اهڙي
ڪتاب کي ”مستند“ چئي سگهجي ٿو؟
پروفيسر
نذير احمد سومرو
هائيڊ
پارڪ ۾ 25 مارچ 2004ع تي منهنجي خط ”ريڊيو اسٽيشن ڪراچي ۽ خيرپور جي تاريخ“ جي
جواب ۾ حزب الله سومري جو خط شايع
ٿيو آهي، جنهن ۾ هن مڪتبئه انسانيت لاهور طرفان شايع ٿيندڙ هڪ ڪتاب ”پاڪستان ۾ اول اول“ (مرتب زاهد
انجم) مان کوڙ سارا حوالا ڏئي پنهنجي خط جي متن کي وزنائتو
۽ مضبوط بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سان گڏ ڪيترائي سوال به پڇيا اٿائين ۽ سندس زور
فقط هڪ جملي تي آهي ته منهنجي خيال ۾ فلاڻي جي ڳالهه صحيح نه آهي، منهنجي خيال ۾
فلاڻي ڳالهه درست ناهي. مان سمجهان ٿو ته ان لاءِ به ٺوس دليل هجڻ گهرجن ته ڳالهه
پنهنجو پاڻ وزنائتي ۽ مضبوط ٿي پوندي.
حزب
الله سومري جنهن ڪتاب (پاڪستان ۾ اول اول) مان بار بار حوالا ڏنا آهن سو ڪتاب
ڪيترو ”مستند“ آهي؟ ان جا ڪجهه مثال هن طرح آهن:
·
پاڪستان ٺهڻ
کان پوءِ سنڌ جي هڪ اڳوڻي وزيراعليٰ ۽ سنڌ جي هڪ اهم سياستدان پير الاهي بخش کي
صفحي 301 تي سنڌ ڪابينا جو ذڪر ڪندي 16 آگسٽ 1947ع تي الاهي بخش سومرو ڪري لکي ٿو.
پڙهندڙ خود اندازو لڳائن ته ڪٿي پير الاهي بخش دادوءَ وارو ۽ ڪٿي شڪارپور/جيڪب
آباد جو الاهي بخش سومرو؟ هڪ مرحوم، ٻيو زنده! ليکڪ ڪيترو سنجيده ٿي لکيو آهي؟ ان
جو اندازو ٿي وڃي ٿو.
·
پاڪستان ٺهڻ
کان فوراً پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح سنڌ جي هڪ اهم سياستدان سر غلام حسين
هدايت الله کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو هو، جنهن ڳالهه جو ذڪر ميڊم حميده کهڙو پنهنجي والد تي لکيل ڪتاب ”خانبهادر ايوب کهڙو جي جرئتمندانه زندگي“ ۾ تفصيل
سان ڪيو آهي. ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل احمد
حسين صديقي، پنهنجي ڪراچيءَ تي لکيل ڪتاب ”گوهر بحيره عرب ڪراچي“ جي صفحي 71 تي به ان ڳالهه
جو ذڪر ڪيو آهي. ائين سر غلام حسين هدايت الله پهريون مسلمان گورنر هو، پر زاهد
انجم پنهنجي ڪتاب جي صفحي 269 تي سرحد صوبي جي هڪ شخص محمد خورشيد کي ”پهلا مسلمان
گورنر“ ڪري لکي ٿو ۽ خورشيد جي حلف کڻڻ جي تاريخ 16 جولاءِ 1949 ڏيکاري ٿو. جڏهن
ته سر غلام حسين هدايت الله کي 16 آگسٽ تي قائداعظم محمد علي جناح گورنر مقرر ڪيو
هو.
·
رياست خيرپور
سڄي پاڪستان جي پهرين رياست هئي، جنهن سڀ کان اول پاڪستان سان الحاق ڪيو هو. پر
زاهد انجم اها ڳالهه نه ٿو مڃي. زاهد انجم رياست بهاولپور کي (صفحي 189 تي)
پاڪستان سان الحاق ڪندڙ پهرين رياست قرار ڏئي ٿو.
·
زاهد انجم
پنهنجي ڪتاب جي صفحي 279 تي فلمن جو ذڪر ڪري ٿو ۽ پهرين بلوچي، پنجابي، پشتو توڙي
سرائيڪي فلمن جا نالا لکي ٿو، پر پهرين سنڌي فلم جو نالو کڻڻ گوارا نٿو ڪري. سوال
آهي ته ڇا 1992ع تائين پاڪستان ۾ ڪا به سنڌي فلم ڪا نه ٺهي هئي؟ باقي سنڌي فلم ”عمر
مارئي“ ۽ ”پرديسي“ کي ڪنهن جي کاتي ۾ رکون.
·
صفحي 153 تي
زاهد انجم ڪراچيءَ جو ذڪر ڪندي اخبارن جا نالا لکي ٿو، پر ڪنهن سنڌي اخبار جو نالو
علائقائي اخبار طور به نٿو کڻي. ان ڳالهه جي ڪو تشريح ڪري ته چڱو ٿيندو.
·
لاڙڪاڻي جو
ذڪر ڪندي موئن جي دڙي جو نالو به ڪو نه ٿو کڻي. ڇا چئجي؟ جيڪو ماڻهو سنڌ جا اهم
ماڳ مڪان ڪو نه ٿو لکي، تاريخي ڪردارن ۽ تاريخي شخصيتن کي باءِ پاس ٿو ڪري.
سوال
آهي ته ڇا اهو ماڻهو ريڊيو اسٽيشن ڪراچي، جيڪا سنڌ گورنمينٽ جي ڪوشش سان ٺهي، ان
جو ذڪر ڪيئن ڪندو؟ ڇا اهڙي ڪتاب کي ”مستند“ چئي سگهجي ٿو جنهن لاءِ حزب سومرو لکي
ٿو ته وڌيڪ ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ههڙا ڪتاب لکيا ويندا آهن!؟ ريڊيو اسٽيشن ڪراچي ڪڏهن
ٺهي؟ ان جي تاريخ ۽ تفصيلَ سنڌ جي هڪ سابق وزيراعليٰ، ڳائڻي ۽ موسيقار مرحوم
عبدالستار پيرزادي جي ذاتي لائبريري ۾ پيل آهن، جيڪي ممتاز قانون دان عبدالحفيظ
پيرزادي وٽان حاصل ٿي سگهن ٿا. ريڊيو پاڪستان جو رٽائرڊ ڊائريڪٽر پروگرامس مسٽر
صبيح محسن، جنهن جو ذڪر ڪوثر ٻرڙو پنهنجي
ڪتاب ”ياد گهر“ جي صفحي 94
تي ڪيو آهي. صبيح محسن اڃا تائين خير سان حال حيات آهي ۽ ڪراچي ۾ رهي ٿو. سو 29
فيبروري 2004ع تي روزاني اردو اخبار جي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته
”هُوا يون تها ڪه 3 جون 1947ع ڪو حڪومت برطانيه ني آگسٽ
1947ع مين هندوستان ڪو آزادي ديني، اور پاڪستان ڪا مطالبه تسليم ڪرني ڪا اعلان
ڪيا، تو اس ڪي بعد مسلم ليگ ني ڪراچي ڪو اس نئي مملڪت ڪا دارالحڪومت بناني ڪا
فيصله ڪيا. تب سنڌ ڪي ڪڇ فعال شهريون ڪو خيال آيا ڪه يهان فوري طور پر ريڊيو
اسٽيشن قائم ڪرنا ضروري هي. حيدر صاحب اور علي محمد ڇاڳلا اس وقت ڪي حڪومت سنڌ ڪي
مشير ٽي اين آڏناني سي ملي، جنهون ني ان ڪي تجويز حڪام بالا يعنيٰ وزيراعليٰ اور
گورنر ڪي سامني رکي. سب ني اسي پسند ڪيا اور ايڪ اسڪول مين اس مقصد ڪي ليئي انهي
ڪڇ ڪمري دي ديئي گئي. جولائي 1947ع مين ڪام شروع هوا. دو ڪمرون ڪو سائونڊ پروف بنا
ڪر انهين اسٽوڊيو بنايا گيا. حيدر صاحب اور ان ڪي ڀايون ني ڪباڙيون سي سامان لي ڪر
ايڪ بهت هي ڇوٽا سا ٽرانسسٽر خود هي بنايا. پهلي ڪوشش مين يه ٽرانسسٽر نهي چلا تو
سب پر مايوسي ڇا گئي ليڪن انهون ني اپني ڪوششين جاري رکين جو بعد مين ڪامياب
هوئين. 5 آگسٽ 1947ع سي تجرباتي نشريات شروع ڪي گئي. اسٽيشن ڪا نام سنڌ گورنمينٽ
براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن رکا گيا. 10 آگسٽ 1947ع سي باقائده نشريات ڪا آغاز هوا. زياده
تر فلمي گانون ڪي رڪارڊ بجائي جاتي ٿي. ليڪن دوسري پروگرام (مثلاً بچون ڪي ليئي
اور خواتين ڪي ليئي) ڀي پروگرام نشر ڪيئي جاتي ٿي. 14 آگسٽ 1947ع ڪو آخري وائيس
راءِ لارڊ مائونٽ بيٽن ني پاڪستان ڪي دستور ساز اسيمبلي سي خطاب ڪيا. اور قائداعظم
محمد علي جناح ني گورنر جنرل ڪي حيثيت سي حلف اٺايا. ان تقريبات ڪا آنکون ديکا حال
براه راست تو نشر نهين ڪيا جا سڪتا ٿا ڪيونڪه اس ڪي ليئي ضروري سامان ميسر نهين
ٿا، ليڪن اس ڪي رپورٽس اس اسٽيشن سي نشر هوئين. ڪراچي ريڊيو اسٽيشن ڪي تفصيل همين
ريڊيو پاڪستان ڪي ملازمت اختيار ڪرني ڪي بهت سال بعد اپني ايڪ سينئر ساٿي علي محمد
ڇاڳلا سي معلوم هوئين. دوسري ذرائع سي اس ڪي ”تصديق“ ڀي هوئي.“
وڌيڪ
ثابتي ته صبيح محسن پاڻ به ڏئي سگهي ٿو جيڪو ڪراچي ۾ رٽائر زندگي گذاري رهيو آهي.
باقي خيرپور
کي ڪنهن تباهه ڪيو؟ ان جي جواب ۾ عرض ته سوال هي اُڀري ٿو ته رياست خيرپور جو
1955ع ۾ وجود ڪنهن ختم ڪيو؟ ان تي ڪو روشني وجهي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. ڪوثر ٻرڙي جي
ڪتاب ”ياد گهر“ ۾ سنڌ جي مشهور ۽ معروف ماڻهن سان گڏ اڻڄاتل شخصن (جن جو ٽوٽل انگ
116 آهي) جي خطن تي تاريخ لڳل ناهي. هن مهل اهو سوال ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهجي ٿي ته
ڇا 116 ماڻهن جا خط ڪوثر ٻرڙي کي هڪ ڏينهن ٽپال ۾ مليا يا اهو حسن اتفاق چئجي ته
116 ماڻهن ئي اهي خط هڪ ئي وقت لکيا هئا؟ ان جي به تشريح ٿي وڃي ته ڏاڍو سٺو
ٿيندو.
No comments:
Post a Comment