07/05/2013

ڪاري رات جي راهه جو اجهايل ڏيئو - اداسي چانڊيو (Udasi Chandio)


ڪاري رات جي راهه جو اجهايل ڏيئو
اداسي چانڊيو
علم ۽ جهالت جي جنگ آدجڳادَ کان رهي آهي، جنهن وقت ماڻهو گوشت خور وحشي جانورن کان پڊتر هئا، جن ۾ پيار جي صفتن سان پري پري جو تعلق به نه هو، اُتي حيواني ۽ انساني ڪردار جو تفاوت صرف ۽ صرف علم ذريعي ئي ٿيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته اهو علم ايترو سولائي سان نه پکڙيو آهي، علم جي واڌ ويجهه لاءِ علم وارا جهالت جي ٻرندڙ مچ ۾ پتنگ بڻجي ائين ڪڏي پيا آهن، ڄڻ ته سندن محبوب ٻانهون ڊگهيڙي سامهون بيٺو هجي، اُنهي ئي علم جو پيامبر جنهن جي اکين ۾ جوش سان گڏ هر وقت سنڌ جهرڪندي هئي، ثقافت ۽ تاريخ جا کيپ ڀريل هوندا هئس، هلڻ ۾ قرب، بهادر، بي ڊپو، ڪردار ڪنهن اڇي ڪپڙي جيان صاف ۽ سٿرو، ٺلهين ڳالهين سان پري پري جو واسطو به نه، عمل جي راهه ۾ پختو، سچ چوڻو آهي ته سڀني کي به چئي ڏيندو ڪر، جو عملي پوئلڳ، کاهوڙي انسان، ٻن شهري مجموعن ”شهر شهر زخمي“ ۽ ”ڏاڍو ساريندين“ جو خالق قومپرست اڳواڻ، هڪ سٺو استاد شهيد زخمي چانڊيو، جنهن شڪاگو جي انقلابي تاريخ پهرين مئي 1961ع تي غريب هاري جي گهر ۾ جنم ورتو.

هن جو جنم ڇا ٿيو، ڄڻ هن جي علائقي ۽ قبيلي جي مُئل علم، شعور ۾ ساهه پئجي ويو. هن جو جنم جيڪڏهن گندي پاڻي ۾ ڪنول ڪوڙجي ته هرگز غلط ته نه ٿيندو. پنهنجي چوڌاري بغداد ۽ بصريٰ جهڙو حال ڏسي منصور جي صدا جهڙو بڻجي پيو. پنهنجي علائقي ۽ قبيلي جي فرعونن سان مهاڏو اٽڪائي بت خانن جا شيشاوان دروازا ٽوڙي پنهنجا هٿ پير زخمي ڪري به علم جي راهه جي مشعل پنهنجي هٿن مان نه ڪيرائي. هن ڏينهن رات هڪ ڪري دقيانوسي قوتن خلاف جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ هن سٺا اديب، شاعر، قومپرست پنهنجي علائقي جي ڳوٺن ۾ گهرائي ڪيترائي ليڪچر، ورڪشاپ، سيمينار ڪرائي شعور کان وانجهيل علم جي انڌن، جنهن جي رڳن ۾ رت جي بجاءِ ڄڻ ٿوهر جو پاڻي ڀريل هجي، گفتو ۾ گاريون، لهجن ۾ ڪرختگي، برائي ۽ بداخلاقي سندن پيشو، ناحق کي حق ۽ حق کي ناحق سمجهڻ وارا ماڻهو، جنهن ۾ زخمي سچائي، سٺائي، ڪردار ۽ اخلاق سان گڏوگڏ زبان ۾ شيريني پڻ پيدا ڪئي. تعليم جي دولت سميت قومي شعور سان کين مالامال ڪيو. پنهنجي قبيلي جي جاهل، بي شعور ماڻهن مان باشعور اديب، شاعر پيدا ڪيا، ناٺ ڌرتي ۽ ان جي عوام سان سچي محبت ۾ جان جو نذرانو ڏئي ڇڏيائين. سندس مرتئي تي شهيد بشير خان قريشي ان وقت چيو هو ته ”اڄ مان پنهنجي هڪ ٻانهن کان محروم ٿي ويو آهيان.“
پهرين مئي تي سندس 52هين سالگرهه آهي. اڄ جڏهن سندس ادبي، قومي روح مان ڦٽي نڪتل قبيلي جي شاعرن، اديب ۽ صحافين ڏانهن ڏسجي ٿو ته دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي ۽ من چوي ٿو ته هاڻي جو هاڻي شهيد زخمي چانڊئي جي بُٺي تي وڃي کيس دانهن ڏيان ته اي زخمي تو ته پنهنجي وحشي قاتلن کان به زندگي جي خيرات نه گهري هئي، تو ته وڏي واڪي قاتلن کي چيو هو ته منهنجو موت به توهان جي هار آهي، ڇو ته آئون اهڙا ته چيچڪا ڇٽي چڪو آهيان جن جي نسل ڪشي ڪرڻ اوهان جي وس کان ٻاهر آهي.
اي زخمي تون ته حق جي راهه ۾ شهادت جا جام پي مخدوم بلاول، شاهه عنايت، درياهه خان، راجا ڏاهر، هوش محمد، دودو، سورهيه بادشاهه ۽ ٻيا به هزارين نامعلوم شهيد جيڪي حق ۽ سچ لاءِ وڙهيا، تون به انهن جي قطار ۾ شامل ٿئين، تنهنجي واٽ ته هن ٽپي وانگر هئي ته:
”منهنجي ٽڪر ٽڪر ٿيل لاش کي منهنجي ماءُ اڳيان رکو ته پاڙي جون ڪنواريون ڇوڪريون کيس منهنجي سورهيائيءَ جون مبارڪون ڏيڻ اچن.“
اڄ جيڪي تنهنجي ڏسيل راهه جا مفڪر ٿي پيا آهن، هنن جو سوچون وياج خور سيٺ جهڙيون ۽ وري پيار ڪنهن بازاري عورت جهڙو ٿي پيو آهي. ذهن ڀيليل پوک جهڙو ته ڏات سڙيل ٿڙ جهڙي ٿي پئي اٿن. مفادن جي ڪيسر هن جا جسم سڪائي ڇڏيا آهن. لالچ جي مير هنن جا منهن ميرا ڪري ڇڏيا آهن. مون کان نه ٿا سڃاپجن ته ڪو هو تنهنجا ڇڏيل چيچڪا آهن.
اڄ جتي قومي وجود خطري ۾ آهي، وک وک نااميدي مايوسي ڏانهن آهي، اُتي زخمي چانڊيو جي شعوري اولاد واپس ماضيءَ جي اونداهي ڏانهن راغب آهي. دل چوي ٿي ته ڪو ئي اچي انهن کي روڪي ۽ ڪاري رات جي راهه جي اجهايل ڏِيئي جي واٽ تي آڻي.

No comments:

Post a Comment