ڪتاب
”ڏوري ڏٺم ڏيھ“ تي هڪ نظر
عبدالواحد سومرو
اسان وٽ اڪثر دوستن جي محفلن ۾ بحث
ٿيندو رهندو آهي ته؛ ”معيار جي کوٽ آهي. باقي
مقدار جام آهي.“ ادبي تاريخ جي به کوٽ آهي. جيڪا لکي ويئي آھي، سا پوري ناهي. جي
آهي ته اها ڌارين جي لکيل آهي ۽ ان ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي حمايت جي بجاءِ مخالفت ئي ڪيل
آهي.
ان پس منظر ۾، ليکڪن پنهنجو تاريخ جي معيار جي حوالي سان
نه سهي پر پنهنجي تڪ ۽ تر کي محفوظ ڪرڻ جي لحاظ کان به چڱو ڪم ڪيو آهي. اهڙو هڪ
ڪتاب ”يادگيريون“ نالي سان نائون مل جو آھي، جنھن کان پوءِ، پنهنجي آس پاس جي
ماحول، منظرن، واقعن تي لکڻ جو هڪ رجحان وڌندي نظر اچي پيو ته ذاتي زندگيءَ کي به
محفوظ ڪرڻ واري لاڙي ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندي ملي ٿو.
اھا ننڍڙي ڪوشش، جيڪا قلمڪارن ڪئي آھي، تنھن ۾ يادگيرين
جي صورت ۾، گهٽ ۾ گهٽ ويجهڙ جي تاريخ، تڪ، ڳوٺ، واهڻ، وستيون، عمارتون، ذاتيون ۽
ذاتي ڪردار يا ڳاڻ ڳڻين انسانن کي ته گهٽ ۾ گهٽ محفوظ ڪري سگهجي؟ جيڪو اهم عملن
مان، ھڪ انتهائي اھم عمل آهي.
ايئن ان تسلسل جي هڪ ڪڙي ڪتاب ”ڏوري
ڏٺم ڏيھ“، ڀل ته اهو ان معيار جو نه سهي پر هڪ وک ته آهي جيڪا اڳتي کنئي
وئي آهي، هڪ ڪوشش ضرور آهي. هن جو سرجڻهار عاشق منگي
آھي، جيڪو استاد آهي. هيءُ ڪتاب، ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان، ڇپرايو ويو آهي.
هي ڪتاب ۱۲۰ صفحن تي مبني آهي. ڪتاب جو انتساب، عطا محمد ڀنڀرو جي نالي ڪيل آھي. اداري طرفان رياضت ٻرڙو ’پنهنجو ڏيھ، پنهنجا ڏيهي‘ ۾ لکي ٿو ته؛ ”ساروڻيرن
به خوشبودار ساهن جيان هونديون آهن، وجود منجھ اچن ۽ وڃن ۽ جيءَ کي هٻڪاري ڇڏن.
ايئن جيڪي ساروڻيون وجود منجھ اچي، چهٽي ويون يعني لکجي ويون، تن جي ڇا ڳالھ ڪجي!
انهن جي ڪهڙي ۽ ڪنهن سان ڀيٽ ڪجي. اسان جي مانائتي استاد، عاشق منگيءَ به پنهنجي
زندگيءَ جي ساروڻين کي ماضيءَ جي ڪهڪشان مان جهٽي ورتو آهي ۽ قلمبند ڪري هڪ نئين
حياتي ڏئي ڇڏي آهي.“
’عشق جي اسرار ۾ ٻڏل عاشق‘ جي عنوان سان، عنايت ميمڻ لکي ٿو ته؛ ”هو خوش نصيب آهي جو سنڌ جي
ٻهراڙيءَ ۾ رهي ٿو. سنڌ جي ڪچي ۾ هن ننڍپڻ ۽ جواني گذاري آهي. شايد اهو ئي سبب آهي
جو سندس لکڻين ۾ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿئي ٿي.“
’ڏوري ڏٺائين ڏيھ‘ ۾ انجنيئر
عبدالوهاب سهتو لکي ٿو ته؛ ”جن اوطاقن جي اندر ٿيل ڪچهرين کي ٻڌو اٿائين تن
اوطاقن جي کٽن ۽ منجن، ڇنن ۽ ڪوٺن، دلي ۽ مٽ کان وٺي گاھ ۽ ڪتر مشين تائين، هڙني جو
سندس دل ۾ واسو ڪيل آهي. اوطاقي مڙسن جي ڪچهرين ۽ ڳالهين مان جيڪو چس ۽ حظ حاصل
ٿيس، تن هڙني کي به هڙ ۽ هنج ۾ ورتو اٿائين، نه هِنن کي هٿان ڇڏڻ لاءِ تيار آهي ۽
نه هُنن مان ٻک ڪڍڻ لاءِ.“
’اندر جو آواز‘ ۾ سرجڻهار، پنهنجا ويچار خود هيئن ٿو
بيان ڪري؛ ”منهنجي طبيعت ۽ قابليت تي الائي ڇا ڇا چيو ويو، پوءِ به ’نئون ديرو دل
وارن جو ديرو‘ ڇپجي ويو. هيءُ ٻيو ڪتاب وري اوهان جي هٿن ۾ آهي. سڄي عمر سليبس جا
ڪتاب پڙهيا ۽ پڙهايا آهن. مروج طريقن کان هٽي ڪري، نئون اسلوب ان ڪري اختيار ڪيم
ته جيئن پڙهندڙن جي چاهت برقرار رهي. لکندي مون کان لکڻ جا ضابطا وسريو وڃن. هڪ ڌن
۾، جيئن من ۾ آيو، تيئن لکندو ويس.“
هن ۾ ڏھ عنوان آهن، جنهن ۾ ’ٿر سيمينار‘، ’سنڌي ماڻهن جي
سياسي ۽ سماجي سوچ‘، ’ڦٽل واھ، واهڙ ۽ واهيون‘، ’نئون ديرو: نئون جوش ۽ جذبو ڏيندڙ
شهر‘، ’محمد عيسيٰ ڪنڌر: جهانديد شخص‘، ’غلام اڪبر سومرو: روايتن جو پاسدار استاد‘،
’غلام نبي شاهاڻي: تعليمي آفيسر‘، ’سنڌي ٻولي ۽ سماج جو تجزيو‘. آخر ۾ اٿس؛ ’بري
هن ڀنڀور ۾‘.
’سنڌي ماڻهن جي سماجي ۽ سياسي سوچ‘ ۾ لکي ٿو ته؛ ”آهستي
آهستي، ڀٽو-مخالف قوتون گڏ ٿيون، ڀٽو پريشر ۾ اچي سوشلزم تان هٽي، مذهبي جماعتن جي
مطالبن کي مڃڻ لڳو. مثلًا جمعي جي ڏينھن موڪل ڪرڻ، شراب تي پابندي وجھڻ، صنعتون
واپس مالڪن جي حوالي ڪرڻ. پر ملا ۽ مولوي بضد رهيا ته پ پ پ، حڪومت کان الڳ ٿئي.
اليڪشن ۾ ڌانڌليءَ جي بهاني، هنگاما وڌي ويا ۽ پوليس ۽ رينجرز بيوس بڻجي وئي. آخر
فوج اقتدار تي قبضو ڪيو. جنرل ضياءَ ۽ ڀٽي وچ ۾، مريءَ ۾ ڳالهيون ڪامياب ڪو نه
ٿيون. آخر ڀٽي صاحب کي خون جي ڪيس ۾ ججن جي بنياد تي ڦاسيءَ جي
ڦندي تي پھچائي کيس شھيد ڪيو ويو.“
اڳتي لکي ٿو ته؛ ”اسان جي حڪمرانن جي جڏهن اسان جي
ٻوليءَ ۽ ثقافت، قديم عمارتن ۽ آثارن سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي ۽ انهن کي مٽائڻ جي
پويان هجن ته پوءِ سڌريل ملڪن واري ريسرچ ڪيئن ٿيندي. صرف محبت، اخباري بيانن،
جلوسن ڪڍڻ سان ڪجھ ڪو نه ٿو ٿئي. ڪم ڪرڻ لاءِ صدين جي پلاننگ ڪرڻي ٿي پوي. تڏهن ڪو
نتيجو سامهون اچي سگهي ٿو.“
’ڦٽل واھ، واهڙ ۽ واهيون‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛ ”سڄي سنڌ
۾ جيئن مقبرا ۽ مزارون وغيره اهميت رکن ٿيون تيئن واهڙ، واھ ۽ ڍنڍون ڍورا ۽ اسان
کي پنهنجي گم ٿيل تاريخ جا آثار ۽ نشان ڏسين ٿا. سنڌ جي تاريخ ايڏي ڇِڙوِڇِڙ ۽
منجهيل لڳندي آهي، جو ماڻهو ڪم ڪندي ٿڪجيو ۽ بي دليو ٿي پيو.
سکر واھ؛ سکر واھ، سنڌو درياھ مان نڪرندو هو. مديجيءَ جي
ڀرسان ڳاهيجا ڳوٺ آهي، اتي اڄ به آثار ڏسي سگهجن ٿا. گهاڙي واھ جيڪو مرکياڻي
زميندار کڻايو، اهو اڳ ذڪر ڪيل ڪورن مان نڪتو جنهن کي گهاڙي سڏيو ويو ۽ اهو ناڙي
بلوچستان تائين پهتو. اها به خاطري آهي ته ان وقت ناڙي سنڌ جي حدن ۾ هوندي، ڇو ته
دول درياھ خان، ڄام فيروز جي وقت، ترخانن ۽ ارغونن، کي سبيءَ تائين سنڌ مان ڀڄائي
ڪڍيو هو.
’نئون ديرو: نئون جوش ۽ جذبو ڏيندڙ شهر‘ ۾ ڪجھ ڳالهيون
لکيون اٿس: ”شهر اندر اهڙو ڪو پليٽ فارم جڙي سگهيو ناهي جيڪو حقدارن کي نوڪريون ۽
اهل شاگردن کي اسڪالرشپون وغيره وٺرائي ڏئي سگهي. ڇُڙ ڇُڙ گابڙا وانگر، ھر ڪو
پاڇولن پٺيان ڊڪندو رهي ٿو. دلالن ۽ ايجنٽن ايترو ڪمايو آهي جو هڪ دڪان جي پڳڙي
ويھ لک روپيا ٿي وئي آهي. ڪو به حلال جي ڪمائيءَ مان نه ڪاروبار ڪري ٿو سگهي ۽ نه
پلاٽ وٺي ٿو سگهي. هتي پلاٽ، لاڙڪاڻي کان وڌيڪ مهانگا ٿي ويا آهن. شهر اندر بجليءَ
جا پڻ مزا آهن. لوڊ شيڊنگ نه هئڻ جي برابر آهي. جڏهن ته پنج مهينا اڳ، شهرين لاءِ
عذاب هو. هتي وياج جو ڪاروبار عام خاص ٿي ويو آهي. هڪڙا گهر خالي ٿين ٿا ته ٻيا
ڀرجن ٿا. شهر ۾ ڪارن جو تعداد وڌي ويو آهي، پر رتيديري ۽ لاڙڪاڻي اڻ وڃڻ ڏاڍو
تڪليف ده ٿي پيو آهي.
ننگين پيرين، نٽهڻ ۾ تڙڳڻ لئه
ڊوڙي،
چينل واھ ڇنڊڻ ۾ موٽڻ گهران ٿو،
او ’تَبسم‘ مان، مطلب ته موٽي،
نئون ديري جي نٽهڻ ۾، موٽڻ گهران
ٿو.
ساڻيھ جي سڻڪن مٿان،
هوند ’تبسم‘ تُڪ اڏان،
ڀؤنرو ٿي ڀٽڪان،
من مٽي مان ڏئي
ويهي.“
’سنڌي ٻولي ۽ سماج جو تجزيو‘ ۾ عاشق صاحب لکي ٿو ته؛ ”اڄ
اسان ۾ جيڪي رجحان پلجي رهيا آهن، تن آڏو اگر بند نه ٻڌيو ويو ته هزار سالن جي
مثالي تهذيب ايئن لڙهي ۽ تباھ ٿي ويندي، جيئن سال ۲۰۱۰ع ۾ ٽوڙي بند جي ٽٽڻ سان اتر
سنڌ جا ننڍا وڏا ڳوٺ زمين تان ئي مسيارجي ويا. بد اخلاقي، بد امني، بي روزگاري،
ڪرپشن ۽ ٻين بيهودگين جي هلان، ايتري تيز ۽ ڇوهي ٿي وئي آهي جو هر شيءِ جو سنجيدگيءَ
سان جائزو وٺڻ ضروري آهي.“
مجموعي جي اندر ڪجھ فردن کي به ساريو ويو آهي. عاشق منگي،
بيتن سان پنهنجي لکڻي، جيڪا سادي سودي اٿس، دلڪش بنائڻ ۾ ڪافي ڪامياب ٿيو آهي. يادگيرين
کي سهيڙي، هڪ ڪتاب ۾ گلدستي وانگر گڏي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو اٿس. هڪ سٺي ڪوشش آھي،
جنهن تي ليکڪ کيرون ۽ جس لهڻي، جو اهو ڪتاب آندو اٿس. ان اميد ۽ آس سان ته اڃا
لکندو رهندو. ڪتاب لائبرري ۾ رکڻ جهڙو آهي.
No comments:
Post a Comment