17/03/2013

سنڌي صورتخطيءَ ۾ ... - الطاف حسين جوکيو (Altaf Hussain Jokhyo)


سنڌي صورتخطيءَ ۾ عربي لفظن جي درست استعمال جو معاملو
الطاف حسين جوکيو

عربي ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال سنڌي ٻوليءَ ۾ عام جام ٿئي ٿو، ايتري قدر جو ڪافي لفظن ۾ پنـﻫـنجائپ محسوس ٿئي ٿي. عربي ٻوليءَ جي لفظن جي استعمال سبب چند لفظن جي صورت ۾ امڪاني ڦيرا به ٿين ٿا، ان جي سببن ۾ ’آوازن جي ڌاريائپ‘ به آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’آوازن جي ڌاريائپ‘ سبب عربي لفظن جي صورت جي ڦيري جا ٻه انداز جاچيا ويا آهن، جيڪي مونجھاري جو سبب بڻجن ٿا:
1.       اهڙا لفظ جن جي آوازن/اکرن جي مٽجڻ/مٽائڻ سبب معنوي فرق يا وياڪرڻي حيثيت بگڙجي وڃي ٿي؛ جيئن:
·        عربيءَ موجب معنوي فرق جو بگڙجڻ: واضع ۽ واضح،  وغيره.
·        سنڌيءَ موجب معنوي فرق جو بگڙجڻ: مهل ۽ محل وغيره.
·        وياڪرڻي حيثيت جو بگڙجڻ: تـﻫـمل ۽ تحمل وغيره
2.       اهڙا لفظ جن جي آوازن/اکرن جي مٽجڻ/مٽائڻ يا تقليب سبب لفظ جي معنوي فرق يا وياڪرڻي حيثيت کي ڪو ڇيـﻫـو ڪونه ٿو رسي؛ جيئن:
·        آوازن/اکرن جو مٽجڻ: بصل- بصر، فوم- ٿوم وغيره.
·        آوازن/اکرن جي تقليب: قفل- قلف/ڪرف وغيره.

عنوان جي لحاظ کان هت صرف پـﻫـرئين نمبر واري مونجھاري جو اڀياس مقصود آهي، جنـﻫـن ۾ خاص طور هيٺيان لفظ اچن ٿا؛ جيڪي 2008ع ۾ لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن لاءِ ڪوٺايل مذاڪري ۾ شامل ڪيا ويا:
واضح/ واضع، ڪثر/ ڪسر، تهمل/ تحمل، بدماش/ بدمعاش
واضح/ واضع:
هي ٻه الڳ نوعيت جا لفظ آهن، جنـﻫـن سبب هنن لفظن کي، صورتخطيءَ جي لحاظ کان، ترجيحي صورت واري ڪڙي ۾ شامل نه ٿو ڪري سگھجي؛ البته، اها ڳالهه جاچي وئي آهي ته ڪافي ليکڪن اڻ- ڄاڻائيءَ ۾ ’واضح‘ جي مفـﻫـوم ۾ ’واضع‘ جو لفظ ڪم پئي آندو آهي؛ مذڪوره لفظن جو هيٺ اشتقاق ڪجي ٿو:
·        واضح [ واضح- فاعِل- صفت (وَضَحَ = هو چٽو ٿيو، هو ظاهر ٿيو، هو چمڪيو)] ظاهر- چمڪدار- چٽو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’فاعل‘ جو صفت/اسم طور استعمال: واضح ڪندو هلجي ته لفظ ’واضح‘ بروزن ’فاعل‘ (ڪم ڪندڙ) جي صورت ۾ آهي؛ ليڪن عام طور تي اسم يا صفت جي مفـﻫـوم ۾ ڪم آندو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي اهڙن لفظن جو استعمال ٿئي ٿو، جيڪي ’فاعل‘ جي وزن تي ’ڪم ڪندڙ‘ جي معنى ۾ ڪم نه ٿا آندا وڃن، بلڪه اسم يا صفت طور ڪم آندا ويندا آهن؛ جهڙوڪ: آخر، باطل، باعث، ثابت، جائز، حاذق، حاصل، خاطر، خالص، ساحل، شامل، صاحب، صالح، ضايع، طاهر، ظاهر، عاجز، فالج، قابل، لازم، ماهر، ناقص، نائب، واجب، واحد، واقف، واضح وغيره.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ مذڪوره لفظ جا ٻيا وزن:
o       بنياد: ’وَضَحَ‘ بروزن ’فَعَل‘ (هو چٽو ٿيو)؛
o       بنياد: ’وَضَّحَ‘ بروزن ’فَعّلَ‘ (هن چٽو ڪيو)؛
o       مصدر: ’تَوضِيح‘ بروزن ’تَفعِيل‘ (ظاهر ڪرڻ، وضاحت ڪرڻ)
o       مفعول: ’موضوح‘ بروزن ’مَفعول‘ (سنڌي ٻوليءَ ۾ مستعمل ناهي)
o       صفت: ’واضِح‘ بروزن ’فاعِل‘ (ظاهر، چٽو)
o       اسم: ’وضاحت‘ بروزن ’فَعالَت‘ (اپٽار، تشريح، واضح ڪرڻ جو عمل)
(اردو میں عربی الفاظ کا تلفظ‘ کان مدد ورتل)
مٿي ذڪر اچي چڪو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ چند عربي لفظ ’فاعل‘ جي وزن تي اسم يا صفت طور ڪم آندا ويندا آهن؛ جن مان لفظ ’واضح‘ به هڪ آهي. ان جڳـﻫـه تي ساڳئي وزن ۽ ملندڙ جلندڙ شڪل وارو لفظ ’واضع‘ وياڪرڻي حيثيت ۾ مٿئين لفظ کان بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ نرالو آهي. هيٺ ’واضع‘ جو اشتقاق خيال خاطر رکجي ٿو:
·        واضع [ واضِع- فاعِل- اسم فاعل (وَضَعَ = هن گھڙيو، هن ٺاهيو)] گھڙيندڙ- ٺاهيندڙ- سُگھڙ- وينجھر.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ مذڪوره لفظ جا ٻيا وزن:
o       بنياد: ’وَضَعَ‘ بروزن ’فَعَلَ‘ (هن گھڙيو) {ٺاهڻ، رکڻ، مرتَّب ڪرڻ}   
o       مصدر: ’تَواضُع‘ بروزن ’تَفاعُل‘ ( عاجزي ڪرڻ، ڀليڪار ڪرڻ، ارادةً خوشامد ڪرڻ، مـﻫـماننوازي ڪرڻ)
o       فاعل: ’واضع‘ بروزن ’فاعل‘ (ٺاهيندڙ، گھڙيندڙ، سُگھڙ)
o       مفعول: ’موضوع‘ بروزن ’مَفعول‘ (ڪو ٺاهيل عنوان)
(اردو میں عربی الفاظ کا تلفظ‘ کان مدد ورتل)
ڪيل اڀياس موجب اهو ئي معلوم ٿيو ته ٻن صورتن وارا لفظ ’واضح ۽ واضع‘ الڳ نوعيت ۽ وياڪرڻي حيثيت رکندڙ لفظ آهن، ان صورت ۾ مذڪوره لفظن مان ڪنـﻫـن هڪ کي ترجيحي صورت لاءِ متعيّن ڪرڻ جو خيال ئي اَجايو آهي. عام ماڻهن يا چند ليکڪن جي غلط استعمال سبب ايترو ضرور آهي ته هڪ مسئلي جي نشاندهي ٿي سگهي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻنهي لفظن جي ضرورت آهر استعمال جي جيڪڏهن تور ڪجي ٿي ته، لفظ ’واضح‘ جي مفـﻫـوم وارو لفظ تمام گھڻو استعمال ٿئي ٿو، تنـﻫـنڪري عام شاگردن يا ليکڪن کي لفظ ’واضح‘ جي شڪل تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي.
ڪثر/ ڪسر
 ڪثر/ ڪسر جون صورتون 1913ع ۽ ٻيـﻫـر 2008ع ۾ ترجيحي صورت لاءِ رکيون ويون. مختصر هيٺ تفصيل ڏجي ٿو:
·        1913ع ۾ متعيّن ڪيل صورت:
ڄاڻايل صورتون
ترجيحي صورت
ڪثر/ ڪسر
ڪثر
هن ڪاميٽيءَ جا ڪي رايا سامهون ڪونه ٿا اچن ته ’ڪسر‘ لفظ کي ڪـﻫـڙي بنياد تي رد ڪيو هين؟ البته، اندازو آهي ته ڪاميٽيءَ جي راءِ موجب: ’ڪثر‘ لفظ عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ منتقل ٿيو آهي ۽ ساڳي معنى ۾ ڪم اچي ٿو، ان صورت ۾ اهو ئي درست ڀانيو وڃي!
·       2008ع ۾ عالمن پاران پيش ڪيل رايا:
ترجيحي صورت
ترجيحي صورت متعيّن ڪندڙ
ڪسر
ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر مدد علي قادري، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ شفيع محمد چانڊيو.
ڪثر
عبدالغفار صديقي
ڪسر/ ڪثر (معنوي فرق)
محمد ابراهيم جويو، آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني ۽ پروفيسر قلندر شاه لڪياري.
* محمد ابراهيم جوئي صاحب ٻنهي صورتن کي، بغير راءِ جي، رکيو آهي، مبادا سندس خيال هجي ته ٻئي صورتون الڳ حيثيت رکن ٿيون ، پر اهڙي ڪا وضاحت ڪونه ٿي ملي.
*آفتاب ابڙي راءِ رکي ته: ’ ٻنهي جي معنى ۾ فرق آهي، ڪسر = کوٽ، ڪمي. جيئن: ڪسر نفسي، ڪسر شان؛ جڏهن ته ڪثر = اضافي، وڌيڪ.
*ڊاڪٽر سحر امداد سنڌي لغات موجب راءِ رکي ته:  ’ڪثر‘ (ڪثرون) گھڻائي، جهجھائي؛ جڏهن ته ڪسر (ڪسرون) = لاڀ، واڌي، اپت، اپراسو.
        *پروفيسر قلندر شاه راءِ رکي ته: ٻئي الڳ ۽ ابتڙ لفظ آهن، ڪسر = گھٽ؛ جڏهن ته ڪثر = وڌ.
(سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران مذاڪري ۾، عالمن کي پيش ڪيل تفصيل موجب)
2008ع واري مذاڪري ۾ هنن لفظن مان جن عالمن ’ڪسر‘ بابت راءِ ڏني آهي؛ انهن جو خيال هوندو ته ’ڪسر‘ ۽ ’ڪثر‘ ساڳي معنى وارا لفظ آهن، جنـﻫـن سبب ’ث‘ آواز جو مخرج موجب اچار، سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ڪونهي، ان سبب صورتخطيءَ ۾ ’س‘ جو اکر وڌيڪ مناسب رهندو.
مبادا، محترم عبدالغفار صديقي صاحب جو خيال هوندو ته: جنـﻫـن صورت ۾ عربي لفظ ’ڪثر‘ آهي، اها ئي صورت هجڻ کپي.
جن عالمن مذڪوره لفظن کي معنوي فرق سبب الڳ ڀانيو آهي، تن جيڪي معنائون يا جواز ڄاڻايا آهن تن ۾ به مونجهارا آهن.
بـﻫـتر ٿئي ها جيڪڏهن، ڪنـﻫـن راءِ جوڙڻ لاءِ، مذڪوره لفظن جو عربيءَ موجب اشتقاق ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال جاچڻ بعد سنڌي لغت جي ورق گرداني ڪئي وڃي ها! هيٺ لفظن جو اشتقاق ۽ انهن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال جاچجي ٿو:
·        ڪَثَرۡ: [ ڪثر- فَعَلۡ- اسم/ صفت (ڪَثَرَ = وڌيڪ هجڻ، ڪنـﻫـن کان مقدار ۾ وڌڻ)] گھڻائي، واڌارو، جھجھائي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ مذڪوره لفظ جا ٻيا وزن:
o      ’ڪَثَرَ ‘ بنياد- بروزن ’فَعَلَ‘ (هو گھڻو ٿيو، هو مقابلي ۾ وڌيڪ ٿيو)
o      ’ڪثرت‘ اسم- بروزن ’فَعلَت‘ (گھڻائي)
o       ’اڪثريت‘- اسم، بروزن ’اَفعلت‘ (گھڻائي)
o       ’اڪثر‘- اسم تفضيل، بروزن ’اَفعَل‘ (بي حد گھڻو، حد کان وڌيڪ)
o       ’ڪَثِير‘- صفت مبالغو، بروزن ’فَعيل‘ (تمام گھڻو، مڙني کان وڌيڪ)
o       ’تَڪثِير‘- مصدر، بروزن ’تَفعِيل‘ (وڌائڻ، گھڻو ڪري ڇڏڻ)
o       ’تَڪاثُر‘- مصدر، بروزن ’تَفاعُل‘ (هڪٻئي کان وڌڻ)
o       ’اِستڪۡثار‘- مصدر، بروزن ’اِستَفعال‘ (وڌيڪ حاصل ڪرڻ، وڌيڪ سمجھڻ)
(اردو میں عربی الفاظ کا تلفظ‘.کان مدد ورتل)
(سنڌي ٻوليءَ ۾ مٿين ٽنهي مصدرن جو استعمال گھٽ يا نه هجڻ جي برابر ٿئي ٿو.)
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڪثر‘ ۽ ان سان لاڳاپيل مٿين وزنن جا لفظ ٿوري يا گھڻي مقدار ۾ استعمال ضرور ٿين ٿا، ان صورت ۾ ان لفظ جي ’چڪي پٽڻ‘ به ڪا عقلمندي ڪونه ٿيندي.
ساڳئي وقت ’ڪسر‘ جو لفظ به ڪنـﻫـن حد تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم اچي ٿو، جنـﻫـن لاءِ عالمن پڻ اشارو ڪيو آهي؛ هيٺ ان جو به عربيءَ موجب اشتقاق ۽ استعمال پيش ڪجي ٿو:
·        ڪسر: [ ڪسر- فَعَل- اسم/ صفت (ڪَسَرَ = هن ٽوڙيو، هن منسوخ ڪيو، هو هيٺ لٿو) ] ٽوڙڻ- منسوخ ڪرڻ- هيٺ لـﻫـڻ- هيٺ ٿيڻ- شڪست ڏيڻ- هيٺ مٿي ڪرڻ.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ مذڪوره لفظ جا ٻيا وزن:
o      ’ڪَسَرَ ‘ بنياد- بروزن ’فَعَلَ‘ (هو هيٺ ٿيو، هن ٽوڙيو)
o      ’ڪَسرت‘ اسم- بروزن ’فَعلَت‘ (ورزش، مشق، جسم جي حصن جي چرپر ڪرڻ)
o      ’تَڪسِير‘ مصدر- بروزن ’تَفعِيل‘ (ٽوڙڻ، تعويذ ۾ عدد ورهائي خانا ڀرڻ)
o       ’اِنڪسار‘ مصدر- بروزن ’اِنفِعال‘ (ٽٽڻ، عاجزي ڪرڻ، شڪست کائڻ، ڏيوالپڻي ۾ مبتلا ٿيڻ)
o      ’مَڪسور‘ اسم مفعول- بروزن ’مَفعُول‘ (ٽٽل، ڀڳل، هارايل، زير ڏنل اکر)
o      ’مُڪَسَّر‘ اسم مفعول- بروزن ’مُفَعَّل‘ (ٽٽل، جيئن: جمع مڪسّر جا وزن)
o      ’ڪَسَر‘ اسم/ صفت بروزن ’فَعَل‘ (سڄي کي حصن ۾ ٽوڙڻ، اڻپور)
(اردو میں عربی الفاظ کا تلفظ‘.کان مدد ورتل)
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ڪسر‘ ۽ ان سان لاڳاپيل مٿين وزنن جا لفظ: ڪسر، ڪسرت، انڪساري، اِڪسِير، جمع مُڪسَّر جـﻫـڙا لفظ ڪنـﻫـن حد تي استعمال ضرور ٿين ٿا، ان صورت ۾ ان لفظ کي به وسارڻ روا ناهي.
گھڻو امڪان آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو پراڻو لفظ ’ڪسِيرو‘، جيڪو هينئر سماجي حالتن سبب زنگجي چڪو آهي، عربي لفظ ’ڪسر معنى ٽٽل يا اڻپور‘ جي معنى سان سلهاڙيل هجي. عام طور پـﻫـاڪو ٻڌو ويندو آهي ته: ’ڪسيري جي ڪُتي، ٽَڪي جا کائي ٽڪر‘؛ ’ڪسِيرو‘ اڳئين دؤر واري پيسي جي چوٿين پتيءَ جو سڪو هيو، جنـﻫـن جو ملهه ’نه جي برابر‘ هيو.
پروفيسر سترامداس سائل پنـﻫـنجي لغت ’سائل ڪوش‘ ۾ ڪسيري جي معنى لکي آهي:
”ڪَسِيرو: جھوني پيسي جو چوٿون حصو. * ڪَسِيرَڪُ: نيچ، گھٽ ذات، ذليل * ڪسيري جو ڪرڻ: خراب خوار ڪرڻ، درجو گھٽائڻ.“ (سائل، 2009: 391)
مٿئين اڀياس موجب ’ڪثر‘ ۽ ’ڪسر‘ بابت عالمن جي راءِ تي هڪ نظر:
·        ٻنهي لفظن کي سوڙـو ڪري، هڪ ڪڙي ۾ ڦاسائيندڙ عالم: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر مدد علي قادري، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، شفيع محمد چانڊيو ۽ عبدالغفار صديقي.
·        ٻنهي لفظن ۾ معنوي فرق ڀائيندڙ عالم: محمد ابراهيم جويو، آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني ۽ پروفيسر قلندر شاه لڪياري.
پـﻫـرئين گروه جي عالمن ٻنهي لفظن ۽ ان جي دائرن جي اڀياس تي ڪونه ڀاڙيو، جنـﻫـن سبب سندن راءِ کي ذاتي راءِ سمجھي، رد ڪري سگھجي ٿو.
ٻئي گروه جي عالمن ٻنهي لفظن کي معنوي فرق پٽاندر الڳ ته ڀانيو، ليڪن سندن اڀياسي راءِ، ٻوليءَ جي اصولن پٽاندر نه ٿي بيـﻫـي، ان صورت ۾ سندن راين جي ڇنڊڇاڻ ضروري آهي.
آفتاب ابڙو
ڊاڪٽر سحر امداد
پروفيسر قلندر شاه
ڪثر = اضافي، وڌيڪ.
ڪسر = کوٽ، ڪمي.
ڪثر = گھڻائي، جھجھائي.
ڪسر = لاڀ، واڌي، اپت.
ڪثر = وڌ.
ڪسر = گھٽ.
ٽنهي عالمن جي ’ڪسر‘ بابت راءِ مٿاڇري ۽ منجھائيندڙ آهي.
البته، محترم آفتاب ابڙي جيڪي مثال ڏنا آهن، سي پيرائتا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته ’ڪسر نفسي‘ ۽ ‘ڪسر شان‘ جـﻫـڙن مرڪَّب لفظن جي حصي ’ڪسر‘ تي ٻوليءَ جي اصولن موجب غور نه ڪيو ويو آهي. ’ڪسر نفسيءَ‘ مان مراد ’پنـﻫـنجي نفس کي شڪست ڏيڻ‘، ’پنـﻫـنجي انا کي ٽوڙڻ‘ آهي.
مٿئين اڀياس جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ٿو ته اسان جي لغتن ۾ به ڪافي چُڪون ڪيون ويون آهن يا وري ٻوليءَ جي اچارن کي اهميت ڏني وئي آهي؛ بـﻫـرحال هيٺ صرف جامع سنڌي لغات تي ڀاڙيندي مذڪوره لفظ جاچجن ٿا:
جامع سنڌي لغات موجب: ’ڪثر ۽ ڪسر‘ جون معنائون:
·        ڪَسَرَ ج ڪَسرُون: نفعو- اپت- کٽيو- لاڀ- فائدو- واڌي، زيادتي- گھڻائي- اڪثريت- جھجھائي.
(صفت): سٺو، چڱو، اوچو- موچارو- عمدو- سڦرو- چوکو- اعلى- برتر- اُترُ- اُتم- چونگي- ٿورو وڌيڪ- ذرو ٽيپو.
(ع. قصر) ڍرائي- سستي- گيسَر- نٽاءُ- دير- گِـﻫـلَ- ڳَم- گھٽتائي. بيماري- اگھائي- لڱائي.  (بلوچ، 1985: 2078)
·        ڪَثَرَ ج ڪَثرُون: (ع) گھڻائي- جھجھائي- واڌارو- اضافو- فائدو- نفعو- لاڀُ- پراپت. عام ڪثرت، جنـﻫـن ۾ طرح طرح جا فام روپ آهن. (بلوچ، 1985: 2023)
جامع لغات موجب: ڪسر ۽ ڪثر جي معنائن ۾ ڪو فرق ڪونهي، جنـﻫـن مان اندازو ٿئي ٿو ته لغت تي ڪم ڪندڙ عملي، ٻوليءَ جي آوازن جي بنياد تي لفظ ۽ انهن جون معنائون ڏنيون آهن.
هر لفظ جو بنياد زوريءَ ’عربي‘ مان ڄاڻڻ به تنگ نظري آهي،  عربي لفظ ’قصر‘ جي حوالي سان: ’ڪسر‘ جي معنائن ۾، ڍرائي، سستي، گيسر، گِـﻫـل جون معنائون ان حوالي سان بي- تڪيون ڏنيون ويون آهن؛ ڇاڪاڻ ته ان هنڌ ’ڪسر‘ جو لفظ ’گِسر‘ جي بگڙيل صورت آهي، لطيف سائين جي هڪ سٽ آهي:
ڪرها ڪَسَرَ ڇڏ، وکون وجھ وڌنديون (سر کنڀات) (فـﻫـميده، 2004: 311)
شاعريءَ ۽ ان سان منسلڪ فرهنگ ۾ اهڙن لفظن جي استعمال جي اجازت هوندي آهي، ليڪن لغت جي اصولن موجب، سواءِ اشاري ڏيڻ جي، اهڙي ڪنـﻫـن به بگاڙ تي ڀاڙي نه ٿو سگھجي؛ يا اصل ڏيڻ بعد اهڙي بگاڙ جو اشارو ڏيڻ روا آهي.
تــمل ۽ تحمل
تـﻫـمل/ تحمل جون صورتون سنڌي لٽريچر ڪميٽيءَ جي ميمبرن پاران 13 فيبروريءَ 1913ع تي، پاڻ ۾ گڏ ٿي هيٺينءَ ريت متعيّن ڪيون:
تـﻫـمل            =        تحمل (صحيح)
هن لفظ کي اتي ئي ٻُنڊو اچي ويو ۽ ٻيـﻫـر 2008ع تائين ڪنـﻫـن به ڪاميٽيءَ ۾ ترجيحي صورت لاءِ ڪونه آندو ويو. هن لفظ جي مختصر اڀياس مان اهو ٿيندو جو ان نوعيت جي لفظ جي ترجيحي صورت متعيّن ڪرڻ لاءِ ڪا عام مضبوط راءِ جڙي سگھندي.
صورتخطيءَ جي لحاظ کان ’تـﻫـمل‘ جو لفظ عربي، فارسي، هندي- اردو يا سنڌيءَ ۾ ڪونهي، ان صورت ۾ ان لفظ تي وڌيڪ سوچڻ بيسود آهي. البته، عربي لفظ ’تحمل‘ جو سنڌي توڙي هندي- اردوءَ ۾ آوازن جي بنياد تي ’تـﻫـمل‘ اچارجي ٿو؛ ان جو اهم سبب اهو آهي ته ’ح‘ جو درست آواز برصغير جي ماڻهن جي مزاج مطابق ڪونهي.
سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان لفظ ’تحمل‘۽ ان سان منسلڪ مختلف وزنن جي لفظن جو استعمال عام آهي؛ هيٺ ان لفظ جو اشتقاق ڏجي ٿو:
·        تَحَمُّل: [ تحمّل- تَفَعُّل- مصدر (حَمَلَ = هن کنيو، هن برداشت ڪيو) ] برداشت ڪرڻ، سـﻫـڻ.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ مذڪوره لفظ جا ٻيا وزن:
o      بنياد: ’حَمَلَ‘ بروزن ’فَعَلَ‘ (هن کنيو، هن سَٺو)
o      مصدر:  تَحَمُّل بروزن ’تَفَعُّل‘ (برداشت ڪرڻ)
o      فاعل (مذڪر): ’حامل‘ بروزن ’فاعل‘ (برداشت ڪرڻ وارو)
o      فاعل (مؤنث): ’حامله‘ بروزن ’فاعلة/ فاعله‘ (بار کڻڻ واري، سـﻫـڻ واري)
o      مفعول: محمول بروزن ’مفعول‘ (سنڌيءَ ۾ مستعمل ناهي)
o      صفت مبالغو: ’حَمّال‘ بروزن ’فَعّال‘ (گھڻو وزن کڻڻ وارو)
o      اسم : ’حَمَلُ‘ بروزن ’فَعَلُ‘ (وزن، ڀريل پيٽ)
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظ ’حملو‘، ’ڪاههَ‘ جي معنى ۾، پڻ ’حَمَلَ‘ مان ورتل آهي. جنـﻫـن صورت ۾ ’تحمل‘ سان منسلڪ ٻيا لفظ پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم اچن ٿا، ان صورت ۾ ’تحمل‘ لفظ لاءِ ڪا ٻي صورت ڪنـﻫـن به صورت ۾ قبول ٿيڻ جوڳي ناهي.
لفظ ’تحمل‘ جي ترجيحي صورت مان هيٺيون اصول اخذ ٿئي ٿو:
اصول: اهڙو لفظ جنــن سان منسلڪ ٻين وزنن جا لفظ پڻ ڪم ايندا هجن، ان صورت ۾ ان جي اصلي صورتخطيءَ ۾ بگاڙ، قابل قبول نه ٿو ٿئي؛ توڻي جو ان لفظ جي بگاڙ سان معنوي فرق به نه ٿيندو هجي.
بدماش/ بدمعاش
هي لفظ 1913ع ۾ ’بدمعاش‘ جي صورت ۾ قبول ڪيو ويو ۽ 2008ع ۾ ٻيـﻫـر ترجيحي صورت لاءِ عالمن اڳيان رکيو ويو؛ جيڪي رايا سامهون آيا سي هن ريت آهن:
o       پيش ڪيل لفظ: بدماش/ بدمعاش:
ترجيحي صورت
ترجيحي صورت متعيّن ڪندڙ
بدماش
ڪوبه نه
                  بدمعاش    
ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد ابراهيم جويو، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر مدد علي قادري، عبدالغفار صديقي، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، پروفيسر قلندر شاه لڪياري، شفيع محمد چانڊيو.
* آفتاب ابڙي لفظ جو اشتقاق ڪندي ڄاڻايو ته: بدمعاش: (بد = خراب + معاش = ڌنڌو)
 آفتاب ابڙي جي راءِ کي وڌيڪ اڳتي ڪندي ته: ھي لفظ ٻن ٻولين فارسي + عربي جي جوڙ سان جڙيو آهي، جنـﻫـن جو لغوي اشتقاق هيٺين ريت، خيال خاطر رکجي ٿو:
·        بدمَعاش: [ ف: بد = خراب + ع: مَعاش = (عَاشَ/ عَيشَ = هو زنده رهيو) زندگيءَ جو ذريعو] خراب ذريعا هٿ ڪندڙ- ڪمائيءَ جا غلط ذريعا حاصل ڪندڙ. (فيروز لغات تان مدد ورتل)
مذڪوره لفظ سان سلهاڙيل ڪافي لفظ عام طور ڪم آندا وڃن ٿا، جـﻫـڙوڪ: عَيش، عيّاش، مَعِيشَت، مَعاشيات،  ان صورت ۾ لفظ جي اصل صورت ۾ لچڪ نه هجڻ گھرجي.
عربي مصدر جي لحاظ کان ’تَعيُّش‘ بروزن ’تَفَعُّل‘، جنـﻫـن جي معنى آهي: عيش ڪرڻ.
لفظ مَعاش ۾ ’مَ‘ جو اضافو بنيادي طور ظرف جي نشاندهي ڪري ٿو، پر هتي ’اسم‘ جي صورت وٺيون بيٺو آهي. عربي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪافي لفظ آهن، جن ’ظرف‘ جي وزن تي هوندي به، اسم جي صورت ورتي اٿن؛ جـﻫـڙوڪ: مَطلب، مَقصد وغيره.
هن صورت ۾ بدمعاش جي صورتخطيءَ کي درست ڀانيو وڃي.
آخر ۾ هن عنوان هيٺ آيل لفظن جون ترجيحي صورتون يڪجا پيش ڪجن ٿيون:
لفظ جون مختلف صورتون
ترجيحي صورت
واضح/ واضع
واضح =  ظاهر، چٽو.
واضع = ٺاهيندڙ، گھڙيندڙ.
ڪثر/ ڪسر
ڪثر = گھڻائي
ڪسر =  ٽٽل، ڀڳل 
تهمل/ تحمل
تحمُّل
بدماش/ بدمعاش
بدمعاش
حوالاتي ڪتاب:
×     بلوچ،  نبي بخش، ڊاڪٽر (1885) جامع سنڌي لغات- جلد: 4- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
×     جڙياسنگھاڻي، سترامداس سائل، پروفيسر (2009) سائل ڪوش، ڇاپو ٻيون- ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد.
×     فـﻫـميده حسين، ڊاڪٽر (2004) سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت- شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي.
×     فیروز الدین، مولوی، الحاج (؟) فیروز اللغات عربی ۔اردو۔ فیروز سنز کراچی.
×     ملک قیوم (۱۹۷۹) اردو میں عربی الفاظ کا تلفظ۔ نیشنل بک فاؤنڈیشن کراچی۔

No comments:

Post a Comment