لاءِ ڪي علامتون مقرر ٿيل آهن، جيڪي هن خطي جي ٻوليءَ جي آوازن جي پوري نمائندگي ڪن ٿيون. ديوناگريءَ ۾ [ر] جو آواز مختلف اچارن جي لحاظ کان چئن اندازن سان لکيو ويندو آهي.
ڊاڪٽر الانا صاحب آڏو ساڳي شڪايت لکجي ٿي ته ساڳئي گروه جا ديسي گڏيل آواز- جن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتي حيثيت رکندڙ گڏيل آواز /ٽۡر/، /ڊۡر/ ۽ /ڍۡر/ به نظرانداز ڪيا ويا آهن، جنــن جو به ساڳيو سبب آهي ته جيڪا ڪاميٽي موجود هئي انهن ۾ مخصوص لــجي جا ماهر هئا، جن جي لــجي ۾ ’گڏيل آواز‘ وارو تصور ڪونه هو، ۽ نه وري ساڳين ماهرن ديوناگري مان اخذ ڪيل رسم الخطن کي ڌيان ۾ رکيو هو، ڇو ته سڀ ڄاڻن ٿا  ۽ ان بابت علمي طور ڄاڻائي چڪا آهيون ته ديوناگري صورتخطيءَ ۾ [ر] آواز لاءِ  چئن قسمن جا اکر/علامتون متعيّن ٿيل آهن، ان لاءِ منهنجو ذاتي رايو آهي ته گڏيل آواز ۾ ڪم ايندڙ [ر] جي اهڙي آواز لاءِ ڪا علامت مقرر ڪجي.
ڊاڪٽر الانا جي ٻن ڪتابن ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ۽ سنڌي صورتخطيءَ مان ورتل گڏيل آوازن  وارا لفظ:
ڌِيَان/ڌۡيانُ، ٻِيائي/ٻۡيائِي، پِريمُ/پۡريمُ، پِيارُ/پۡيارُ، گِيانُ/گۡيانُ، ٽِياڻِ/ٽۡياڻِ، گِيانُ/گۡيانُ، ٽِياڻِ/ٽۡياڻِ، ڏِيارِي/ڏۡياريِ وغيره.
ڊاڪٽر الانا صاحب جي ٻنهي ڪتابن مان لفظن جي چونڊ سان جيڪي گڏيل آواز معلوم ٿين ٿا، تن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا نظرانداز ٿيل صوتيا به اچي وڃن ٿا، جيڪي گڏي ڏجن ٿا:
بۡر، پۡر، ٽۡر، ڊۡر، ڍۡر، گۡر، ڪۡر، ۽ ڏۡي، ڌۡي، ٻۡي، پۡي، ٽۡي، جۡي، گۡي، ڪۡي، نۡي.
ء
 
ء
 

مذڪوره گڏيل آوازن لاءِ ديسي ٻولين جي صورتخطين ۾ ڪونه ڪو حل ڄاڻايل آهي، جيئن ’بلتي‘ ٻوليءَ جي رسم الخط ۾ ڪۡر‘ ۽ ’ گۡر‘ گڏيل آوازن لاءِ الڳ سان اکر ’ڇ‘ ۽ ’ ک‘ (ک مٿان همزي جي نشاني) متعيّن ٿيل آهن. ديوناگريءَ ۾ ته اهڙي ادغامي ’ر‘ جيڪا پــرين اکر جي ساڪن سان اچڻ سبب متحرڪ بڻجي وڃي، ان گڏيل آواز لاءِ اڳئين ساڪن اکر جي هيٺان ترڇي ليڪ جي علامت ڏني ويندي آهي. جيئن:
عربي سنڌي آئيويٽا موجب
ديوناگري آئيويٽا موجب
بۡ + ر = بۡر
b + R = bR
پۡ + ر = پۡر
p + R = pR
ٽۡ + ر = ٽۡر
t + R = t®
ڊۡ + ر = ڊۡر
d + R = d®
ڍۡ + ر = ڍۡر
F + R = F®
گۡ + ر = گۡر
g + R = gR
ڪۡ+ رَ= ڪۡر
k + R = k®
مذڪوره سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جو مونجهارو ان سبب اڀري ٿو، جو ان مونجهاري جو ماهرن اصولي طور ڪو حل نه سوچيو آهي. ڊاڪٽر الانا صاحب ان مونجهاري جي نشاندهي علمي طور تي جا بجا ڪري ٿو ۽ کنيل ديسي گڏيل آواز طور تسليم ڪندي ان جي درست صورتخطيءَ جي سفارش به ڪري ٿو، پر پوءِ به لاڙي/حيدرآبادي لــجي جو هئڻ سبب اترادي ۽ وچولي لــجي ۾ صوتياتي حيثيت رکندڙ، سنڌي ٻوليءَ جي اعتراضن جي ور چڙهـيل اهم صوتين ۽ ڄاڻايل ديسي آوازن جي گروه جي گڏيل آوازن: /ٽۡر/، /ڊۡر/ ۽ /ڍۡر/ تي ڪا نظر نه ٿو رکي.
اهڙن مونجهارن کي سمجهڻ ۽ ان جي حل لاءِ 1853ع واري ڪاميٽيءَ به ڪو ڌيان نه ڏنو، ان جو اهم سبب مخصوص لــجي جي ماهرن جي موجودگي هئي، يا آئيويٽا جو ڪم انگريز ماهرن کي سونپيل هو، اهڙي شڪايت اڻ سڌيءَ طرح ڊاڪٽر الانا صاحب به هيئن ڪري ٿو ته: ”جيتوڻيڪ انهن (گڏيل آواز وارن) لفظن جو ڪو گهڻو ذخيرو نه آهي، پر انهن جي لکت جو مسئلو حل ڪرڻ ضروري آهي. انهن لفظن کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏيڻو نه آهي. اهي لفظ اڄ به اسان جي روزمره واري ٻوليءَ ۾ ڪم ايندا آهن، ان ڪري اهي اسان جي سماج ۽ لغات جو حصو آهن. انهن ۽ اهڙن ٻين لفظن جي ڪا صورت شايد ان ڪري مقرر ٿي نه سگهي، جو عربي ۽ فارسي ٻولين جي صوتياتي نظام ۾ لفظن جي منڍ ۾، مرڪَّب آوازن جا اچار موجود نه هئا. ان ڪري عربي يا فارسي زبانن جي صورتخطين ۾ اهڙن مرڪَّب آوازن کي لکڻ جو رواج ڪونه هو، تنــنڪري سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي ٺاهيندڙ ماهرن، انهيءَ مسئلي طرف سوچيو ئي نه هو؛ پر جيڪڏهن تقابلي مطالعي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۽ سٽاءَ جو مطالعو ڪيو وڃي ها ۽ ديوناگري رسم الخط جي مدد سان ٺـﻫـيل گجراتي، مرهٽي، بنگالي وغيره زبانن ۾ اهو مسئلو 1849ع ۾ ئي حل ٿي وڃي ها، يا دير ۾ دير 1913ع ۾ هن مسئلي تي سوچيو وڃي ها؛ پر ائين نه ڪيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو ديوان لوڪناٿ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپيءَ جي دليلن ۾ پنـﻫـنجي تنقيد ۾ هن نقطي تي خاص زور ڏنو.“    (الانا، 2005: 213)
4) گڏيل ديسي آوازن ۾ جزم جو استعمال:
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنــن لفظ جي منڍ ۾ جزم جي استعمال تي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب علمي ڪم ڪيو آهي، جزم جي درست استعمال لاءِ الانا صاحب جي سفارش پنــنجي جڳــه تي اهم آهي؛ ليڪن ان مان اها ڳالهه واضح ٿي بيٺي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ لسانياتي طور ساڪن آواز جا ٻه قسم ٿين ٿا:
1.      ڪنــن گڏيل آواز جو اڳيون آواز
2.      ڪنــن گڏيل آواز جو پويون آواز
 ان بابت وضاحت ٿيل ڪونهي ته ان کي ظاهر ڪيئن ڪجي؟ الانا صاحب ’جزم‘ جي جيڪا وصف ڏني آهي، سا عربي، سنڌي توڻي عربيءَ مان اخذ ڪيل ٻين صورتخطين ۾ مستعمَل ناهي، بلڪه هٿرادو (جعلي) آهي. جزم جو پنــنجو دائرو ٺاهي الانا صاحب ديسي آوازن ۾ ڪم آندو، يعني ڪنــن ساڪن آواز کي پوءِ واري متحرڪ آواز سان ملائي متحرڪ بڻايو؛ جڏهن ته جزم جو عام رواجي ڪم ڪنــن ساڪن آواز کي اڳئين متحرڪ سان ملائڻ آهي.
مسئلي جو حل:
ڊاڪٽر الانا صاحب جنــن نوعيت جو ساڪن آواز ڄاڻايو آهي، تنــن لاءِ الڳ نشانيءَ جي ضرورت آهي؛ ڇو جو اصولي طور ڪنــن نشانيءَ کان صرف هڪ نوعيت  جو ئي ڪم وٺي سگهجي ٿو- ان کان مقرره دائري کان ٻاهر ڪم نه ٿو وٺي سگهجي.
مثال: لفظ ’ڏکۡيو‘ ۾ ’ک‘ ۽ ’ي‘ ديسي گڏيل آواز/مرڪَّب آواز ’کۡيَ‘ ۾ پــرئين آواز ’ک‘ تي جزم آهي. مونجهارو اهو آهي ته لفظ ’ڏکۡيو‘ ۾ اهو واضح نه ٿو رهي ته ’کۡ‘ واري جزم جو لاڳاپو ’ڏ‘ سان ٿيندو يا ’ي‘ سان!
ان صورت ۾ جزم جا ٻه نمونا ڪم آڻڻا پوندا: ان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ ساڪن آوازن جون به ٻه صورتون سامهون اچن ٿيون. جيئن ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ به ’جزم‘ جون ٻه صورتون رهيون آهن، هڪ: عام ( ۡ ) ٻي: اوائلي (  ْ )؛ بــتر ٿيندو ته الانا صاحب جي بحث هيٺ آيل ’پــريون ساڪن ٻيو متحرڪ‘ واري مرڪَّب آواز تي ’جزم‘ جي ٻي صورت ڪم آڻجي ۽ ان جا ڪي دائرا مقرر ڪجن ته مونجهارو حل ٿي سگهي ٿو؛ مثلاً:
o       منڍ ۾ ايندڙ: پْيار، ڌْيان، گْيان، ڪْياڙي وغيره.
o       وچ ۾ ايندڙ: ڏُکْيو، ڀَرْيل، سُورْهيهُ (رـ وسرڳ)، مکْيهُ وغيره.
§        جزم جي عام صورت جو دائرو: ڪنــن لفظ ۾ ڪو آواز، اڳئين متحرڪ آواز سان ساڪن صورت ۾ ڳنڍجي؛ جيئن: عِلۡم.
§        جزم جي اوائلي صورت جو دائرو: ڪنــن لفظ ۾ ڪو آواز، ايندڙ متحرڪ آواز سان ساڪن صورت ۾ ڳنڍجي؛ جيئن: پْيار.
اختصار:
1.     جزم لفظ جي لغوي معنى ’خاموش ٿيڻ‘ آهي، صورتخطيءَ جي لحاظ کان هن اصطلاح مان مراد ڪنــن آواز/اکر کي ساڪن ڪرڻ هوندو آهي، جنــن جو تعلق اڳئين آواز/اکر سان هوندو آهي، جيئن: دِلۡ.
2.     صوتيات جي عالم ’فرٿ‘ جزم کي zero vowel ڪوٺيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ان کي بغير سر (vowel less) وينجن ڄاڻايو آهي.
3.     جزم جي دائري بابت ڊاڪٽر الانا صاحب جو خيال مونجهاري وارو آهي، ڇاڪاڻ ته الانا صاحب جزم واري آواز کي ٻئي ايندڙ آواز سان ملائي متحرڪ بڻائي ٿو.
4.     سنڌي صورتخطيءَ ۾ جزم کان ٽن نوعيت جا ڪم ورتا ويا، هڪ: ڪنــن آواز کي ساڪن ڪرڻ؛ ٻيو: ڊگهن سُرن ۾ ڪم ايندڙ اکرن ’ي‘ ۽ ’و‘ کي سُرن طور ظاهر ڪرڻ؛ ٽيون: گُهڻي سُر ۾ ڪم ايندڙ ’ن‘ اکر کي گهُڻي طور ظاهر ڪرڻ.
5.     ڊاڪٽر الانا صاحب ڊگهن سُرن ۽ گُهڻي سُر تي جزم ڪم آڻڻ واري عمل کي رد ڪري ٿو؛ جنــن بابت سندس اصولي بحث وزنائتو آهي. البته، ساڪن آواز جي لاڳاپي بابت سندس راءِ مناسب ناهي.
6.     ڊاڪٽر الانا صاحب جي ديسي گڏيل آوازن بابت اصولي راءِ تمام اهم  آهي؛ پر جيئن ته جزم جو ڪم ساڪن آواز کي اڳئين آواز سان ملائڻ هوندو آهي، ان صورت ۾ گڏيل آوازن ۾ ڊاڪٽر الانا جو ساڪن آواز کي ٻئي ايندڙ متحرڪ آواز سان ملائي متحرڪ ڪرڻ وارو ڍنگ سندس تجويز ڪيل آهي.
7.     ديسي گڏيل آواز ۾ بيشڪ پــريون ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ آواز ٿئي ٿو، ان صورت ۾ متعيّن ٿيل جزم کان ڪو ٻيو ڪم نه ٿو وٺي سگهجي، ان حالت ۾ اوائلي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪم آندل جزم (ڪنــن اکر مٿان ننڍڙي گولڙي) کان- ڪي دائرا مقرر ڪري- اهڙو ڪم وٺي سگهڻ جي راءِ عرض رکجي ٿي.
8.     جنــن حالت ۾ ديسي گڏيل آواز تي غور ڪيو ويو آهي، ان حالت ۾ منهنجيءَ سوچ موجب /ٽر/، /ڊر/ ۽ /ڍر/ پڻ ساڳي نوعيت جا ديسي گڏيل آواز آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻن وڏن لــجن: اترادي ۽ وچولي (ساهتي) ۾ صوتي حيثيت رکندڙ گڏيل آواز آهن، تن جي حل لاءِ به غور ڪرڻ گهرجي.
حوالاتي ڪتاب:
1.       الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1993) سنڌي صورتخطي- سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.
2.       الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2005) سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
3.       بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981) جامع سنڌي لغات {جلد ٻيون} سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
4.       جڙياسنگهاڻي، سترامداس سائل، پروفيسر (2009) سائل ڪوش، ڇاپو ٻيون- ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد
5.        سرهيو، عبدالـﻫـادي (1976) علمي تحفو- هادي پبليڪيشنس لاڙڪاڻو. 
6.     سید محمد سلیم پروفیسر   (۱۹۸۱)۔ اردو رسم الخط ۔ مقتدرہ قومی زبان کراچی .
7.     فیروز الدین، مولوی، الحاج (1979) فیروز اللغات عربی ۔اردو۔ فیروز سنز کراچی.
8.       مرزا، قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

No comments:

Post a Comment