30/03/2013

سنڌي ٻولي جي صحت - عبدالعزيز چنڊ (Abdul Aziz Chand)


سنڌي ٻولي جي صحت
عبدالعزيز چنڊ
سنڌي ٻولي جي صحت تي شديد اثرات پئجي رهيا آهن. انگريزي ۽ اردو ٻولين جي شديد حملي جي ڪري، سنڌي ٻولي پنهنجي اصليت وڃائي رهي آهي.
گهڻي ڀاڱي سنڌي جو نج لفظ استعمال نه ڪرڻ ڪري، نج سنڌي لفظ ختم ٿيندا پيا وڃن. ائين ضرور آهي ته ٻوليون ٻين زبانن ۽ ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ جذب ڪنديون آهن، پر سنڌي ڳالهائڻ وارا پنهنجن اصل لفظن کي پراڻو يا اولڊ فيشن سمجهي، ترڪ ڪندا وڃن. هنن کي ”ماسي“ چوڻ ۾ لڄ ٿي اچي. اردو وارن ماسي لفظ کي ”نوڪرياڻي“ واري معنيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اسان به ماڊرن ۽ مهذب بڻجڻ جي شوق ۾ ماسي کي ”خاله“ ڪري ڇڏيو. خاله لفظ عربي جو آهي، بهترين آهي، اسان وٽ عربي، فارسي لفظ گهڻا آهن، پر وقتي شوق ۽ اردو جي داٻي هيٺ اچي، ائين ڪرڻ، مناسب محسوس ڪونه ٿو ٿئي.

تمام گهٽ ٻارن کي امان ۽ ”بابا“ چوڻ سيکاريو ٿو وڃي. امان اردو ٿي امي ٿي وئي، بابا انگريزي ٿي ’پاپا‘ ٿي ويو. اڳي چاچا فلاڻو ۽ ماما فلاڻو اسان جي گهر مهمان ٿي ايندا هئا، هاڻ اُنهن مان گهڻا ترقي ڪري ’انڪل‘ ٿي ويا آهن. خبر ڪانه پوندي ته گهر ۾ مهمان بڻجڻ وارو ڏاڏاڻن مان آهي يا گهر اچي مهمان بڻجي ڀينگ ڪرڻ وارو ناناڻن مان آهي. ٻن ڏينهن ۾ مهيني جو راشن چٽ، ايف آءِ آر ڪنهن تي ڪٽرائجي، هتي ته رڍون سڀ ٻوٿ ڪاريون. سڀ جا سڀ انڪل- پوليس مامن کي ٻڌي يا چاچن کي. ”صبح ٿيندي“، هاڻ صبح به زنانو ٿي ويو. سائين رسول بخش پليجو، ڪتاب لکيو ”نيٺ صبح ٿيندو“ انهن ڏينهن ۾ صبح مرداڻو هوندو هو. هاڻ حالتون ڏسي صبح به ”زناني ٿي ويو آ“ اُڀرندو ڪونهي، اُڀرندي آهي. اردو وارن کان متاثر ٿي، سنڌي مرداني صبح جي هڻي جنس تبديل ڪري ڇڏيائون. اردو وارا چوندا ”صبح هوتي هي“. شڪر ڪيو سج کي ٽين جنس نه بنائي ڇڏيو اٿن.
اڳي الاهي ۽ جام ”ڪتاب“ پڙهبا هئا. هاڻ جا ٻار ”ڪتابون“ پڙهندا آهن. اڳي ٽيليفون ايندو هو. هاڻ ”ٽيليفون“ ايندي آهي. ٽيليفون به آپريشن ڪرائي جنس مٽرائي ڇڏي.
انگريزيءَ جو نه اچڻ اسان جو قومي مسئلو آهي. گهڻي کان گهڻا ٻار اسڪولن ۽ ڪاليجن جي امتحان ۾ انگريزي ۾ فيل ٿيندا آهن. ليڪن انگريزيءَ جي چند لفظن کي، اڳلي کي هيسائڻ لاءِ ۽ پاڻ کي ڄاڻو ظاهر ڪرڻ لاءِ ضرور استعمال ڪبا.
عورتون جڏهن خريداري لاءِ دڪان تي وينديون ته پاڻ کي educated ظاہر ڪرڻ لاءِ چند رنگن جا نالا وڏي زور شور سان وٺنديون. دڪاندار کي چونديون، هوءَ منجنڊا ڪلر واري ساڙهي ڏيکار. هو شاڪنگ پنڪ وارو جوڙو ڏيکار. ”پرپل“ ڪلر به کين ڏاڍو وڻندو آهي. هنن رنگن تي اچي انگريزي ختم پوءِ ساڳي ماني ساڳ سان.
ادا، هو واڱڻائي رؤ ته ڏيکار. ڳاڙهو نه بابا. منهنجي ڪا عمر آهي ڳاڙهي رنگ پائڻ جي. جوانيءَ ۾ به مون ”گرين“ گهڻو پاتو. ڳاڙهي کي ويجهي ڪا نه ويس.
عام ماڻهن ۾ انگريزيءَ جي چند لفظن کي گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي.Lovely, very sweet, see you, thank you ۽ آخر ۾ I love you۔ سنڌي ۾ محبت جو اظهار ڏکيو ۽ جاهلاڻو ٿيو پوي. ماڻهو جيستائين چوي، ”آئون توسان محبت ڪيان ٿو،“ تيسين سينڊل لهيو ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ اچيو وڃي. باقي I love you چئي، ڀڄڻ به آسان ۽ جي عرض قبول پوي ته عشق جو ميٽر چالو. اڳ اسين ’ڊبل روٽي‘ وٺندا ۽ کائيندا هئاسون. هاڻ بريڊ (Bread) کائيندا آهيون. گهرن ۾ پٽاٽا تربا هئا. هاڻ Fry ٿيندا آهن. ڀت رڌبو هو، هاڻ رائس Boil ٿيندا آهن. ٻوڙ رڌبو هو، هاڻ ”ڪڙهائي“ ٺهندي آهي. ٻوڙ جي انگريزي اڃا عام نه ٿي آهي.
ڳوٺن ۾ شاديون ٿينديون هيون ته ”ڇنو“ ٺهندو هو. ديڳين رڌڻ لاءِ ”چرون“ ٺهنديون هيون. شادي جو ڀت ٿيندو هو. ”ڀت“ جي دعوت ملندي هئي. هاڻ اهي لفظ ڄٽڪا ٿي ويا آهن. ”ڀت“ جي دعوت تي ٻار کلندا آهن. هاڻ کين ”وليمي“ جي دعوت modern ۽ سٺي لڳي ٿي. شادي کان اول ”ميندي“ جو خاص فنڪشن هوندو آهي. انڊيا جي گانن تي نچڻ تهذيب يافته هئڻ جي نشاني آهي.
ڳيچ، سهرا ويا. سرگس ويو، غرض ته نج سنڌي ثقافت، رسمون رواج، هندوستاني تهذيب جي يلغار سبب الائي ڪيڏانهن گم ٿيندا پيا وڃن.
ٽي وي تي اچڻ جو معيار صرف عمر ۽ شڪل وڃي رهي آهي. ٻوليءَ تي دسترس، لفظن جو صحيح اُچار، سنڌي ادب ۽ ثقافت جي معلومات، جي هاڻ ڪا به ضرورت نه آهي. اڳي ريڊيو ۽ ٽي وي جا سڄاڻ پروڊيوسر ۽ ايڊيٽر لفظ لفظ تي توجه ڏيندا هئا. هاڻ ائين به آهي ته سنڌي ٽي وي تي اردو گانا ۽ غزل هلائيندڙ، پاڻ سنڌي کان واقف ڪو نه آهن. اڳيان وري ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ نج سنڌي شاعري کيس ٻڌائيندا آهن. هاڻ همراهه ويچارو ڇا ڪندو. هي قصو اهو ئي ٿيندو، جهڙو ڪنهن ٻروچ کان شرعي مسئلو پڇڻ. ڳالهه انهيءَ حد تائين ٻڌجي ٿي ته سنڌي گهراڻا، پنهنجي اولاد کي سنڌي ڳالهائڻ کان منع ڪن ٿا. اها روش اسان به پنهنجي دور ۾ ڏٺي ۽ اڄ اهڙا ڪئين ٻار ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪي نه سٺي سنڌي ٿا ڳالهائين، نه ئي کين سٺي اردو ٿي اچي ۽ سندن انگريزي به گهڻي ڪم جي ڪانهي. ٻارن کي پنهنجي هيروز، شاعرن ۽ عالمن جي ڪا خبر نه آهي. شاهه جو رسالو گهٽ گهرن ۾ نظر ايندو. جيڪڏهن ڪنهن کان پڇبو ته، سنڌ جي ڪن وڏن شاعرن جا نالا ٻڌايو، ته جواب ايندو. شاهه ڀٽائي ۽ قائداعظم.
امر جليل ۽ نسيم کرل لاءِ پڇبو ته ٻار چوندا، بابا ”hint“ ڏيو. چئبو ته ليکڪ آهن. چوندا اسان ڪو نه ٻڌا آهن. ليکڪ يا writer تہ عاطف اسلم آهي. poetry به پاڻ لکندو آهي ۽ ڳائيندو به پاڻ آهي. هاڻ writer لاءِ، ٻارن جي چوڻ مطابق، ڳائڻ ضروري آهي. تصور ڪيو امر جليل سندس ڪهاڻي ڪيئن ڳائيندو ۽ جيستائين ڳائيندو ڪو نه، تيستائين سنڌي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ مشهور ڪيئن ٿيندو.
ڪجهه سالن کان پوءِ سنڌي ٻار ٻولين جي ٽه واٽي تي بيٺل نظر ايندو. اردو کيس گهڻي ايندي هوندي، انگريزي ڪجهه گهٽ ۽ باقي سنڌي نه هئڻ برابر يا اٽي ۾ لوڻ برابر.
انهيءَ صورتحال ۾ مائٽن، استادن ۽ سنڌي سماج جو ڪم اهم ٿي پيو آهي، همت اهم ٿي پئي آهي. ٻارن جا نالا ته سسئي، سهڻي ۽ بختاور ضرور هوندا. ليڪن سندن لهجو ۽ ٻولي اوپري هوندي. اهو ٻڌڻ ۾ ايندو ته سهڻي اصل ۾ ”ٽانڊو محمد خان“ جي آهي، اُتي سندس Parents، belong ڪندا آهن، اُتي سندس زمينون آهن، پاڻ هڪ دفعو ”ٽانڊو محمد خان“ کي Visit ڪيو هئائين، اُتي هن ”بل ڪارٽ“ تي رائڊ ڪيو هو، اُتي هن هڪ pregnant ڪڪڙ کي delivery, egg ڪندي Observe ڪيو هو. What a experience؟ کيس Country life انهيءَ ڪري به پسند آئي، جو اُتي جا local animals به ڏاڍا liberal ہئا۔ love making جي انهن کي ڪا جهل پل نه هئي. کيس پنهنجي وطن ۽ ڳوٺ سان ڏاڍو پيار آهي ۽ سندس شديد خواهش آهي ته هڪ دفعو ٻيهر parents جي اصلي ”گائون“ وڃي، وليج لائف کي enjoy ڪري. وليج لائف سندس dream life آهي.
هي ڏکيو ۽ درد ڀريو منظر آهي. ڇا اسين اردو ۽ انگريزيءَ جي پُڙن ۾ پيسجي وينداسون. ڇا حالتون اسان کي برگر ۽ سينڊوچ بنائي ڇڏينديون. ڇا اسين نالي جا سنڌي رهجي وينداسين؟

No comments:

Post a Comment