26/10/2012

سنڌي زبان ۾ فَنِي اصطلاح سازي ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لساني مهارتون - ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي (Dr. Shamsuddin Ursani)

سنڌي زبان ۾ فَنِي اصطلاح سازي ۽
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لساني مهارتون
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
ڊاڪٽر محبت جي شخصيت جا ڪيئي اڻ وسرندڙ پهلو آهن. هُو اولين طور هڪ اديب، مترجم ۽ قابل ڊاڪٽر جي حيثيت سان سڃاڻپ رکندڙ هو، پر ان کان علاوه به انسان دوستي ۽ ماڻهپي جون منجهس ڪيئي قابل داد خوبيون هيون، جنهن ڳالهه جي تصديق اڄوڪي تقريب ۾ رکيل سندس ترجمي ٿيل ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ منجھان به ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪتاب خود انسانيت جي ارتقا ۽ طبقاتي جدوجھد جي وسيع تناظر ۾ لکيل آهي. ان ڪتاب کي ترجمي لاءِ فقط اهڙو شخص منتخب ڪري سگھي ٿو، جيڪو جمهور پسند ۽ فڪر جي آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ ۽ خود وسيع ذهانت جو مالڪ هُجي. پر هتي آئون سندس جنهن رخ تي روشني وجھندس، سو هن جو خاص علمي انداز آهي، جنهن باعث آئون سندس شخصيت طرف ڇڪجي ويو هئس. منهنجو اشارو سندس لساني کوجنا طرف آهي، جيڪا پنهنجي اندر بلڪل نوان پهلو رکي ٿي. ان باري ۾ ئي آئون پنهنجا ويچار پيش ڪندس. ڊاڪٽر محبت بي قدريءَ واري ماحول ۽ ناموافق حالتن ۾ ان کي انتهائي جرئت منديءَ سان پيش ڪيو.

دوستو! آئون توهان وٽ هتي اچڻ جو فقط ان ڪري ساهس ڪري سگھيو آهيان، جو مون چاهيو ٿي ته سنڌي سگھاري ٻوليءَ وارا ڊاڪٽر محبت جا ويچار هڪوار ماحول ۾ گونجي ٻوليءَ لاءِ اتساهه پيدا ڪن، جنهن سان منهنجي هاريل هانوَ ۾ به نئين سِر همت جاڳي. آئون اعتراف ڪريان ٿو ته مجلس ۾ ته اچي حاضر ٿيو آهيان، پر پنهنجي شڪسته حاليءَ کي پاڻ منجھان ڪڍي نه سگھيو آهيان. جسماني طور ته لاغر آهيان ئي، ڇو ته ويجھڙائيءَ ۾ منهنجون ٻه آپريشنون ٿي چڪيون آهن، پر سچ پڇو ته روحاني ۽ ذهني طور ان کان به گھڻو افسرده آهيان. ڇاڪاڻ ته اڄ منهنجِي پيارِي جيجل مادري ٻوليءَ جو وجود خطرات مان گذري رهيو آهي، ۽ ان کي پرايا ته پرايا، پر پنهنجا به ڏنڀَ رسائي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ کي زوريءَ تعليمي معيار کان هيٺ زوال واري ڏاڪي طرف ڌڪيو ويو آهي. اڄ کان ڏهه سال اڳ ۾ سنڌي زبان تعليم طرف وڌندڙ مرحلي ڏانهن روان دوان هئي. ان زماني ۾ ڊاڪٽر محبت پنهنجي ڪمال مهارت سان سنڌي ٻوليءَ جو لساني چهرو ظاهر ڪري ان جا اصلي جوهر وکيريا ۽ تقليد پسندن جون وايون ولڙيون ڪري ڇڏيون. دراصل هن اڻ موافق ماحول ۾ سنڌي سائنسي ٻوليءَ جي هڪ علمي ۽ اصطلاحي واٽ نروار ڪري خود منهنجي خيالن کي تقويت رسائي هئي. افسوس جو اهو ئي ڊاڪٽر محبت پنهنجا زنده جاويد لساني ڪارناما اڌورا ڇڏي اڻٽر ضرورت ۾ منظر مان يڪايڪ پس منظر ۾ غائب ٿي پنهنجي چاهيندڙن کي وڏو صدمو رسائي ويو. هُو نه رڳو سنڌي ٻوليءَ بابت منهنجي جذبن کي سمجھڻ وارو انسان هو، بلڪ آئون سندس ذهني سفر ۾ پاڻ کي شامل حال سمجھندو هئس. ٻي هڪ اهڙي شخص جو هتي ذڪر نه ڪرڻ به بي انصافي ٿيندي، جو سرجن علي بخش جتوئي هو. هُو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو پروفيسر هو. هن علمي حلقن ۾ ملوث ٿيڻ کان پاڻ بچائي خاموشيءَ سان سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ وقت گذاريو. هن ويجھي عرصي ۾ جراحت (surgery) جي موضوع تي سنڌي زبان ۾ هڪ ضخيم ڪتاب لکي شايع ڪرايو هو، جنهن تان ميڊيڪل جا شاگرد استفادو ڪن پيا. آئون هن کي به پنهنجو ويچار ڀائي سمجھندي پاڻ لاءِ ڏڍ ڀائيندو هئس. سنڌ جا علمي حلقا اڄ به هنن ماڻهن جي اهميت کان بيگانه بڻيل آهن. سندن ڪاوشن جو وٽن ڪو به مُلهه نه آهي. اهڙن انسانن جي ساٿ کان سواءِ ٻوليءَ جي حقن واسطي ميدان ۾ وڙهندي، آئون پاڻ کي بلڪل اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته ميدان ادب تي اڄ ڪو به اهڙو عالم نه ٿو ڏسان جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي مقام بابت ڊاڪٽر محبت وانگر واضح نظريو رکندو هجي. سنڌ ۾ اهڙو ماحول هميشه کان ناپيد رهيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن منفرد تجربي يا قابل قدر فن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ڇڪجي وڃي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سائنسي اصطلاحن جي گھڙاوٽن ۾ به ڪڏهن به ڪنهن نصابي اداري قابل اعتنا سمجھي ڌيان نه ڏنو. ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر علي بخش جتوئيءَ کي به ڪنهن به سرڪاري يا نيم سرڪاري اداري اعزاز نه ڏنو، نه ئي وري انهن کان ايترو جس ٿيو جو سندن همت افزائيءَ لاءِ ئي کڻي ڪو مراسلو اداري طرفان موڪليو وڃي ها. قابليت جو اعتراف ڪرڻ به وڏي ظرف ۽ ذڪا جي ڳالهه هوندي آهي، جيڪا شايد اسان وٽان اڻ لڀ ٿي وئي آهي.
ڊاڪٽر محبت سنڌي لغت نويسي ۽ لسانيات ۾ هڪ انوکي وصف جي بِنا وِڌي، جيڪا مغرب جي فني روايت تي ٻڌل هڪ نئين لساني تحقيق هئي. اسان جا سنڌي نصاب نويس آڳاٽي دور کان ئي علمي اظهار واسطي ضرورت وقت نوان اصطلاح ضرور گھڙيندا هئا، جن جو بنياد يا ته نج سنڌي مادن مان نوان لفظ گھڙڻ تي ٻڌل هو يا ته وري نئين معنيٰ جي بدل واسطي ڌاري لفظ کي هُوبَهُو اختيار ڪيو ويندو هو. پر ان تجربي جو دائرو بلڪل محدود هو. اصطلاحسازيءَ واسطي باقاعدي ڪنهن فني واٽَ کي ڊاڪٽر محبت کان اڳ ۾ ڪنهن به عالم مطالعي هيٺ ڪو نه آندو هو. هُن لفظ جي نج مادي کي ڳولي، ان مان ٺهڪندڙ ترتيب سان اسم، فعل ۽ صفتون جوڙي ڏيکاريا، جيئن واحد لفظي ترڪيب مان هڪدم پورو علمي مفهوم واضح ٿي. اها ئي ڳالهه سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي علم جي اڻٽر تقاضا پڻ هوندي آهي.
اسان جون سنڌي-سنڌي لغتون اڻپوريون ۽ ڪيترن پاسن کان خالي ته آهن پر انگريزي-سنڌي لغتون جيڪي ڇپيل آهن، سي به ڪنهن بامعنى علمي ترجمي لاءِ بلڪل ناڪاره ثابت ٿيون آهن. شايد ان ڪري ئي سنڌي ٻوليءَ جو دامن مثالي سائنسي ۽ علمي ترجمن کان خالي رهجي ويو آهي. انهن لغتن مان ڪو به مترجم صحيح طور استفادو وٺي نه ٿو سگھي، ڇاڪاڻ ته ساڳي پاڙ مان نڪتل لفظن جون معنائون به هڪ ٻي سان مطابقت نه ٿيون رکن. فني اصطلاحن جي ڏنل معنائن مان علمي رخ ظاهر نه ٿا ٿين. ڊاڪٽر محبت تاسف سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هو ته ڪيترين لغتن کي اڻڄاڻائيءَ سببان پذيرائي ڏني وئي آهي، جن ۾ ڪن لفظن جون معنائون غلط ته ڇا پر گمراهڪُن آهن.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي زبان جي مڙني لهجات مان واحد سنڌي علمي زبان کي اسرائڻ جو قائل هو. اسان جي نام نهاد لساني ماهرن سنڌي زبان جي ننڍ ٻولين (Dialects) کي نروار ڪري انهن کي سنڌيءَ جي تعليمي، ادبي ۽ معياري زبان مٿان فوقيت ڏيڻ جي مشق ته تمام گھڻي تن دهيءَ سان ڪئي، پر مختلف لهجن کي ميڙي مُٺ ڪري هڪ معياري ۽ هردلعزيز سنڌي ٻوليءَ کي وسعت ڏيارڻ وارو عمل کانئن پڄي نه سگھيو. ادارن ۾ ويهي اهڙا ڪتاب ڇپائيندا رهيا، جن سان عام مقبول ٻوليءَ ۾ اتفاق بدران انتشار واري حالت کي هٿي ملي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ان سلسلي ۾ به لساني موقف چٽو هو. هو عملي ۽ افادي سنڌي ٻوليءَ جو قائل هو، جيڪا مختلف شعبن ۾ يڪسان مقبوليت رکي.
ڊاڪٽر محبت پهريون محقق هو جنهن سنڌي زبان ۾ عملي لسانيات جو بنياد وڏو ۽ ٻوليءَ جي افادي رخ کان بحث ڪيو. کانئس اڳ سنڌ ۾ لغت ۽ لسانيات جي سلسلي ۾ هڪ انوکي روايت کي زور وٺايو ويو جنهن ۾ پڙهيل لکيل طبقي اندر لساني عالم جو هڪ مبهم تصور پيدا ڪيو ويو. ان ۾ اهڙن لساني بحثن کي اهميت ڏني ٿي وئي جن ۾ ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت لايعني تبصرا ڪيل هجن، جن مان عموماً پڙهندڙ ڪو به نتيجو ڪڍي نه سگھندو هو. سنڌي ٻوليءَ کي ماڊرن ٻولين وانگر پنهنجو تعليمي نظام اليڪٽرانڪ ميڊيا، صحافت ۽ علم و ادب جو ميدان آهي. اڄوڪي دور ۾ لغت نويسيءَ جون تقاضائون پڻ جديد نوعيت جون آهن. هاڻوڪي لسانياتي فن ۾ ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ ڦيرين گھيرين، لفظن جي مثبت واڌارن ۽ اوڻاين کي دور ڪرڻ واسطي اهڙو لغتي عمل اختيار ڪيو ويندو آهي، جيئن ٻوليءَ جو اظهاري وهڪرو وسيع ۽ آسان تر بنجي جديد دور جي ميڊيائي تقاضائن کي پاڻ ۾ سميٽي سگھي. ڊاڪٽر محبت لفظن جي ڇيد ۽ معنائن متعلق جيڪي به بحث ڪيا، سي سنڌي لسانيات ۾ بلڪل نوان موضوع هئا. ان ريت هو نئين لغتي فن جو به ڄڻ ته محرڪ هو.
ڊاڪٽر محبت مٿي ذڪر ڪيل سڀني تضادن ۽ لساني پهلوئن جو گھرو شعور رکندڙ هو. سندس ليک ان ڳالهه جو ثبوت آهن. مون ساڻ ملاقات ۾ پڻ هن اهڙا ئي ويچار ونڊيا هئا ۽ نهايت مفيد بحث ڪيو هو. هُو سنڌي ٻوليءَ جو شيدائي ۽ ان جي ارتقا ۽ اوسر ۾ مضبوط اعتقاد رکندڙ هو. هو لسانيات جو عالم ۽ ڄاڻو هو، پر اصل ڳالهه اها آهي ته هن ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪا به عارضي واٽ اختيار ڪرڻ بدران هڪ پائدار لساني واٽ اختيار ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا عملي ۽ بامقصد هجي. هن پنهنجن مضمونن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن لساني رخن ۽ زاوين کي کولي بيان ڪيو آهي، جن مان اسان جي مادري زبان جي زرخيزي ثابت ٿي ٿي. توهان کي ٻُڌي خوشي ٿيندي ته اسان جي نوجوان لساني کوجنائڪ انجنيئر احسان احمد عرساڻي، جيڪو مهراڻ انجنيئرڱ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جا فرائض بجا آڻي رهيو آهي، تنهن جون علمي ڪاوشون پڻ محبت جي لساني موضوعات جو تسلسل ثابت ٿيون آهن. هن خود محبت ٻرڙي جي زندگيءَ ۾ ئي سندس مضمون جي تائيد ۽ وضاحت ۾ چند مفيد مضمون لکيا هئا. احسان ماضيءَ ۾ ٻوليءَ جي گم ٿيل مادن يا گھٽ استعمال ٿيندڙ ڪڙين جي ڳولا ڪري منجھائن نوان اصطلاح گھڙي انهن کي علمي ۽ سائنسي اظهار جو موثر ذريعو بنايو آهي. حاضر دور ۾ سندس هڪ مضمون ماهوار ”پيغام“ ۾ بعنوان ”سائنسي علم جي تاليف لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي وسعت“ شايع ٿيو آهي. سندس ڪڍيل نتيجن مان ثابت ٿي ٿو ته سنڌيءَ جي گنجَ ۽ لفظيات (vocabulary) کي وسعت ڏيڻ لاءِ خود ٻوليءَ اندر ئي متعدد گڻ موجود آهن. آئون اميد ڪريان ٿو ته هن اڪيڊميءَ جا اراڪين به ڊاڪٽر محبت جي ڏسيل واٽ تي قدم وڌائيندا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي علمي ۽ سائنسي اظهار واري ڪامياب زبان بنائڻ جو ساهس ڪندا ۽ ڊاڪٽر صاحب جو خيال حقيقت ۾ بدلائيندا.
منهنجي اوهان کي اها به گذارش آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي معاشري ۾ اعليٰ ترين مقام ڏيارڻ لاءِ پنهنجي فرض کان غافل نه رهندا.

No comments:

Post a Comment