08/10/2012

اُستاد بخاري جي سرائڪي شاعري تي هڪ نظر - خليل عارف سومرو (Khalil Arif Soomro)

خيال نهين مَردا
اُستاد بخاري جي سرائڪي شاعري تي هڪ نظر
خليل عارف سومرو

منهنجي سهڻي سنڌ ۾ سرائڪي ٻولي جيتري ڳالهائي وڃي ٿي، اوتري ڳائي يا لکي ڪانه ٿي وڃي. هونئن هيءَ ٻولي پنهنجي بناوت، بيهڪ، لهجي ۽ لکت جي حساب سان سنڌيءَ ٻوليءَ جي جاڙي ڀيڻ وانگر آهي. سرائڪيءَ ۾ جن به شاعرن پنهنجو ڪلام چيو آهي، اهو ڏاڍو مقبول ۽ معروف ٿيو آهي، ڇو ته هن ٻوليءَ جو رَس چس ميٺاج وارو آهي. سچل سرمست، مرزا قليچ بيگ، حمل فقير لغاري، فقير خوش خير محمد هيسباڻي، بيدل بيڪس، خليفو نبي بخش لغاري، نواب ولي محمد لغاري، احمد خان مدهوش، طالب لغاري، مخدوم امين محمد، رکيل شاهه، چيزل شاهه، دادن فقير، بردو سنڌي، جانڻ چن، رشيد لاشاري، اعجاز شاهه، مصري شاهه، نياز همايوني، ميهر فقير، ميرل فقير جويو، سانوڻ فقير، عبدالڪريم گدائي، روحل فقير، مراد فقير کان عاجز سرگاڻي تائين ڪيترائي اهم نالا آهن، جن جي ڪلام سنڌيءَ سان گڏ سرائڪي ۾ به خوب مقبوليت ماڻي. سرائڪي جي اهڙن ئي روشن ستارن ۾ هڪ جرڪندڙ ستارو استاد بخاري به آهي. استاد بخاريءَ جو ته سرائڪي ۾ انداز ئي نرالو آهي، شايد ان ڪري به ته سندس مادري زبان سرائڪي آهي، تنهنڪري هن کي پنهنجي دل جي ڳالهه سرائڪي ۾ ڪرڻ سولي لڳي آهي. هو جتي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي چوندو ۽ ان جي جهوليءَ ۾ ڏات جا انمول گُل وِجهندو آيو اُتي هن پنهنجي گودڙيءَ ۾ سرائڪي جا هيرا لعل به وڌا آهن.
استاد بخاري سرائڪي شاعريءَ ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه کي ائين سمائي ڇڏيو آهي، جيئن کير ۽ کنڊ ملائي ڇڏبا آهن. جيئن مُنڊيءَ ۾ ٽِڪ جڙيل هجي، جيئن تصوير ۾ رنگ ڀريل هجن، تيئن سرائڪيءَ ۾ ڏسو ته استاد ڪهڙي ڪم سان آهي.
آرتي پارتي صحبت والي کيت کيڙيندا وتدان
ماڻهو جهڙي موتي داڻي ميڙ ميڙيندا وتدان
چنگ، چنجور، ڇيڻيان، ڇيران ساز ڇيڙيندا وتدان
برپٽ ڪونه استاد بخاري، باغ بڻيندا وتدان.
وري اڳتي هلي، موتئي تي ماڪ ڦڙي جهڙا احساس به ڏسو:
ايتر ڏيوي، ڏات ٻليسان، جيتر جهرڪن تاري،
ايتر جيلي يار هليسان، جيتر جڳ وچ چاري،
ايتر ڏيسان واس بخاري، جيتر ٻَنيان ٻاري.
اهو سڀ محبت جو معجزو آهي، روشن ضميري جو ڪرشمو آهي، محبت ئي واحد شيءِ آهي جيڪا دنيا ۾ دوزخ کي به جنت بڻائي سگهي ٿي.
اوهين يقين ڪريو يا نه ڪريو، جنهن ماڻهو سونهن ڏٺي ئي ڪانه آهي، اُهو ماڻهو ڪڏهن به سچ کي سڃاڻي ئي ڪونه سگهندو، پوءِ جيڪو سچ کي سڃاڻي نه سگهي اهو هن يا هُن جهانَ ۾ ڪهڙي ڪم جو.
استاد سونهن پرست ۽ سنڌ جو پوڄاري رهيو. محبت جو ڪم مُنڪر نه ٿئي، استاد وانگر پاڪ محبت جي پنڌ تي ڪو هلي ته ڏسي، ٻيا پنڌ ئي وسري ويندس.
محبت جو معراج ڏسو:
سُرخُرو تيڏي روبرو اهس
پيار وِچ ها پَلو اڇا ميڏا.
اهو سونهن جو معجزو ۽ عشق جو ڪرشمو ئي ته هو جو استاد بخاري، رڻ پٽ کي باغ بڻائيندو پيو وتي ته گگهه انڌيرن ۾ ڏيئا به جلائيندو پيو وتي. محبت کان سواءِ ڪو انقلاب آيو آ نه ڪو ايندو، ماڻهو الائي ڪهڙي واٽ مان آهن جو يڪو ڀُليا ٿا وتن. ڀلا ڪو استاد بخاري کان وڌيڪ انقلابي يا مزاحمتي شاعر آهي به ڇا؟
هن رهبر جي رهبري ته وٺو، ڏسو ته ڪيئن نه مجاز کان معرفت وٺيو حقيقت جي منزل ڏانهن پيو ٿو وڃي. سوڀ جي سفر ۾، سونهن جو ساٿ نه ملي ته سوجهرو ٿيندو ئي ڪونه. استاد بخاري وٽ توهان کي سچل جي سچائي ملندي، لطيف واري سونهن ملندي، فريد سائين وارو فرق ملندو، حمل سائين وارا عشق جا حملا ملندا، خوش خير محمد واري نماڻائي ملندي، مصري شاهه وارو مٺاڻ ملندو، دادن فقير وارو درد ملندو، رشيد لاشاري جهڙو روح ملندو، مدهوش جهڙي مستي ملندي، بلهي شاهه واري باهه، سلطان باهو واري سڪ ۽ بردي سنڌي وارو برهه ملندو. ڪجهه عشق مجاز جا اولڙا ڏِسو:
سنهڙي هاٺي، ڪانگڙ ڪانا، سينا سنگ سٽي هن
ڳاڙهي پير دي ڳاڱي وانگر ڳاڙهي گول ڳِٽي هِن
سچ پچ اِنهن استاد ڏٺي ڪي، تيئن وِچ چنڊ چٽي هِن.

جهڙا تيڏا جلوا جاني، تهڙي جوڙ جواني هي،
اک تيڏي وچ عشق ديان ريکان لب تي قرب ڪهاڻي هي،
مُرڪ پکيڙي مهڪ گلان دي هر شي خوشبو هاڻي هي
عيدان ڪر استاد بخاري، تيڏي ديدا گهاڻي هي.

عشق ۽ مُشڪ لڪندا ته ڪونه آهن، پر محبوب کي دلاسو ڏيڻو پوندو آهي، سو استاد بخاري پنهنجي سڄڻ کي دلاسو ته ڏئي ٿو پر سندس اڳيان حقيقت به رکي ٿو.
تئين جو آکيا عشق لُڪا، مئين عشق لُڪائي ٻيٺان
ڄڻ ته ڪکان وچ سهڻا سائين، باهه دٻائي ٻيٺان.
اکرن ۾ امرت اوتڻ ۽ سِٽن ۾ ساهه وجهڻ ته ڪو استاد کان سکي، استاد کي حسن ۽ پيار جي ڳالهه ڪرڻ وارا به وڻن ٿا.
هر ساز دا اپڻا سوز نرالا، هر ساهه دي اپڻي ڦوڪ اي،
جو شاعر استاد حسن دا، ميڏي ڪاڻ ملوڪ اي.
سچو پيار خدا جي نعمت ۽ غنيمت آهي، وفادار محبوب جو ملڻ خوش قسمتي آهي. استاد بخاري کي پنهنجي محبت ڪا سولي هٿ ڪانه آئي هُئي، تڏهن ته پنهنجي تجربي مان ڏس پئي ڏنائين ته:
پيار مهانگا ڏاڍا پوسين ڊڄڻي ماڻهو ڊڄدي،
سِڪ دا سودا، سِر دا سودا سڪڻي ٻيٽي سِڪدي
خلقان کِلسن خواريان ٿيسن لڪڻي وتدي لڪدي
عشق ڪٿي استاد بخاري عاشق خوش ٿي کلدي.
سچل سائين چيو:
سَچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي،
توڙي چٽڙي ٿيوي ڏاڙهي،
استاد به جيئن پڇاڙي تيئن پيار ۾ وڌ ئي وڌ. چوي ٿو:
ڪوئي مشتاق اي، ڪوئي معشوق اي رڳا عشق دي ڳالهه پئي هلدي اي
ڪوئي پروانا، ڪوئي ميڻ بتي رڳا بِرهه باهه پئي ٻلدي اي
استاد ڪونه نِت نِت عشق نوان، توڙي پليل عمر پئي ڍلدي اي.

متان سمجهين مئين مسڪينان، ميڪڻ دل دي دولت دل اي
هڪڙي همت هان دي ڏوجها ٻانهان والا ٻَل اي
ٽڪر ٽڪيان، ڏاڍ ڏيسان، ميڏا عزم اٽل اي
مَچ وِچُون استاد نه مُڙسين ايجها عشق اجهل اي.
قومپرستي جي هڪ جهلڪ به ڏِسو:
تون مک آئي هيئين اڄ انگلينڊ، اٽلي دي خوشبو
ميڪون موهه گهتيا پر ميڏي مٽي دي خوشبو
مرڻ دي ويلي، چاتي ويسان چٽي جنت ڏي
وِسڪن حُوران سنگهه ڏيکن اِنهن ڌرتي دي خوشبو.
استاد بخاري کي جڏهن محبت منزل جي راهه تي وٺي آئي ته حق جا هوڪا ڏيندو پيو وتي. چئي پيو:
هر شعر نال باهه ٻَليندا وتان هان مئين
هر وقت هٿ هو اچ هليندا چريا نه هان
طوفان آوِ آوِ سڏيندا وتان هان مئين
تاريخ ڪونه جهلو نه چتا انهن طرف تڪي،
گهر گهاٽ دي اوگهڙ ڍڪيندا وٽان هان مئين
انهن جِند دي يا سنڌ يا سنسار دي هو وَن
استاد اپڻي سُور سليندا وتان هان مئين.
استاد بخاريءَ جي سرائڪي شاعري، اکر اکر اُجالو، لفظ لفظ لاٽ سِٽ سِٽ سوجهرو آهي.
چوي ٿو ته:
رات دا سوچ، ماڪ چانڊوڪي
ڏينهن دا ڏات ڌر تتي ميڏي
لفظ استاد سرت ديان لاٽان،
سوجهلا سچ دا شاعري ميڏي
استاد جي شڪايت جي انداز ۾ به هڪ جنجهوڙ آهي، چهنڊي آهي سجاڳي جو سڏ آهي، قوم کي ميار ڏيندي چوي ٿو ته:
بي لڪيان کوڙ تاريان دي سامهون
روشني رات پائمال ٿي ڳئي.
انسان فنا آهي، سوچ فنا فنا ناهي، سچل سائين چيو، مئين تان هڪ خيال هان ملسان نال خيال دي. سچل نه رهيو پر سندس خيال زنده آهي. موت برحق آهي، استاد هينئر اسان وٽ ڪونه آهي، پر هُن جا اَمر خيال موجود آهن، جيڪي ڪڏهن به مري نه ٿا سگهن. جيئنءَ پاڻ ئي چيائون ته:
خيال مر نهين سگهدا، اَمر بخاري هي
جٿان سڏيسو، غزل، گيت وِچ اُٿان هوسون.

No comments:

Post a Comment