11/10/2012

سنڌي اردو لُغت (ڪتاب/ڊڪشنري) - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سنڌي اردو لُغت

(ڪتاب/ڊڪشنري)

 رکيل مورائي
هن ملڪ جي الڳ الڳ حصن ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻولين جي واڌ ويجهه لاءِ جيڪي ادارا جڙيا آهن، اهي پنهنجي ليکي ڪيترو ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جو ليکو چوکو رکڻ لاءِ سرڪار سڳوريءَ وٽ ڪهڙا طريقا آهن، انهن جي سُڌ اڄ تائين ظاهري طور ڪنهن کي به پئجي نه سگهي آهي، پوءِ به سندن ڪم ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نظر اچي ئي وڃي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ غير سرڪاري ادارا جيڪو ڪم ڪن ٿا، اهو، رڳو نظر اچي ٿو پر ان جي پهچ به هر علائقي ۾ ٿئي ٿي، جنهن مان عام ماڻهو به فائدو وٺي ٿو. اهڙو ئي هڪ اهم ڪم ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور ڪراچيءَ جي پاران ٿيو آهي، جيڪو سنڌي اردو لُغت جي روپ ۾ ظاهر ٿيو آهي، ڪاٺياواڙ اسٽور پاران اڳ ۾ به پڙهندڙ لاءِ خاص طور چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ ڪيئي ڪتاب ڇپرايا ويا آهن، پر تازي لغت هڪ نهايت ئي اهم آهي.
غالبا هيءَ پهرين سنڌي اردو لغت آهي، جيڪا سنڌ ۾ موجود ٿي آهي، هن لغت جو جوڙيندڙ سنڌي ادب جو هڪ نهايت پُرخلوص نالو بدر ڌامراهو صاحب آهي، ظاهر آهي ته هيءَ لغت آهي ان ڪري ان ۾ورهين جو پورهيو شامل آهي، جنهن جو ذڪر مرتب پنهنجي پيش لفظ ۾ ڄاڻايو آهي. سنڌي اردو لغت جي استعمال ڪرڻ جي تفصيلي ڄاڻ شروعات ۾ نهايت تفصيل ۽ سهڻي نموني ڏٺي وئي آهي. اهڙي طرح جو سنڌي اُچار، واحد، جمع، مذڪر ۽ مونث وغيره کي سنڌي اچار مٽجڻ کان پوءِ آسانيءَ سان اردوءَ ۾ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ اهي باريڪيون، جيڪي سنڌي ۽ اردوءَ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن. لغتن لاءِ جيڪو علم گهرجي، ان جي هوند ڌامراهي صاحب وٽ موجود آهي، جنهن سنڌي نه ڄاڻندڙن لاءِ ته هڪ اهم لغت ميسر ڪري ڏني آهي، پر خود سنڌين لاءِ اردو ٻوليءَ، ان جي اچارن، محاورن ۽ ٻين گهرجن کي سمجهڻ لاءِ هيءَ لغت گهڻي ڪار آمد ٿيندي. اهڙي پڪ لغت ۾ شامل ٻيش لفظن مان ئي پوي ٿي. ڌامراهي صاحب جي هن ورهين جي محبت مان سنڌي پڙهندڙ توڻي اردو پڙهندڙ هڪ جيترو فائدو وٺندا. اهرو يقين ڪندي، اهو پڻ چوڻ سڀاويڪ آهي ته سنڌي توڻي اردو ٻولين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ هن قسم جا عمل گهڻو فائديمند ٿيندا آهن. ٻوليون علم آهن ان ڪري جيتريون ٻوليون انسان ڄاڻندو ۽ انهن جي بڻ بڻياد کان واقف هوندو اوترو ئي اهو شخص گهڻو پرائيندو.
  مختلف ٻولين جي مٽا سٽا گهڻن ماڻهن لاءِ لاڀائتي ٿيندي آهي، شرط فقط اهو آهي ته انهن سڀني شين مان لاڀ حاصل ڪيو وڃي. ڌامراهي صاحب جو هيءَ پورهيو نه فقط اردوءَ جي ڳالهائيندڙن کي ياد رکڻ گهرجي پر سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ پڙهندڙن کي پڻ ياد رکڻ گهرجي ۽ ان اداري جي نيڪ خواهشن ۽ نيڪ عمل کي به ياد رکڻ گهرجي جنهن هي ڪم ڪيو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي ٽي سَو ڇهانوي صفحن تي ٻڌل پڪي جلد واري هي لغت ڪاٺياوار اسٽور اردو بازار ڪراچيءَ پاران ڇپي آهي جنهنڪري انهن گهڻو جس لهڻو. هن لغت جو ملهه پنج سَو رپيا آهي. اها پڪ آهي ته هيءَ لغت نه رڳو عام پڙهندڙن لاءِ فائدي واري ٿيندي پر اديب برادريءَ لاءِ پڻ، جنهن جو نالو آهي علمي سنڌي اردو لغت ۽ ان جو مرتب آهي محترم بدر ڌامراهو.

No comments:

Post a Comment