خـط، خـوشبـو، خـواب
(ڪتاب)
جهانگير عباسي
نوجوان اديب، ليکڪ، مترجم ۽ ڀلوڙ شاعر فياض لطيف
جو نڪور شايع ٿيندڙ نثري ڪتاب ”خط
خوشبو خواب“ منفرد نالي وانگي تحريري خطن تي مشتمل منفرد ڪتاب آهي جنهن ۾ لکيل
خطن جي پرڪيف ٻولي ۽ انداز پڙهندڙ جي دل کي ائين ڇهن ٿا جيئن بهار رُت ۾ ٽـڙيل گل
من جي پاتال تائين پنهنجي سموري خوشبوءِ سان پيهي ويندا آهن. 160 صفحن تي ڦهليل
مجموعي ۾ 63 خط ان ڪري به هڪ خاص اهميت وارا آهن جو ليکڪ اهي وقت بوقت سنڌ جي
مختلف اديبن، شاعرن، ليکڪن، ذاتي دوستن سان گڏ ان محبوبه ڏانهن لکي پوسٽ ڪيا آهن
جنهن کي هو پيار ۽ پاٻوهه وچان ”انو“ جي نانءُ سان مخاطب ٿئي ٿو. فياض جو ادبي
حوالي سان هي چوٿون ڪتاب آهي جنهن کي ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو ويو آهي ۽
مهاڳ نئين ٽهيءَ جي ليکڪ ۽ شاعر احسان دانش ڏاڍي تحقيقي ۽ اثرائتي انداز ۾ تحرير
ڪيو آهي.
سنڌي ادب ۾ خطن جي حوالي سان ڪتاب عام طور تي
انهيءَ تعداد ۾ شايع ناهن ٿيا جنهن طريقي سان ٻين ٻولين جي ادب ۾ هن موضوع تي ڪم
ٿي رهيو آهي. اسان جي ڪجهه سينئر ۽ ناليوارن ليکڪن جا ڪي ٿورا گهڻا خطن وارا ڪتاب
ملن ٿا ۽ اهائي حالت آتم ڪٿا، جيل ڊائري، يادگيرين وارن ڪتابن جي به آهي، باقي
شاعري واري صنف ۾ غير معمولي درجي تائين ڪتاب شايع ٿيندا ٿا رهن. ممڪن آهي ته هن
جو ڪارڻ هڪ هيءُ به هجي ته ”خط! جن کي اسين پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي واقعن ۽ حالتن
جو هڪ حصو تصور ڪندا آهيون سو اهو پاڻ تائين محدود رکڻ چاهيندا هجون...“ پر فياض
وٽ ان حوالي سان منفرد سوچ ملي ٿي جنهن جي باري ۾ هو پاڻ چوي ٿو ته ”منهنجا هي
مختلف وقتن ۾ مختلف پرين پيارين کي لکيل خط منهنجي آتم ڪهاڻي جو اهم حصو آهن جن ۾
منهنجا لڙڪ به آهن ته نيڻن جون ننڊون ۽ اوجاڳا به، جن ۾ محبت جون حسناڪيون ۽
حاصلاتون به آهن ته ڦوڙائي ۽ فراڪ جا وڍ ۽ ورلاپ به. ادب ۽ آجپي جا فڪري بحث به ته
اندر جي سندر جهان ۾ جهاتـڙيون به... يادگيرين جا ريشمي رنگ به ته محبوبن سان
ملاقاتن جا کيپ ۽ خمار به...!!“
بنيادي طور تي خط انسان جي من درپن جو اهڙو عڪس
آهي جنهن جي وسيلي هو اهي جذبا، احساس ۽ خيال لفظن جي صورت ۾ اظهاريندو آهي، جن کي
عام طور تي زبان سان ادا ڪرڻ کان ڪيٻائيندو رهندو آهي. فياض لطيف جا هي خط به ان
جي اهڙن احساساتي جذبن ۽ خيالن جو مظهر آهن جن جي اڀياس سان هيءَ پروڙ پوي ٿي. گهٽ
ڳالهائو ۽ سوچيندڙ ذهن رکندڙ اسان جو هي دوست جيڪو ظاهر ۾ ته ڄڻ مطمئن نظر ايندو
آهي پر هن جي اندر ۾ معاشي ۽ سماجي ڏاڍ، بي غرضي، ناانصافي ۽ طبقاتي گروهه بندي
سان گڏ هر طرف بي يقينيءَ واري صورتحال کي ڏسي ائين چوندو نظر ٿو اچي ته ڪجهه به
ٺيڪ نه آهي ۽ ان جو اهو اونو هڪ ليکڪ طور تي هر وقت تڙپائيندو ٿو رهي. جيئن مونس
اياز طرف لکيل هڪ خط ۾ هو انهيءَ ڪيفيت کي هن طرح سان بيان ڪري ٿو ته ”مون! هن
سودخور سماج ۾ رهندي به اسان جي پيار جي پورهيت هٿن کي سماجي ڪاروهنوار جو حصو
بڻجڻ نه ڏنو. اهو ممڪن آهي ڇو ته جڏهن هڪ ڪنول جو گل سينواريل ڍنڍ ۾ رهي پنهنجي
اوجر ۽ سڳنڌ سلامت رکي سگهي ٿو ته پوءِ هڪ آدرشي فرد هن دنيا جي گدلي ڍنڍ ۾ پنهنجن
جذبن ۽ احساسن ۽ فڪر جي حسناڪي سان ڀرپور جياپو ڇو نٿو جي سگهي؟“
ادبي کيتر ۾ فياض لطيف ادب جي نثر، شاعري ۽ ترجما
نگاري جي شعبن ۾ بنهه ٿوري عرصي ۾ جنهن محنت، لگن ۽ جستجوءَ سان لکندي پڙهندي
پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي، انهيءَ محنت ۽ مستقبل ارادي سان هو هينئر شيخ اياز
جهڙي عظيم شاعر جي شاعري تي ايم فل ڪرڻ کان پوءِ پي ايڇ ڊي جو تحقيقي ڪم پڻ ڪري
رهيو آهي. هڪ ئي وقت گهڻن پاسن طرف ڪم ڪار نڀائيندي هن جي شخصيت گهڻ رخي پڻ آهي.
هڪ پياري ۽ قريبي دوست جي حوالي سان سچ ته فياض کي سمجهڻ ۾ هن جي هن خطن واري
مجموعي ”خط خوشبو خواب“ وڏو ڪردار ادا ڪيو
آهي، جو آئون هن جي اهڙن ڪيترن ئي رخن کان اڻڄاڻ هيس جن کي هن تشبيهاتي جملن،
خوبصورت استعارن ۽ دل کي ڇهندڙ حسناڪي انداز واري ٻولي ۾ لکي پيش ڪيو آهي. سندس هي
خط هن جي آڳاٽي ادبي ۽ ذاتي زندگيءَ جو ڀرپور حوالو به آهي ته هڪ آتم ڪٿا جو حصو
به، جيڪو سن 1991ع کان سن 2000ع تائين ڦهليل آهي. اهڙيءَ ريت اهو عرصو هڪ ادبي
ريفرنس به جـوڙي ٿو.
فياض لطيف جي هن نثري خطن واري ڪتاب جي حوالي سان
وڌيڪ هي چئي/ لکجي سگهجي ٿو ته هر سوچيندڙ ذهن ۽ پيار ڪندڙ دل، لطيف احساسن واري
شخص کي هن ڪتاب جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي، ته جيئن سماج جي اوڻاين کي ڄاڻڻ ۽ مثبت
سوچ پيدا ڪرڻ سان گڏ پيار جي احساس کي به هر هڪ تائين پهچائي سگهجي، جنهن جي اسان
کي هر پل ۾ ضرورت آهي، ائين ليکڪ جي اندر جي آس به جدوجهد ۾ رهندي ته ڪو اهڙو سج
به ضرور اڀرڻو آهي، جنهن جي روشن ڪرڻن ۾ اسان جي زندگيءَ جون بي ترتيب شيون پاڻ ئي
پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ اچي پونديون ۽ هر پاسي امن، اطمينان ۽ خوشيءَ جو ماحول جڙي
پوندو، جنهن جي جهلڪ مون کي هميشه پنهنجي ليکڪ دوست فياض لطيف جي سانوري مک واري
موهيندڙ چهري تي ڦليل نظر ايندي آهي.
No comments:
Post a Comment