خان پور جون گھٽيون
(علي زاهد جي ڪتاب ”ناچڻي“ جو مهاڳ)
سرمد چانڊيو
خان پور جون گھٽيون، زاهد جو ننڍپڻ، زاهد جي شاعري ۽ زاهد
جو عشق ـــ چار موضوع آهن. آءٌ ڪنهن به موضوع سان نڀائڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪريان.
سنڌ تي
ڪيئي ڪاهون، هلائون ٿيون آهن. يونانين، ايرانين، عربن، ارغونن، مغلن، غزنين ۽
ترخانن هن خطي کي لٽيو ڦريو تلف تاراج ڪيو. ايئن ئي خان آف قلات جو نالو به انهن ۾
شامل آهي. خان ڳڙهه جيڪب آباد، خان قلات جي چونڪي هئي، خانپور شڪارپور واري به خان
قلات جي چونڪي هئي، ايئن خانپور ڪَڪَڙِ واري به خان قلات جي چونڪي هئي ۽ فتح پور
جھوڪ به خان قلات جي چونڪي هئي.
لاڙ جي ٻن گھراڻن سومرن ۽ سمن کان پوءِ سري جي
هڪ گھراڻي ڪلهوڙن سنڌ تي حڪمراني ڪئي. جن اهي سموريون چوڪيون هٽائي موجوده سنڌ جو
نقشو حڪمراني هيٺ آندو. باقي ڀاڳ ناڙي کان لس ٻيلي تائين سنڌ جو پرڳڻو خان قلات
ٻيلي جي ڄامن جي حمايت سان بلوچستان ۾ آڻي
ڇڏيو.
زاهد، ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاهه جي خاندانن جو چشم
چراغ آهي، زاهد جي ابن ڏاڏن جي ترارين ۽ ٻانهن جي ٻل خانپور کي آزادي بخشي، جيڪو
اڄ به سندن اباڻو شهر آهي، جنهن لاءِ زاهد حيدرآباد ۾ رهندي لکيو.
ياد ٿيون مون کي اچن،
خانپور تنھنجون گھٽيون.
ٻارُ ڪو ڪنھن ڏي ڊُڪي،
ڄڻ ته ٿيون مون سان ڊڪن،
خانپور تنھنجون گھٽيون.
عروض جو
پهريون سنڌي شاعر آءٌ سيد ثابت علي شاهه کي مڃيندو آهيان ۽ سنڌي نظم جو پهريون
شاعر ميان سرفراز ڪهلوڙي کي سمجھندو آهيان، جنهن جي خاندان مان علي زاهد آهي.
جديد دور
جي نظريات ۾ ذات پات ڀيد ڀاوَ جي ڪائي گنجائش ناهي ۽ نه وري اهو ڪو پرک جو نقطو
آهي، پر تاريخي سلسلي جون ڪڙيون ضرور آهن ــ علي زاهد کي ڪيئن پرکجي؟ اهو سوال
پنهنجي جاءِ تي ڏاڍو ڏکيو آهي. علي زاهد جھڙو پنهنجي شخصيت ۾ خوبصورت آهي ته سندس
شاعري تهڙي ئي حسين ترين آهي. ننڍي کنڊ جو ادب جيترو به مون پڙهيو ، واچيو ۽ پرکيو
آهي، ان مطابق ڳالهه کي اڳتي وڌايان. علي زاهد جا نظم سنڌي نظم جي لڙهين ۾ شاهڪار نظم آهن ــ حالانڪ نظم جي تاريخ کڻي ڪيڏي به
پراڻي ڇو نه هجي، پر جديد نظم جيڪو ’ڪشنچند بيوس‘ سنڌ ۾ پڙهندڙن کي ڏنو، بلڪل شيخ
اياز ان کي ادب جي فلڪ تي اڃا به وڌيڪ اڀاريو تيئن زاهد به نظم جا رهيل رنگ ڀري ان
نظميت ۾ واڌارو ڪيو آهي. زاهد جو بيانيه انداز به هڪڙو ناهي، ان ۾ ڪيئي رنگ آهن،
ڪٿي ڪهنا مشق شاعرن جيان فارسي گرامر کان ڪم ورتو اٿس ته ڪٿي عام سنڌي لهجو
استعمال ڪيو اٿس، ڪٿي وري ٺيٺ ادبي ساهتيا انداز ۾ خيال آرائي ڪئي اٿس، پر فڪر
جديد کان جديد تر بيان ڪيو اٿئين. اچو ته فارسي گرامر وارين ترڪيبن جو ڪجهه حظ
حاصل ڪريون.
اي دل ِ عُـشـاق! تـوکـي،
ڪو نئون انجام گھرجي.
ويڄُ ڪوئي نئون کپي ٿو.
ڪا نئين مرهم کپي ٿي،
زخم ڪورو ڪو رَسڻ لئه،
عشق ٻيو ناڪام گھرجي.
ڪو نئون انجام گھرجي.
ويڄُ ڪوئي نئون کپي ٿو.
ڪا نئين مرهم کپي ٿي،
زخم ڪورو ڪو رَسڻ لئه،
عشق ٻيو ناڪام گھرجي.
ساڳي ئي نظم جي آخر ۾ چيو اٿائين:
شـهــرِ نـاامـيـد ۾ بـس،
يادگيريون کـوڙ ئي ٿيون،
عاشقيـون، رولاڪيـون ڀي،
۽ بي باڪيون کوڙ ئي ٿيون.
ڪو نئون رستو کپي ٿو،
ڪا نئين ٿي گام گھرجي.
اي دل عُـشـاق! تـوکـي،
ڪو نئون انجام گھرجي.
يادگيريون کـوڙ ئي ٿيون،
عاشقيـون، رولاڪيـون ڀي،
۽ بي باڪيون کوڙ ئي ٿيون.
ڪو نئون رستو کپي ٿو،
ڪا نئين ٿي گام گھرجي.
اي دل عُـشـاق! تـوکـي،
ڪو نئون انجام گھرجي.
يا غزل جو
هيءُ بيت:
حال ِ دل ڇــا
چـئـون، جـو سکي ٿي پڇي،
ڪئن چئون پاڻ
هون دل فگارن منجھان.
يا هن غزل
جا ڪجهه بيت:
هي
ياد دل فريبي، هي خيال ِ يار دوکو،
۽ وصلِ دوست خاطر، هي انتظار دوکو!
۽ وصلِ دوست خاطر، هي انتظار دوکو!
چـشـمِ
غـزال ِحيران، ڪا آبـجُـو تـلاشـي،
بي چـيـن روح جنهن جو، ازلان قـرار دوکو.
بي چـيـن روح جنهن جو، ازلان قـرار دوکو.
اي دل! مڙين نه ٿي ڇو، دشت ِ فراق کان تون؟
چاهت سراب آهي، جنهن جو اَپار دوکو.
چاهت سراب آهي، جنهن جو اَپار دوکو.
ڏِس
وير اڄ چڙهي آ، ڇو جھاڳ تو ڀُلي آ؟
اٿُ، ڪاههِ! ناو مانجھي، پهلوءِ يار دوکو.
اٿُ، ڪاههِ! ناو مانجھي، پهلوءِ يار دوکو.
دست ِ
جنون به ڪنهن لئه، راهه ِ نجات ٿيو آ؟
زاهد! وڃين ٿو ڪاڏي، هر اعتبار دوکو!
زاهد! وڃين ٿو ڪاڏي، هر اعتبار دوکو!
اظاف ۽
معظوف جو تعلق جيڪو فارسي زبان جو اعليٰ ترين، زير سان جڙيو يا جوڙيو وڃي ٿو بلڪل
تيئن ئي زاهد به اهو گرامر جيئن جو تئين پنهنجي بيان ۾ ڪتب آندو آهي ــ حالانڪ پاڻ فارسي پڙهيل ناهي پر وسيع مطالعي جي
بنياد تي هڪ ذهين ترين پڙهندڙ جيان پاڻ سمجھي ورتائين ته وائو لطفي ۽ حرڪت اشبائي جو
استعمال ڪيئن ڪجي. نه رڳو ايترو پر هڪ لساني ماهر جيان حرف جملي جو سنڌي پراڻو
طريقو به نه وساريو اٿئين.
دل ِ
عشاق، شهر ِ نااميد ، حال ِ دل، خيال ِ يار، وصل ِ يار، چشم ِ غزالِ حيران، آب ِ
جُـو، دشت ِفراق، پهلوءِ يار، دست ِ جنون، راهه ِ نجات ۽ ٻيون اهڙيون فارسي
ترڪيبون استعمال ڪري زاهد پنهنجي نظم کي وسعت بخشي آهي. اهو مشق جو انداز توڻي جو
گھڻو پراڻو ٿي ويو آهي پر نئين فڪر ۽ فراست جي ڪري پراڻو نه ٿو ڀاسي. ايئن ئي
پراڻي سنڌي گرامر جو هي نيم به شاندار نموني نڀايو اٿس:
بي چين روح
جنهن جو، ازلان قرار دوکو
لفظ ازل
سان ’کان‘ حرف جملي جي ’آن‘ ملائي ان کي ’ازلان‘ ڪري هڪ مثال قائم ڪيو اٿس. زاهد
لاءِ هيئن کڻي چئجي ته هُو ٻوليءَ جي روايتن جو واقعي امين آهي.
آءٌ هڪ
مڪمل شاعر کي ڪنهن هڪ صنف جو تخليقڪار چئي، ان جي علمي وسعت کي گھٽائڻ جي ناڪام
ڪوشش نه ڪندس. علي زاهد هڪ اهم شاعر آهي، جنهن جي سنڌي ادب کي وڏي ضرورت هئي، هن
مٽيءَ جي اها مهانتا آهي جو اها ضرورتن پٽاندر پنهنجو پاڻ مان ڪيئي پٽ پيدا ڪري
پنهنجو مرتبو برقرار رکندي آهي ــ علي زاهد جا گيت، غزل، نظم توڻي وايون، سڀ هن
ڌرتيءَ جي ضرورت پٽاندر پنهنجو پنهنجو ڪارج سڌ ڪرڻ لاءِ سرجيل آهن، جن ۾ رنگ ۽
خوشبو جو نئون جھان آراستا آهي.
مـوکـيءَ وٽـي
وڌائـي، درويـش مسڪرايو،
مـخمـور ٿـي خـدائـي، درويـش مسڪرايو.
مـخمـور ٿـي خـدائـي، درويـش مسڪرايو.
ساري حيات
رقصان، چاهت جي پيچرن تي،
پـر مـاڳ نـارسـائي! درويـش مسڪرايو.
پـر مـاڳ نـارسـائي! درويـش مسڪرايو.
وارن جي
ڇانورن ۾ ڪنهن ٿَڪ ڀڳو ازل جو،
نـيـڻـن ۾ نـنـڊ آئـي، درويـش مسڪرايو.
نـيـڻـن ۾ نـنـڊ آئـي، درويـش مسڪرايو.
سالار ڪي
سڪـنـدر، ڪـيـڏا وڏا تـونـگر!
تـن جي ڏسـي ڪَـمائي، درويـش مسڪرايو.
تـن جي ڏسـي ڪَـمائي، درويـش مسڪرايو.
ڪو عشق ٿيو نه پورو، سپنو نه ٿيو ڪو ساڀيا،
وئـي عـمـر هـيءَ اجـائي، درويـش مسڪرايو.
وئـي عـمـر هـيءَ اجـائي، درويـش مسڪرايو.
چهري ۾ گُھنج
مهڪيا، ڏڪـڻي لـٿي هـٿن ۾،
جـوڀـن ڪـئي جـدائي، درويـش مسڪرايو.
جـوڀـن ڪـئي جـدائي، درويـش مسڪرايو.
صوفي ازم
ملوڪيت ۽ بادشاهت سان بغاوت جو نالو آهي، ڇو ته مسلمان بادشاهن اسلام جي عظيم
فلسفي کي جڏهن هٿيار طور استعال ڪيو ته پنهنجي پنهنجي خطي ۾ صوفين ڌڻيءَ جي پاڪ
اسم جو ورد کڻي عام انتباهه ڪيوته ڌڻي تعاليٰ جو اسم گرامي هر بندي جي دل ۾ ڌڙڪي
ٿو ظل الاهي جي دعويٰ ڪندڙ بادشاهه مڪاري پيا ڪن. بادشاهه ظلم جي بٺي ٻاري هڪ پاسي
انسان ذات جو ناس پيا ڪن ته ٻئي پاسي ڌن ۽ دولت جي بک ۾ هُو ڌڻيءَ جا دشمن ۽
انڪاري آهن.
نادر شاهه ته سنڌ کي لُـٽي ڦري هليو ويو پر ان سڄي ڦرلٽ ۾
سنڌ جا ٻه وڏا نالا تڙپندي نظر اچن ٿا. انهن ۾ هڪڙو هو شاهه سائين، جنهن نادر شاهه
کي روبرو چيو هو ته ’هيءَ سنڌ آهي، دهلي ناهي، ان جي لڄن جي توکي پارت هجي.‘ـــ
ٻيو هيو ميان نور محمد ڪلهوڙو جنهن پنهنجي وصيعت ۾ لکيو ته ’نادر شاهه منهنجو ڪتب
خانو لٽي، منهنجو روح فنا ڪري ويو ، جنهن ۾ منهنجي مسلڪ جا وڏا وڏا رسالا هئا،
جھڙوڪر نادر شاهه سهروردي فڪر جو ڳلو گُھٽي هليو ويو ــ‘
بندي جي
تحقيق ۾ ميان وال تحريڪ جو واقعي به ڪوئي وڏو دستاويز سامهون ناهي آيو. علي زاهد
جو هيءُ غزل ان ميان والي درويش جي ڪڙي وِههُ جي ڳڙي آهي. انسان ذات جي ناش ۽ وناش
جو ماتم آهي، بُک جي ان لامتناهي حوس تي ٺٺول آهي.
علي زاهد جا نظم تمام وڏا نظم آهن. فڪري گھرائي جا ساگر آهن
۽ هيٺين طبقي جي هيرن جو عڪس آهن. علي زاهد جو نظم رولاڪ انسان ذات
جي پيار جو اهو دستاويز آهي، جنهن جي ويڙهڻ کان پوءِ وطن جي حُب، ديس واسي کان
سواءِ بڪواس ٿي ڀاسجي. جڏهن ڏيهه واسين سان پيار ٿو ٿئي ته دنيا جھان جا سموارا
نشا ٽٽي ڪافور ٿي وڃن ٿا ــ ماضي وسري وڃي ٿو، انسان حال ۾ مستغرق ٿيو وڃي، گذريل
حياتي پڇتاءُ بنجيو وڃي. مستبقل جي صراط مستقيم سامهون اچيو وڃي. آءٌ علي زاهد جي
ڀيٽ ڪنهن سان ڪريان؟ ڇو ڪريان؟ ڪيئن ڪريان؟ هڪ شاعر پنهنجي تخليق ۾ هلندي نظر اچي،
پڙهندڙ ان ڪردار جو بدل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ته پوءِ ٻيا اٺ سٺا اجايا آهن.
رولاڪ
دنيا جا سمورا منظر ڏسندي ڏسندي هلندي هلندي وڃي ٿو گھورن جو گھاءُ بنجي ۽ محبت جي
داوَن ۽ پيچن ۾ ڦاسي ۽ پوءِ پنهنجي ماضي تي هٿ مهٽي نوحا خواني ڪري. اها علي زاهد
جي فلسفي جي ڪامياب حقيقت پسندي آهي. نظم جون آخري سٽون ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو:
ياد هاڻي اهو ڀي نه آهي رهيو
مان به رولاڪ هيس،
دل به رولاڪ هئي!
علي زاهد جو نظم ’خانه بدوش‘ هڪ مڪمل نظم آهي، جنهن
جي وضاحت شايد مظهرالسلام بينظير صاحبه جي مرتئي ويل ڪي ٽي اين تي ڪئي هئي. ڪاش هر
ماڻهو ننڍين شين جي علامتي وضاحت هن خانه
بدوش کان ٻڌي، جيڪو سراپا امن آهي، جنهن جو ڪنهن سان به جھڳڙو ناهي، ڪيڏو نه
پراعتماد آهي، هُن جي زال هزارين ماين کان مٿي آهي، جيڪا پنهنجي پوتيءَ جي پلئه
سان گرميءَ ۾ مڙس کي جُھلڪارا ڏيئي ننڊ ٿي ڪرائي ۽ خانا بدوش ان حور جي آغوش ۾ سر
سبز چراگاهن جا خواب ٿو ڏسي ان حور جو سڄو اسم جسم، حسن ۽ هاڪ صرف ۽ صرف پنهنجي ور
لاءِ آهي، هوءَ سراپا سَتُ ۽ سيل آهي، هن جي ويٺل ڪنواري ڀيڻ بيبي مريم آهي، هن جا
ٻار جنت جا شهزادا آهن، جيڪي مصنوعيت کي نهاري به ناهن ڏسندا. هن جو کاڌو ۽ مشروب
ڪيڏو نه سادو آهي، پٿر تي پڪل روٽ هن جو مرغوب کاڌو آهي ۽ کير هن جو مشروب آهي.
پٿر تي
پڪل روٽ يا واريءَ تي پچايل روٽلا مون پاڻ کاڌا آهن. ڪاٺين جون ٻه ڀريون واريءَ تي
رکي انهن کي باهه ڏيو. ڪاٺيون ٻري جڏهن ٽانڊا ٿينديون ته واري به ڳاڙهي ريٽ بنجي
ويندي. ٽانڊا پري ڪري ٿڦيل روٽلا واريءَ تي وجھي مٿان ٽانڊا ورائي ڇڏيو. پوءِ ڏسو
ته اهي روٽلا ڪيئن ٿا پچن. جڏهن پچي راس ٿين ته انهن کي وڇايل ڪپڙي تي ڇنڊي واريءَ
جا ذرا لاهي پوءِ کائيندا وڃو. دوستو! کاڌي پچائڻ جو فلسفو رڌڻ کان صديون اڳ جو
فلسفو آهي.
جڏهن
انسان، انسان هٿان نه ايذائبو هو ته لڙڪ اگھبا ڪو نه ها. اهو سڄو امن جو بنيادي
فلسفو علي جي هن نظم ۾ موجود آهي. هن نظم ۾ دنيا هڪ ديس آهي ۽ آسمان هيٺان آيل
ڌرتي ماڻهوءَ جو اڱڻ آهي ــ ڪاش نظريي ضرورت وارو اڄوڪو هي ڏائڻ انسان ان فلسفي کي
سمجھي وٺي!
علي زاهد
جو نظم ’عورت‘ اڄ جي سسئي جو انمول آواز آهي. خود آگاهي جڏهن تخليق جو روپ
سروپ وٺي عام جو آواز بنجي ته اهو هڪ ڪامياب ترين مقبول آواز آهي. اسين جڏهن لطيف
سائين جو ورد ڪندا آهيون ته اها لطيف جي خود آگاهي اسان جو آواز بنجي ويندي آهي.
ايئن اڳين لوڪن جون خود آگاهيون به لطيف جي ڪلام ۾ ملن ٿيون. جيئن ’الاهي توهار‘
يا ’الله توهار‘ ميان وال ڪنهن بزرگ جو ’بسم الله الرحمان الرحيم‘ جو ترجمو آهي. خبر ناهي ته اهو ترجمو ميان آدم شاهه جو
آهي يا ميان نصير محمد جو يا ميان دين محمد جو يا ميان محمد الياس جو ــ مون تمام
گھڻا ترجما پڙهيا آهن ۽ قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو حاجي احمد ملاح صاحب جن جو به
پڙهيو آهي. مون ڪٿي ايئن نه پڙهيو آهي ’الاهي توهار بلڪل’بسم الله الرحمان الرحيم‘
جو مڪمل ترجمو آهي ۽ نه رڳو ترجمو پر ان
دور جو مشهور نعرو ۽ منظوم ترجمو به آهي.
جيئن جيئي
سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نظم جو اهو حصو جيڪو جي ايم سيد جي پارٽيءَ جو نالو
بنجي ويو، عورت تيئن هڪ اهم نظم آهي، جيڪو صديون پراڻو نظم آهي، پر پوءِ به هڪ
نئون نڪور نظم پيو ڀاسجي.
ٽئگور جو
هڪ ٻار تي نظم منهنجي نظر مان گذريو، جيڪو نظم ٽئگور صاحب لاءِ وڏي اعزاز جو باعث
بڻيو.
علي زاهد
جو اهو ’عورت‘ نظم هڪ شاهڪار نظم آهي. ان جو اعزاز علي زاهد کي ڪيئن بخشجي، جديد
نظم جي حوالي سان جديد تر نظم آهي. ٽئين دنيا جي ادب جو اهو الميو آهي ته ان کي
نظر اندا ز ڪرڻ وارا ادارا گھڻا آهن. قبوليت جي حوالي سان ٽئين دنيا جو عوام
پنهنجا تاريخي فيصلا رڪارڊ ڪرائيندو رهي ٿو ۽ حاڪم طبقو ان راءِ کي نظر انداز ڪندو
رهي ٿو ــ ٿيڻ ته ايئن گھرجي ته اسين پنهنجا انمول اعزاز پنهنجي شاعرن کي پاڻ ڏيون
ــ جيئن حيدر بخش کي ’باباءِ قوم‘ جو اعزاز ڏنوسون. جيئن جي ايم سيد کي ’سنڌ‘ جو
اعزاز ڏنوسون. جيئن ذوالفقار علي ڀٽي کي ’شهيد عوام‘ جو اعزاز ڏنوسون، جيئن شهيد
ڀيڻ بينظير ڀٽو صاحبه کي ’جھموريت جي شهزادي‘ ۽ ’سنڌ راڻي‘ اعزاز ڏنوسون، جيئن
گلان فقيرياڻي کي ’پَٽَ راڻي‘ جو اعزاز ڏنوسون. جيئن سوڀي گيانچنداڻي کي ’ننڍي کنڊ
جو ڏاهو‘ جو اعزاز ڏنوسون. جيئن عابده پروين کي ’اديءَ‘ جو اعزاز ڏنوسون. جيئن
محترم شيخ اياز کي ’مهان ڪوي‘ جو اعزاز ڏنوسون ــ اسان جا اهي اعزاز ۽ ايوارڊ دنيا
جي وڏن وڏن ايوارڊن کان گھڻو مٿي آهن ڇو ته انهن اعزازن ۾ اٿاهه سچائي ڀريل آهي ۽
ڏيکاءُ بنهه ناهي.
’هيءُ شهر
اهو ئي شهر آهي‘ حيدرآباد تي امداد حسينيءَ جو اهو نظم آهي، جيڪو تاريخ آهي.منهنجي
نظر ۾ امداد حسيني تاريخي شاعر آهي. استاد بخاري ’عوامي شاعر‘، طالب الموليٰ ’گويو
شاعر‘ ، عبدالڪريم گدائي ’تحريڪي شاعر‘، تاجل بيوس ’ٻهڳڻو شاعر‘ آهي. اهي سمورا
اعزاز مڃتا جو دليل آهن ــ ايئن علي زاهد نظم جو مصور شاعر آهي.
مان
هن
دنيا جو اڌ آواز آهيان.
اهو ’اڌ‘
لفظ عورت جو اهڙو عڪس آهي جنهن کي هزارين لباس آهن. ڪٿي بيبي حوا ٿي نظر اچي ، ڪٿي
مريم ٿي نظر اچي، ڪٿي بي بي زينب ٿي نظر اچي، ڪٿي ڪالي ماتا ٿي نظر اچي، ڪٿي شهيد
بينظير ٿي نظر اچي، ڪٿي محبوبا، ڪٿي دنيا جي امڙ، ڪٿي ڌيءُ، ڪٿي ڀيڻ ....
منهنجو
آواز
مرد
جي ڳري آواز جي بوجهه هيٺان
دٻجي
ويو آهي
يا
ٻوساٽجي ويو آهي.
هي ٻڌڻ
وارا عڪس آهن، اهڙي منظرنگاري جيڪا فزڪس جي حوالي سان سمجھي سگھجي. آواز جو داٻ
پرکڻ لاءِ وڏن وڏن ميلن ۾ وڃي سمجھڻ گھرجي، هزارين هُوڪرا هوندا آهن، پر مرداڻي
سماج جي هوڪرن ۾ دٻيل هن آواز کي نکاري پڌرو ڪرڻ وارو علي زاهد عورت جي آواز کي
ٻاهر وٺي اچي ٿو. اسان سان ملائي ٿو ۽ پوءِ هوءَ پنهنجون وارتائون بيان ڪري ٿي،
صدين جون منظرنگاريون هن آواز ۾ آهن.
ادب قومن
جي فلاسافي جي ترجماني ڪندو آهي، اهي ترجمان مخير حضرات جو قائدانه پرت هوندا آهن،
جيڪي سواءِ ڪنهن معاوضي جي قومي خدمت ڪندا رهندا آهن. اڄوڪي اين جي اوز وانگي انهن
جا مفاد منافي تي آڌاريل ناهن هوندا! علي زاهد به انهن قومي ترجمان فلاسافر حضرات
منجھان هڪ پيارو شاعر آهي، فني پختگي ۽ فڪري محرڪات جو نمائندو شاعر آهي، عروض جي
مڙني ڪتابن ۾ اسان جي استادن ٻوليءَ کي ڏوهي ٺهرائي پاڻ کي مبرا قرار ڏنو ته
ٻوليءَ ۾ عروض نڀائڻ وارو عنصر گھٽ آهي، پر اسان جي انهن استاد شاعرن جن جي مهاڳن
۾ مون کين استاد سڏيو آهي، اُهي اسان جي اڳين
استادن کي رد ٿا ڪن ته اهي دليل ناقص بنيادن تي آڌاريل آهن، جيئن فاصلا ڪبريٰ ۽
صغريٰ جي ذمن ۾ لکيو اٿن. اچو ڏسون علي زاهد جو هيءُ غزل جيڪو فاصلا ڪبريٰ جي فن
تي آڌاريل آهي.
ڄمار سڄي نهار
بڻي، ڪڏهن ته اچو، اچي به وڃو،
پريت پرين
پڪار بڻي، ڪڏهن ته اچو، اچي به وڃو.
آءٌ
ڀانيان ٿو ته سنڌي شاعري جي غزل ۾ هي غزل شايد پهريون غزل هجي، جيڪو علي زاهد جي
فن مان ٽٻي ڏيئي ڪاغذ تي آيو آهي، جيئن زم زم مان مومن وهنجي سِهنجي حج جو احرام
ڍڪيو هجي.
مفاعِـلَـتُـنُ،
مفاعِـلَـتُـنُ، مفاعِـلَـتُـنُ، مفاعِـلَـتُـنُ جي افاعيل جو اهڙو استعمال متحرڪ
۽ ساڪن جو حسين امتزاج مون پهريون ڀيرو، شاهڪار نموني هن غزل ۾ ڏٺو ، پڙهيو ۽
پرکيو آهي. مون وٽ نوبل پرائيز جھڙو ڪوئي انعام ته ناهي جو علي زاهد کي ڏيئي
مالامال ڪري ڇڏيان ليڪن آءٌ کيس استادن جو استاد ته چئي سگھان ٿو، جيڪو ان جو علمي
۽ ادبي رائيٽ آهي. هاڻي اها راءِ به رد ٿي چڪي جن دوستن چيو پئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾
اهو للُ ئي ناهي جو اهڙا افاعيل ۽ ارڪان بيان ڪري سگھي.
’ناچڻي‘
ٽائيٽل گيت بلڪل ٽائيٽل تي سون مٿان سهاڳو آهي. عروض ۾ گيت جو شهڪار نيم ۽ نمونو
آهي.سمبارا ناچڻي جو ذڪر ته علامت طور سنڌ جي گھڻن شاعرن ڪيو آهي پر هي گيت اڃا به
مٿاهون ٿو ڀاسجي. جڏهن گيت عروض جي قانون پٽاندر هجي ۽ ٻولي گيت واري ڇند جو
پورائو ڪري ته پوءِ ان جو ڪاٿو ڪٿڻ مشڪل ٿو لڳي. مون شيخ اياز جي اٺهتر ڇندن تي
آڌاريل گيتن ۽ واين تي فن جو تجزيو ڪيو آهي، جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگھان ٿو ته
هي گيت جھڙوڪر انهن گيتن جي لڙهه ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڏات علي زاهد کي اتساهيو ته تون
سمبارا تي گيت لک! جيڪو هُن لکي اها لڙهه پوري ڪئي.
نچين تون، نچي ٿي هوا ڏاکڻي،
او مـوهـن دڙي جـي امـر نـاچـڻـي!
اهو شاعر
جي حرفت ۾ فن جو ڪمال آهي، جو فطرت مجبور ٿي مصنوعيت جو قانون قبول ڪندي نظر اچي.
سمبارا کي رقص ڪرائي، ڏکڻ جي هوا کي نچائي، علي زاهد سمبارا، انساني آدابن ۽
اقدارن جو ڇا ته مرتبو وڌايو آهي. هي گيت پڙهندي يا ڳائيندي مون کي تانسين جو
ملهار ٿو ياد اچي ته راڳڻي ڇيڙڻ سان ساوڻ جي برکا ڇم ڇم ڪري وسڻ تي مجبور ٿئي يا
ديپڪ راڳ سان بيجو باورا ڳائيندي نظر اچي ۽ سڄو شهر باهه جي آڙاهه ۾ ٻرندو نظر
اچي.
علي زاهد جي خاندان جي هڪ شاعر سائين فدا ٻورڙائي جو قلمي
نسخو به پڙهيو، جيڪو پنهنجي دور جو قادر
ڪلام شاعر هو ، پر علي زاهد هن دور جو اڃا به اڳرو شاعر آهي، جنهن وٽ فني ۽ فڪري
ٻئي نديون ڀرپور وهي رهيون آهن ۽ عليءَ جي شاعري ان دوآبي يا ٻلهڻ جو ڏيک ڏئي رهي
آهي، جنهن ۾ ڪيئي غنچا نظر اچي رهيا آهن ۽ هر غنچي جو واس ۽ ورن پنهنجو پنهنجو
آهي.
چريا
چور نه چيڪلو، ڪائي ڪا نه چڙهي،
رهنديون
جيڪي راند هيون، ڪڙيون منجهه ڪڙي،
اکيون
هت اڙي، سوچين ڇا ٿو سانورا!
علي زاهد
جي هن بيت جيان جيڪي هن جي رهڻ واريون سنگريون هيون، اهي برقعا پائي وڃي حويلين
ڀيڙيون ٿيون ۽ هن جا جيڏا سرتا وري شاعر ۽ اديب بنجي وڏا ماڻهو ٿي سماج جو سنيهو ۽ اهڃاڻ بنجي اڀريا ــ
سدا سکيو رهي علي زاهد ۽ ڪيئي ڪاوشون رچي سنڌ کي سائو ڍائو بنائي.
No comments:
Post a Comment