ويرونيڪا جي موت جي چونڊ
شبنم شميم
زندگي ۾ کوڙ سارا ڪم آهن، جيڪي اسين ڪندا آهيون به، ته ٻين لاءِ ۽ نه به ڪندا آهيون، ته به ٻين جي ڪري نه ڪندا آهيون.
نارمس (قدرن) جي نالي تي اسان ننڍپڻ کان سيکاريا ويندا آهيون ته اسان کي ڇا ڪرڻ
گھرجي ۽ ڇا نه.
ڪرڻ نه ڪرڻ جي چڪر ۾ ڦاسي شيون پيچيده کان پيچيده ٿيندي نيٺ بگڙجي ان
حد تائين پهچنديون آهن جيئن بقول شاعر ’نه اِدهر ڪي رهي نه اُدهر ڪي رهي.‘ دنيا ۾
ڪا به مينٽل هاسپيٽل نه هجي ها جيڪڏهن اسان شين ۽ شخصيتن کي ائين رهڻ، وڌڻ ۽ ويجھڻ
ڏيون ها جيئن اهي هيا پر نه آدم انسان کي روءِ زمين تي رهڻ لاءِ، هلڻ لاءِ، جيئڻ
لاءِ ٽرمس ۽ ڪنڊيشن کپيا پئي ۽ انهن ٽرمس ۽ ڪنڊيشن لاءِ هنن فطري واڌ ويجھ جي
قرباني ڏني ۽ نتيجتن اڄ اسان مان هر ٻيو ماڻهو ذهني طور يا وري روحاني طور تي
بيمار آهي. پنجاهه سالن جي زندگي ۾ نه صرف آدم انسان پاڻ رات ڏينهن جي وچ ۾ ڪيترا
ڀيرا مري ٿو ۽ ڪيترا ڀيرا جيئي ٿو پر جيترا دفعا به هو مرڻ واري ڪيفيت مان گذري ٿو
هو پنهنجو اهو ئي درد ٻين ۾ ڏسڻ گھري ٿو ۽ ائين هو پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن عمل سان
ٻين کي به ان ساڳي سور ۽ انتقام جي
ڪيفيت مان گذاري ٿو. گھٽ ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو سور اندر ۾ ئي سانڍي ٻئي کي ٻه پل
مرڪڻ لاءِ ميسر ڪن ٿا. پر ڇا ٿي پئي ها جيڪڏهن گناهه ۽ ثواب جا ماپا نه هجن ها،
برائي ۽ بدي جو تصور نه هجي ها، هر هڪ کي اها آزادي هجي ها ته هو ٻين لاءِ نه، بس
پنهنجي لاءِ جيئي ها. هن کي اها موڪل هجي ها ته هو پنهنجي اندر کي پڙهي ۽ اهو ئي
ڪري جيڪو سندس اندر ۾ هجي ها ائين کيس ٻه روپ نه ڌارڻا پون ها. هن کي پنهنجي اندر
جي اظهار جي آزادي هجي ها. هن کي صرف ان لاءِ پنهنجون خواهشون نه دٻائڻيون پون ها
ته ٻيا ڇا سوچيندا ۽ چوندا، اهو ئي آهي ان ناول جو موضوع جيڪو مان اوهان سان
ويچارڻ وڃي رهي آهيان.
پائلو ڪوئلو
کي جڏهن کان مون پڙهڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان کيس يڪو ئي پڙهندي رهي آهيان، توڻي جو
هن جي مشهور ڪتابن ۾ سڀ کان مٿي الڪيمسٽ آهي، پر شايد آگ ڪا دريا
۽ عشق جو آواز اڳ ۾ پڙهيل هجڻ ڪري مان الڪيمسٽ کان ته متاثر نه
ٿيس، پر الڪيمسٽ پڙهڻ بعد مان هن رائيٽر جي لکڻي جي انداز کان متاثر ضرور ٿيس ۽
اهو ئي سبب آهي ته ان بعد جڏهن به آفيس مان ٽائيم مليو ته مان ڊفينس مان اردو
بازار وئي هوندم ۽ واپسي ۾ منهنجي هٿ ۾ پائلو جو ڪو نه ڪو ڪتاب رهيو ئي رهيو.
مسٽري، صوفيئزم، رولاڪي، جنس هر موضوع تي ته هن جي گرفت رهي آهي. هن جنس جهڙي
بظاهر غير ممنوع موضوع تي به ائين لکيو آهي جو ڪنهن کي ڏکيو به نه لڳي ۽ هر ڪو ئي
پڙهي به. شراب جي گلاس کي پاڻي بڻائي زاهد کي پيارڻ، ته جيئن زاهد کي گناهه به نه
لڳي ۽ پاڻي جي هڪ هڪ سپ مان کيس سڪون جو احساس به رهي. اهو گُر جيڪڏهن ڪنهن ۾ آهي
ته اهو برازيل جي پائلو ۾ ئي آهي. هڪ هڪ ڪتاب جو الڳ الڳ ٽيسٽ اٿس. الڪيمسٽ ظاهر،
وريئر آف لائيٽ ۽ هاڻ
‘Veronika decides to die’
ويرونيڪا ڊسائيڊس ٽو ڊاءِ ۾ پائلو جنهن خوبصورتي سان ڪرڻ نه ڪرڻ جي انساني پابندين ۽ خواهشن
جي دٻائڻ سببان رد عمل طور انساني جسم ۾ ٿيندڙ پيچيدگين تي لکيو آهي ان کي جيترو
ساراهجي سو گھٽ آهي.
هڪ طرف هن ڪل ڪائنات ۾ انسان ئي اها واحد جيوت آهي جيڪو سوچ ۽ سمجھ
جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ٻئي طرف ساڳيو انسان ئي آهي، جيڪو سوسائٽي جي نام نهاد پابندين
کي چاهيندي نه چاهيندي فالو ڪري ٿو ۽ نتيجتن سڀ کان وڌ ڀوڳي به ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن
ڀوڳنائي جي اها پيڙا کيس ان هنڌ رسائي ٿي جتي هن وٽ ٻه آپشنس هجن ٿا يا ته اندر
جون سڀ خواهشون اندر ۾ کڻي خودڪشي جو واٽ وٺي يا وري بزدل بڻجي پنهنجي تمام تر
پيچيدگين (Complexities) سميت هلندڙ ڦرندر ٽائيم بم بڻجي سوسائٽي ۾ رهي ۽
نام نهاد سوسائٽي کي وڌيڪ بيمار ڪري، پر هتي ناول جو مکيه ڪردار خودڪشيءَ کي ترجيح
ڏئي ٿو ۽ هڪ خوبصورت موت جي تمنا کڻي ننڊ جي گورين جو اوور ڊوز کائي ان پڪ سان
سمهي ٿي ته هاڻ جڏهن اک کليس ته هو جنت ۾ هوندي پر ستن ڏينهن بعد جڏهن اک کليس ٿي
ته هوءَ جنت ۾ نه، پر شهر جي چرين جي اسپتال ۾ هجي ٿي ان خوشخبري سان ته هوءَ وڌ ۾
وڌ هفتي بعد اتي ئي وڃڻي آهي جنهن جي خواهش کڻي هن گوريون کاڌيون هيون، پر بجاءِ
ان خوشخبري تي خوش ٿيڻ جي هوءَ وڌيڪ افسرده ٿئي ٿي ته جيڪو موت سڀاڻي ٿيڻو آ، اهو
هاڻ ڇو نه؟ هوءَ نرسن کي ايلازي ٿي، منٿون ڪري ٿي ته ليٽ هر ٽو ڊاءِ، پر اسپتالون
ماڻهو بچائڻ لاءِ هجن ٿيون، نه ڪي مارڻ لاءِ، سو مايوس ٿي هوءَ موت جو انتظار ڪرڻ
لڳي ٿي، پر هت به سندس Curiosity مري نه ٿي ۽ باوجود موت کان چند وکن جي
مفاصلي تي هجڻ جي به هوءَ هن چرين جي دنيا کي سمجهڻ ۽ پرکڻ شروع ڪري ٿي. کيس حيرت
ٿئي ٿي ته هتي جيڪي داخل آهن جن کي ٻاهر جي دنيا چريو ٿي سمجھي سي حقيقتن چريا نه
آهن، هو ڪنهن به صورت ۾ انهن کان مختلف نه آهن، جيڪي هن اسپتال جي چؤديواري جي
ٻاهر گھمن ٿا. ائين کيس بيزارگي بجاءِ اتي جي رهواسين سان پيار ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽
اتان کان هوءَ مرڻ بجاءِ جيئڻ چاهي ٿي ۽ پنهنجون اهي سڀ خواهشون جيڪي هوءَ نارمس ۽
مينرس جي نالي تي سياڻن جي دنيا ۾ نه ڪري سگھي هئي، هاڻ چريائپ جي ليبل لڳڻ بعد
ڪرڻ گھري ٿي ۽ ائين هوءَ ايڊورڊ نالي هڪ نوجوان سان، جيڪو پڻ اتي داخل آهي، پيار
ڪرڻ شروع ڪري ٿي، اهو ڄاڻندي به ته هو سندس پيار مان ڪجھ به نه سمجھندو ڇو ته هو
بيمار آ، پوءِ به هوءَ پنهنجي دل هن اڳيان کولي ويهي ٿي رهي. هن لاءِ روز رات جو
پيانو وڄائيندي رهي ٿي، ان ڳالهه کان بي خبر ته سندس محبت، بيمار ايڊورڊ جا زخم
ڀري ڇڏيا آهن.
هاڻ جڏهن هوءَ زندگي جي اهميت کان آگاهه ٿئي ٿي ۽ ڊاڪٽر کان جڏهن کيس
اهو به معلوم ٿئي ٿو ته وٽس جيئڻ لاءِ بس ۲۴ ڪلاڪ آهن، ته هوءَ ان بعد ڊاڪٽر سان جيڪا ڳالھ ٻولھ ڪري ٿي. اهي
مڪالما نه صرف جذباتي ڪندڙ هجن ٿا بلڪ ان جو هڪ هڪ لفظ اسان سڀني جي اندر جي
ترجماني به ڪري ٿو:
Dr. I want to feel the rain of on my face, to
smile at any man I fell attracted to, I want to kiss my mother, tell her I love
her, weep in her lap, unashamed of showing my feelings, because they were
always there even though I hide them. I might go into church and look at those
images that have never meant anything to me and see if they say something to me
now. If any interesting man invites me out to club, I will accept and dance all
night until I drop. I want to meet those with whom I never say to hello, I want
to see my city again and finally to death......
۽ مان پڪ سان ڄاڻان ٿي ته هن ڪتاب پڙهڻ بعد اسان پڙهندڙن مان گھڻن جي
زندگي جيئڻ بابت سوچ ۾ فرق ايندو ۽ اسان ماضي ۽ مستقبل ۾ جيئڻ بجاءِ حال ۾ جيئڻ جي
ڪوشش ڪنداسين.
واھ واھ!
ReplyDelete