يار ۽ يار جي يارِي تي لکيل ناول
مٺل جسڪاڻي
ٻين جي مون کي خبر ناهي، پر آئون جڏهن به ڪنهن ڪتاب يا لکڻي جو عنوان
پڙهندو آهيان، ته منهنجي ذهن ۾ عنوان جي نسبت سان ڪو نه ڪو خاڪو به جڙندو آهي! جڏهن
اهو ليک پڙهندو آهيان، ته پوءِ پنهنجي ۽ ليکڪ جي وچ ۾، جيتري هڪ جهڙائي يا وڇوٽي هوندي
آهي، ان جي خبر پوندي آهي.
دريا جي پڇاڙ واري ناول نويس حيدر دريا زئور
جي ٽئين ناول جو نالو، ڪجهه اهڙي بيهڪ ۾ لکيل آهي، جو مون ان کي پهريون ڀيرو ”ياد“
ڪري پڙهيو، ته هڪ خاڪو ذهن ۾ آيو، پر جڏهن خبر پئي ته هي ”يار“ آهي، ته عام معمولي
زندگي ۾ يار ۽ يار جي ياري واري حوالي سان ذهن ولوڙجڻ لڳو. عجيب قسم جو تجسس پيدا ٿيو!
آئون اڳ به اسرار ڪندو رهيو آهيان ۽ اهو به ڄاڻائيندو رهيو آهيان، ته
ناول ۾ ڊيگهه سبب آئون ڪو به ناول، پڙهڻ لاءِ پيسا ڀري وٺڻ باوجود پڙهي نه سگهيو آهيان،
پر... هي ناول، ٿورو ٿورو وقت ڪڍي، سيڙهجي پڙهڻ سبب، نيٺ مهيني ڏيڍ ۾ پڙهي ورتم.
”يار“ ناول، مستقل طور ناول لکندڙن ۽ پڙهندڙن، جيڪڏهن پڙهيو
آهي، ته کين وڻيو يا نه، جيڪڏهن اڃا نه پڙهيو، پر پڙهڻ سان وڻندو يا نه، ان سوال جو
جواب مون وٽ نه آهي، پر ايترو اعتماد سان لکي ۽ چئي سگهندس ته ”يار“ سٺو ناول آهي.
پڙهندڙن کي پڙهڻ گهرجي. خاص ڪري نون پڙهندڙن کي ته ضرور پڙهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن ناول
۾ عام سماجي زندگي گذاريندڙ انهن ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي پنهنجي آس پاس ۾ موجود
آهن. هن ناول ۾ هڪ ئي وقت مذهب، سياست ۽ پيار کي موضوع بنائي لکڻ سان گڏوگڏ، ٻين به
ڪيترن ئي پاسن تي لکيو ويو آهي.
مون کي خبر ناهي ته ٻيا ناول ڪيئن لکجندا رهيا آهن، پر هن ناول ۾ گهڻن
ئي هنڌن تي، موضوع جي مناسبت سان نثر ۾ ڪيترن ئي حوالن سان گڏوگڏ، ڳچ ساري شاعريءَ
جو به سهارو ورتو ويو آهي، جنهنڪري ڪٿي ڪٿي هي ناول گيتن ڀري ڪهاڻي به لڳي ٿو.
لاڙ جي پَٽ جو ناول نويس حيدر دريا زئور، هن ناول ۾ موجود ڪردارن ۽ مکيه
ڪهاڻي جي حوالي سان پاڻ لکي چڪو آهي، ته اڪثر مواد، ڪردارن پاران جيئن ادا ڪيو ويو،
تيئن ئي پيش ڪيو ويو آهي ۽ جيئن ته ليکڪ پاڻ به ميرپور بٺوري ضلع ٺٽي جو رهواسي آهي،
ان ڪري ناول ۾ استعمال ٿيل ٻولي جو لهجو به، ان علائقي سان گهڻو سلهاڙيل آهي.
ڇا ته عجيب حقيقي اتفاق آهي، ته هن ناول ۾ اهڙي گهر جي انهن ٽن سرگرم
ڪردارن جو بحث گهڻو آهي، جن جو سياسي، سماجي ۽ مذهبي نقطئه نظر هڪ ٻئي کان گهڻو پرڀرو
آهي. ان نسبت سان وڏا بحث ٿيل آهن. هن ناول ۾، جن ڪيڏي ڪيڏي مهل مون کي بوريت جو شڪار
پڻ ڪيو، پر رهنمائي به ته ملندي رهي.
جيتوڻيڪ مجموعي طور ناول جي ٻولي سهڻي ۽ سليس آهي، پر ڪٿي ڪٿي ڏکيا لفظ
به استعمال ڪيل آهن ۽ ڪن ڪن جملن ۾، اها رواني به نه آهي، جنهن سان بنا هٻڪ جي اڳتي
پڙهي نڪرجي.
مون کي هي ناول توسيعي، تبليغي، تاريخي وڌيڪ لڳو. ليکڪ جو پنهنجو ته خبر
نه آهي ڪهڙو نظريو آهي، پر هن ناول ۾ صوفي ازم تي گهڻو بحث ٿيل آهي. سياسي تاريخ ۽
بحث به گهڻو ملي ٿو. لکيل پڙهيل ۽ پرڻيل جو عشق، پڙهڻ مهل مون تي عجيب ڪيفيت طاري ڪندو
رهيو.
هي ناول وڏي عمر وارا پڙهندا ته تاريخ سچي يا ڪوڙي لکجڻ جي شاهدي ڏيندي،
تصديق ڪندا، يا وري درستگي لاءِ تجويزون ڏيندا. جيڪڏهن ننڍو نيٽو نوجوان نسل، هي ناول
پڙهندو، ته ان کي پنهنجي لاءِ لائه عمل جوڙڻ ۾ سولائي ٿيندي.
ياد رهي ته حيدر دريا زئور جي هن ناول ”يار“ جو ”مهاڳ“ زبير سومرو لکيو آهي. جڏهن ته ”تاثر“ جي عنوان سان آفتاب حسين کوهارو
ناول جو تفصيلي جائزو قلمبند ڪيو آهي. اداري موسى پبليڪيشن حيدرآباد پاران هي ناول
12 هين ڪتاب طور شايع ٿيو آهي. هن ناول جي آخر ۾ صفحي 272 تي اعجاز شاهه جو غزل ڇپيل آهي، جنهن جو هتي شايع ٿيڻ مون کي سمجهه ۾ نه آيو! هن کان
اڳ حيدر دريا زئور جا ٻه ناول ”رشتن
جي آزادي“ ۽ ”لفظن جي خواهش“ ڇپجي، وڪامجي، اڻ لڀ ٿي چڪا آهن. شايد هي ناول به ٿوري عرصي ۾ وڪامجي
وڃي ۽ پوءِ پڙهڻ لاءِ ڳولڻو پوي.
No comments:
Post a Comment