ڪون چاهي گا تمهين ميري طرح...
مشتاق گبول
”فلپ سڊني“ چيو هو ته: ”انسان جو ڪو به فن اهڙو
نه آهي، جيڪو فطرت جي نقاليءَ کان انڪار ڪري، شاعر هڪ نئين فطرت ايجاد ڪري ٿو.“
فن ذات جي اظهار جو نانءُ آهي. فلپ سڊني جي راءِ کي
پڙهي مان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته شاعري به ”سائنس“ آهي، جنهن ۾ هر شاعر پنهنجي
جذبن ۽ احساسن جي ذريعي نوان نوان خيال ”ايجاد“ ڪندو رهندو آهي ۽ جي غور ڪري ڏسجي ته
خبر پئجي ويندي ته هر شاعر هڪ نئين فطرت ايجاد ڪري ٿو. هر شاعر گُل وانگر هوندو آهي
۽ هر گُل جي پنهنجي خوشبوءِ هوندي آهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ”خوشبوء“ سان ئي
گُل جي سُڃاڻپ ٿيندي آهي. يعني هر گُل پنهنجي خوشبوءَ سان سڃاتو وڃي ٿو. جڏهن به گُل
۽ ”خوشبوءَ“ جو ذڪر نڪرندو آهي ته ”پروين شاڪر“
ياد اچي ويندي آهي، جنهن جي سڃاڻپ ئي ”خوشبو جي شاعره“ طور ٿيل آهي جنهن جي پهرين شعري
مجموعي ”خوشبو“ ۾ ”خوشبو“ جو ذڪر بار بار شعرن ۾ آيو آهي:
”وه تو
خوشبو هي هوائون مين بکهر جائي گا،
مسئلا
پهول ڪا هي، ڦول ڪدهر جائي گا.“
يا وري هي شعر:
”ڪُوبڪُو
بات ڦيل گئي شناسائي ڪي،
اُس
ني خوشبو ڪي طرح ميري پذيرائي ڪي.“
اڄ خوشبو جون ڳالهيون ڪرڻ واري اُن شاعره جي وڇڙڻ جو
ڏينهن آهي. ان ڪري اڄ پروين شاڪر جي فن ۽ اُن جي شعرن ۽ شعرن ۾ سمايل فڪر ۽ فلسفي جون
ڳالهيون ڪبيون.
هوءَ جڏهن پنهنجي شعرن ۾ محبتن ڀريل نون خيالن کي ترتيب
ڏيندي هُئي ته پڙهندڙ انهن شعرن جو ڀرپور تاثر وٺي شاعراڻي سمجهه به ماڻي وٺندا هئا.
”ٽين (Taine)“ جو چوڻ
آهي ته: ”ادب انساني سماج جي تخليقي قوتن جو اظهار آهي ۽ ادب ان ماحول جي تخليق هوندو
آهي، جنهن ۾ اهو پيدا ٿيندو آهي ۽ وڌندو ويجهندو آهي. سندس پيدا ٿيڻ وارو زمانو ۽ ماحول،
ان ۾ ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا مٿس اثر ڪندا آهن ۽ سندس ذهن کي هڪ خاص رُخ ۾ مخصوص سانچي
۾ تبديل ڪندا آهن. ان ڪري هر مڪان ۽ زمان جو ادب هڪ خاص نسل ۽ هڪ خاص ماحول ۽ خاص لمحي
جي تخليق هوندو آهي ۽ انهن حدن کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي.“
”ٽين (Taine)“ جي مٿين
ڳالهين مطابق پروين شاڪر جي شاعريءَ جو جائزو وٺجي ته ان جي فن جا ڪيترائي نوان پهلو
اسان جي آڏو ڪپڙن جي ٿان وانگي کُلندا ويندا. پروين جي فن جي گهرائي ۾ وينداسين ته
اسان کي شهري ماڻهن جي طبيعتن، مصروفيتن، ڪُوڙن بهانن، بيگانگي، ڌارين جهڙن روين ڌارڻ،
تعلق رکي لاتعلق بڻجڻ ۽ انهن جي بيوفائي جهڙا موضوع ان جي شعرن ۾ ملندا. مٿين موضوعن
تي لکڻ کان اڳ ۾ مان پروين شاڪر جي اُنهن شعرن جو ذڪر ٿو ڪيان، جيڪي بي انتها محبتن
جا بهترين نمونا آهن. ”خوشبو“ کان پوءِ پروين شاڪر جي شاعريءَ ۾ ٻي نمبر تي جنهن موضوع
تي سڀ کان وڌيڪ شعر ملن ٿا، اُهو موضوع ”وڇوڙو“ آهي. ”وڇوڙي“ جي پس منظر ۾ وينداسين
ته اڳ ۾ ذڪر ڪيل موضوع شهري ماڻهن جي بيگانگي، بيوفائي، ڌاريائپ ۽ لاتعلقي اکين جي
آڏو اچي وينديون، جتي رشتن ۽ محبتن کان وڌيڪ پئسي، ڏوڪڙ جي اهميت رهي آهي. اهڙي موضوع
تي جاويد اختر جو غزل آهي ته:
”شهر ڪي دڪاندارو! ڪاروبارِ اُلفت مين، سود ڪيا،
زيان ڪيا هي، تم نه جان پاؤگي،
دل ڪي دام ڪتني هين، خواب ڪتني مهنگي هين اور لب
په جان ڪيا هي، تم نه جان پاؤگي.“
وصل ڪا سڪون ڪيا هي، هجر ڪا جنون ڪيا، عشق ڪا فسون
ڪيا هي درد ڪا درون ڪيا هي!
تم مريضِ دانائي، مصلحت ڪي شيدائي، آهه ڪيا، فغان
ڪيا هي، تم نه جان پاؤگي.“
پروين شاڪر جي اهڙي موضوع تي لکيل شعرن جو ذڪر بعد
۾ ڪندس، جن ۾ هڪ شهر ۾ رهي نه ملڻ جو درد، شهري ماڻهن جي رشتن کان لاتعلقي يا پَل
۾ بدلجي وڃڻ، پر ان کان پهرين اهو چوندس ته پروين شاڪر، محبتن جي سفير هئي، ان جي شاعري
ان جي محبتن جي امين آهي. جڏهن به سفر تي ”اڪيلو“ وڃجي ۽ اُتي محبوب جو خيال اچي وڃي
ته ڇا ٿو ٿئي. پروين شاڪر چئي ٿي ته:
”ڪوئي
ستاره ميري ساٿ ساٿ چلني لگا،
سفر
مين جيسي هي مجهه ڪو ترا خيال آيا.“
محبت ڪندڙ اهو فلسفو خوب ڄاڻن ٿا ته ”دلين ۾ محبوب
جي ”ياد جا چنڊ“ پنهنجي چانڊوڪي سميت چمڪندا رهندا آهن. گهر ۾، ڪمري ۾ چاهي ڪيترائي
انڌيرا ڇو نه هُجن پر محبت ڪندڙ دليون انهن انڌيرن جي اونداهين کان بچيل هونديون آهن.
ڇو ته اُنهن ۾ محبوب جي ”ياد جا چنڊ“ چمڪندا رهندا آهن. پروين جو شعر آهي ته:
”يه ڪون
لوگ اندهيرون ڪي بات ڪرتي هين،
ابهي
تو چاند تري ياد ڪي ڊهلي بهي نهين.“
محبتون جڏهن شدتون اختيار ڪري وينديون آهن، جڏهن جنون
بڻجي وينديون آهن. جڏهن عبادت جو درجو ماڻي وٺنديون آهن، تڏهن سچل چواڻي اها ڪيفيت
هوندي آهي: ”جو دل غافل سو دم ڪافر.“ يا وري شاهه ڪريم بُلڙي واري چواڻي ته:
”سڄڻ
ساعت هيڪڙي، جي ٿئي اکيين ڌار،
ته
ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهن.“
محبت جي فلسفي ۾ هڪ پل، هڪ ساعت لاءِ به محبوب کان
غافل نه ٿيڻو آهي. غافل ٿيڻ وارا محبت جي معراج کي ماڻي ناهن سگهندا. محبت ڪندڙ ماڻهو
ڀلي دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ وڃي عيش آرام سان رهن پر اُنهن کي اُتي به سڪون نه ملندو،
ڇو ته چين ۽ سڪون ته محبوب وٽ وڃڻ/ هُجڻ سان ملندو آهي يا وري خيالن ئي خيالن ۾، تصور
ئي تصور ۾ محبوب سان رهاڻ رچائڻ ۾:
”سڪونِ
دل ڪي ليئي ڪهان ڪهان نه گئي،
مگر
يه دل، ڪه سدا اُس ڪي انجمن مين رها.“
محبت ۾ هڪ عجيب جادو هوندو آهي، جيڪو محبت ڪندڙن جي
وجود کي پنهنجي مُٺ ۾ جهلي رکندو آهي. محبوب کي اها ساحري، محبت وٽان ملندي آهي. انهيءَ
ساحري جي بدولت هُو هڪ ڪمال درجي جو ساحر ليکيو ويندو آهي ۽ ههڙا شعر پروين شاڪر جي
قلم مان سرجندا آهن:
”اُس
ڪي مُٺي مين هي روز رها ميرا وجود،
ميري
ساحر سي ڪهو اب مجهي آزاد ڪر لي.“
هاڻي مان اچان ٿو پروين شاڪر جي شاعريءَ ۾ شهر جي ذڪر
ڏانهن، شهر جي ماڻهن جي بي پرواهي، سنگدلي، بيرخي، بيوفائي وارن شعرن ڏانهن. شاعر جو
درد پنهنجي ”ذات“ جي ”جُز“ کان شروع ٿي، قوم جي درد جي ”ڪُل“ ڏانهن وڃي ڪماليت تي پهچي
”امرتا“ ماڻي ٿو. شهر جي ماڻهن جي فطرت ۾ بي پرواهي ۽ لاتعلقي ايتري قدر شامل ٿي وئي
آهي، جو ماڻهو هڪڙي شهر ۾ رهندي به سالن تائين هڪ ٻئي سان ملي ناهن سگهندا! اڄ جو شهري
ماڻهو، گهر، آفيس ۽ بازار جي فريب ۾ وڃائجي محبت ڪندڙ رشتن کان ڪٽجي ويا آهن، ڪٽجن
ٿا پيا پر اُنهن کي ڪو احساس ناهي. اهڙن بي ترس، پٿر دل ماڻهن ۾ ”محبوب“ به جيڪڏهن
شامل ٿي وڃي ته ٻيو ڪهڙو ظلم ٿي سگهي ٿو! پروين شاڪر جو درد، اسان جو درد آهي. پروين
شاڪر جو درد اسان جي نسل جو درد آهي، اسان جي سماج جو درد آهي. مان پاڻ انهيءَ ظلم
۽ درد جو شڪار آهيان، جنهن ظلم ۽ درد جو شڪار پروين شاڪر هُئي. پوءِ به ”محبوبن“ کي
ڏوهه ڏيڻ جي بجاءِ، دل کي آٿت ڏجي ٿي. هڪڙو خيال مطمئن ڪري وڃي ٿو. هڪڙو خيال اطمينان
بخشي ٿو:
”ايڪ
هي شهر مين ره ڪر جن ڪو اذنِ ديد نه هو،
يهي
بهت هي، ايڪ هوا مين سانس تو ليتي هين.“
اطمينان ۽ مطمئن هُجڻ بابت، هي شعر به پڙهون:
”وه شهر
مين هي، يهي بهت هي،
ڪس
نه ڪها، ميري گهر هي ٺهر لي.“
اهو اسان جي سماج جو ڪيڏو نه وڏو ”الميو“ آهي ته اسان
جا جيڪي ”پنهنجا“ آهن، اُهي اسان کي ضرورت وقت، مشڪل گهڙين ۾ ساٿ نٿا ڏين پر اُهي ان
وقت ٻين جا ڀرجهلا ٿي ويندا آهن، اُهي جن کي اسان جو ڀرجهلو ٿيڻ گهرجي. انهيءَ لاتعلقي،
انهيءَ بيرخي انهيءَ ڌاريائپ واري رويي ۽ سماجي الميي کي پروين شاڪر محبت جي رنگ ۾
رنگي شڪوا ۽ شڪايت واري انداز ۾ مخاطب ٿي چئي ٿي ته:
”اورون
ڪا هاٿ ٿامو، انهين راسته دکهاؤ،
مين
بهول جاؤن اپنا هي گهر، تم ڪو اس سي ڪيا.“
گهڻو وقت اڳ هڪڙو اردو شعر پڙهيو هوم، جنهن ۾ تعلقات
جي دنيا کي شاعر ”تجارتي“ ڪوٺي سماج جي ”دُون“ تي ٺونشو وهائي ڪڍيو. شعر آهي ئي سماج
جي ڪُوجهاين ۽ بُڇڙاين تي چوٽ ڪرڻ ۽ طنز ڪرڻ. اُهو شعر هي آهي ته:
”تجهه
سي عرض هي ڪه تُو هم سي راهه و رسم نه رکهه،
ڪه
تعلقات ڪي دنيا بڙي تجارتي هي.“
تعلقاتن جي انهيءَ ”تجارتي دنيا“ ۾ جڏهن هڪ ٻئي سان
”مفاد“ سلهاڙيل ناهن هوندا ۽ هڪ ٻئي ۾ ”مفاد“ يا ”ڪاروباري منافعي“ جي اُميد ناهي هوندي
ته ماڻهو هڪ ٻئي سان ملڻ گوارا ناهن ڪندا. هڪ ٻئي لاءِ اجنبي بڻجي ويندا آهن. هڪ ٻئي
جي لاءِ ڌاريا بڻجي ويندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ هڪ ئي شهر ۾ رهڻ واري ”آٿت“ پنهنجي جاءِ
تي پر ”اکين کي انتظار جي سوليءَ“ تان لاهڻ جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ملي وڃڻ ۽ ”ديدار“ ڪرائڻ
لاءِ به چئبو آهي:
”دکهلا
کسي طور اپني صورت،
آنکهون
کو مزيد مت سزا دي.“
اڄوڪي دؤر ۾ سماجي ڀڃ ڊاهه واري صورتحال جاري آهي.
انهيءَ ڀڃ ڊاهه ۾ اسان جي ثقافت، اسان جي ٻولي، اسان جي سوچ، اسان جا قدر ڀڄي ڀُري
رهيا آهن، تبديل ٿي رهيا آهن ۽ اها تبديلي مثبت هُجڻ جي بجاءِ منفي آهي. اهڙي حالت
۾ حساس ماڻهو ته ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا مرندو آهي ۽ مري وري جيئدو آهي. موجوده دؤر
۾ وک وک تي چالاڪيون، ”نانگ“ بڻجي ماڻهن کي ڪکي رهيون آهن. اوپرائپ جي احساس کي شدتن
سان اُڀاريو پيو وڃي. فريب ۽ دوکا ڏيڻ، جنهن سماج جي وندر ۽ خوشي جو سبب بڻجي رهيا
آهن. اهڙي سماج ۾ جيئڻ ڪمال جي ”ڪاريگري“ يا”معجزو“ آهي. پروين شاڪر جي سماج تي گهري
نظر هئي، هوءَ محبتن جي شاعره آهي. انهيءَ ڪري هوءَ سماجي المين، بي حسين، دوکن ۽ فريبن
جو ذڪر به محبت واري لهجي ۾ پنهنجي “آرٽسٽڪ“ انداز ۾ ڪندي هئي. هي شعر پڙهو:
”وه اپني
ايڪ ذات مين ڪل ڪائنات ٿا“
دنيا
کي هر فريب سان ملوا ديا مجهي.“
خوبصورت ماڻهن، شاعرن، اديبن، ليکڪن ۽ فنڪارن جون سوچون
به خوبصورت هونديون آهن ۽ حقيقتن کان مختلف! حقيقتون ڪيڏيون به کڻي ڪڙيون ۽ بي رحم
هُجن پر سوچون ۽ تصور انهيءَ بي رحمي کان بچيل هوندا آهن ۽ جن ماڻهن سان ”دليون، ڳنڍير
جي ڳنڍين“ وانگي ڳنڍيل هُجن، جن ماڻهن سان جيءَ جون جڙون، ”ڪڙي منجهه ڪڙي“ وانگي لپيٽيل
هُجن يا جن ماڻهن سان دليون، ائين مليل هُجن، جيئن ”پاڻياريءَ سر ٻهڙو“ يعني اُن جي
سر مٿان رکيل ٻه دلا هڪ ٻئي سان مليل هُجن يا جيئن ”ڪاتب جي لکيل لام ۽ الف“ وانگي
دليون مليل هُجن، تڏهن جي ڪو بدلجي وڃي، بدلجڻ لڳي! پروين جو انهيءَ حوالي سان شعر
آهي ته:
”سوچون
تو وه ساٿ چل رها هي،
ديکهون
تو نظر بدل رها ها.“
اها ”نظر بدلڻ“ واري بي رحم حقيقت، گولي جهڙو ڪم ڪري
ويندي آهي!
انتظار جي ڪيفيت به عجيب هوندي آهي، جنهن ڪيفيت ۾ نه
جيئبو آهي ۽ نه مربو آهي. انتظار ڪندي ڪندي ڪيترائي خواب ڏسبا آهن. ڪيئي سوچون، سوچبيون
هونديون آهن، ڪيئي خوبصورت تصور ۽ خيال جوڙبا آهن، ڪيئي وهم ۽ وسوسا ۽ گمان جنم وٺندا
آهن. انتظار وارو سمورو وقت، انتظار ڪندڙ کي پنهنجي بي رحم هٿن سان نپوڙيندو رهندو
آهي. اهڙين ڪيفيتن ۾ رهندڙ ماڻهن جي حالت ”ائبنارمل“ ماڻهن جهڙي هوندي آهي. داناءَ
۽ ڏاها هوندي پاڳل جهڙا لڳندا آهن. اهڙين حالتن ۾ رهندي ۽ اهو سوچيندي ته اجهو هوُ
آيو ۽ اُهو اچي ۽ هليو به وڃي! انتظار ڪندڙ، انتظار ڪندي، آسون سجائيندي گُل چونڊيندي
رهجي وڃي! پروين شاڪر انهيءَ درد کي، اهڙي حالت کي بيان ڪيو آهي:
”مين
ڦول چُنتي رهي اور مجهي خبر نه هوئي،
وه
شخص آيا مري شهر سي چلا بهي گيا.“
پروين شاڪر جي شعرن تي لکندي ۽ سماجي المين جو ذڪر
ڪندي، معاشري جي ڪوجهائپ ۽ بُڇڙائپ تي چوٽ ۽ طنز وارا شعر پڙهندي، مون اهو ڄاتو آهي
ته پروين شاڪر کي سماج جو ڪمال درجي جو ادراڪ هو ۽ هوءَ محبت جي شاعره هُئي، هُن وٽ
محبت ڪندڙ دل هُئي، انهيءَ ڪري هُن سماجي ڀڃ ڊاهه، منفي قدرن، ڌاريائپ، بيرخي، لاتعلقي
۽ بيوفائي جهڙن روين کي محبت وارن جذبن ۾ سموئي لکندي رهي ۽ اهو ئي محبت وارو انداز،
محبت وارو لهجو ئي پروين شاڪر جي سڃاڻپ آهي ۽ اهو محبتن ڀريو انداز، محبتن ڀريو لهجو
۽ ان سان گڏ ”آرٽسٽڪ انداز“ سان ڳالهه کي خوبصورت بڻائي پيش ڪرڻ ئي هن جي شاعري جي
”امرتا“ جو سبب آهي. اها محبت ڪندڙ پروين شاڪر هئي، جنهن پنهنجي شعرن ۾ محبتن جو لهجو
ڌاريو هو. اها پروين شاڪر هُئي، جنهن پنهنجي شعرن ۾ محبت کي موضوع بڻايو. اها پروين
شاڪر هُئي، جيڪا پنهنجي محبت تي اعتماد ڪندي هُئي، اُن پروين شاڪر کي اهو يقين هو
۽ اهو يقين ئي پروين جي زندگي جي خوبصورتي هُئي. هن پنهنجي محبت جي حوالي سان بااعتماد
لهجي ۾ پروقار انداز ۾ وڏي واڪ چيو هو ته:
”ڪون
چاهي گا تمهين ميري طرح،
اب
ڪسي سي نه محبت ڪرنا.“
No comments:
Post a Comment