21/03/2013

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ضميري پڇاڙي: ’م‘ ۽ ’س‘ جو مختصر اڀياس - الطاف حسين جوکيو (Altaf H. Jokhyo)


شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ضميري پڇاڙي: ’م‘ ۽ ’س‘ جو مختصر اڀياس
الطاف حسين جوکيو
شيخ اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو اثاثو آهي؛ ليڪن ساڳئي وقت پنـﮬـنجي دؤر جي هڪ اڻ- مِٽ تاريخ پڻ آهي. هن حالت سنڌي ٻوليِءَ جي عالمن ۽ اديبن تي لازم ٿئي ٿو ته ان جي مڙني رخن تي علمي انداز ۾ ڪم ڪن!
مان لسانيات جو طالب علم آهيان، ليڪن جڏهن لسانيات کي ڏسجي ٿو ته ان جا به ڪافي رخ ٿين ٿا. وياڪرڻ، صوتيات، صرفيات، سماجي لسانيات، لـﮬـجاتي اڀياس، صورتخطي وغيره. مون لسانيات جي هڪ ننڍڙي نڪتي تي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي.

مقصد ته هر شعبي جي ماڻهوءَ تي اهو فرض ٿئي ٿو ته هو مختلف رخن سان شيخ اياز جي شاعريءَ تي علمي تنقيد سان ڪم ڪري؛ ته جيئن اسين پنـﮬـنجي اثاثي کي مختلف پاسن سان ڏسي ڪري ڪو لاڀ پرائي سگھون. مون شيخ اياز جي شاعريءَ جي ٻن ڪتابن ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙين مان صرف ٻن پڇاڙين ’م‘ ۽ ’س‘ جي صرف هڪ رخ جو مختصر جائزو ورتو آهي ۽ اهڙي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندم. جيڪڏهن اياز جي شاعريءَ ۾ ڪم آندل ضميري پڇاڙين جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو وٺجي ته هڪ ٿيسز جو روپ وٺي سگھي ٿي.
جيئن ته شيخ اياز بنيادي طور سنڌي ٻوليءَ جو وڏو احاطو رکندڙ اترادي لـﮬـجي جي اپلـﮬـجي: شڪارپور جو ماڻهو آهي، هيٺ ان دائري اندر، سندس استعمال ڪيل مذڪوره ضميري پڇاڙين جو مختصر اڀياس پيش ڪجي ٿو:
راڄ گھاٽ تي چنڊ‘ مان هڪ بيت:
اچــــين ٿو اوٺارَ، جھُــوڙا سڀ جھِمـڪن پـيا،
تڪي تنـﮬـنجا پارَ، ڪاٽيم ڪيڏيون راتڙيون.
(اياز، 1987: 13)
ٻئي هنڌ هڪ نظم ۾ چيو اٿس:
ڪيڏو دور رهان ٿي توکان ٻيءَ ڪنـﮬـن دنيا ۾،
مان جي هاڻي ايندَس تو وٽ رهندَس مان ڇا ۾؟
(اياز، 1987: 179)
چند مثال ’ٽڪرا ٽٽل صليب جا‘ مان:
”مان تنـﮬـنجي مُئي کان پوءِ به توسان هوندَس،‘
شاعريءَ مرڪندي چيو، ’تون مون ۾ جيئرو هوندين.“
(اياز، 1991: 23)
·        ’مان حيدرآباد ۾ هوٽل ’اوريئنٽ‘ ۾ ويٺو هوس، ته هو اوچتو مون ڏانهن آيو ۽ مون کي کيڪر ڪري منـﮬـنجي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويـﮬـي رهيو. ڪرسي تي ويـﮬـڻ کان اڳ هن نٽ هئسمن جو ڪتاب ’هنگر‘ (بک) ور مان ڪڍي ميز تي رکيو ۽ انهيءَ اداڪار وانگر، جنـﮬـن کي پوري ناٽڪ ۾ فقط هڪ ئي جملو چوِڻو هوندو آهي، يڪدم چيائين، ”اڄ ئي خريد ڪيو اٿم، اڃان پڙهي نه سگهيو آهيان.“    (اياز، 1991: 24)
·        ”مان سنڌيءَ جي چوٿين درجي ۾ پڙهندو هوس، ته هڪ ڏينـﮬـن اسڪول جي هيڊ ماستر سڀني شاگردن کي چيو ته جيڪو شاگرد مختلف پکين جا گھڻي ۾ گھڻا پَر ڪٺا ڪري، ڦڙڪي تي چنبڙائي، پَرن هيٺان پکين جا نالا لکي ايندو، ان کي انعام ڏنو ويندو. ان ڪري مان ڪجھ ڏينـﮬـن شڪارپور جا باغ چِڪاريندو وتيو هوس ۽ طوطن، ڪبوترن، هيڙهن، هُد هدن، چيـﮬـن، ڪاٺ ڪُٽن وغيره جا ڪيئي رنگا رنگ پَر ڪٺا ڪيا هيم. اهي پکي جن جا اهي پَر آهن، پنـﮬـنجيون ٻولڙيون ٻولي، ڪيڏانـﮬـن اڏامي ويا؟ “ (اياز، 1991: 37)
واٽون ڦلن ڇانئيون“ مان چند مثال:
هميشہ تو سان،
تارن ڀري راتڙي،
هُوندس، هوندس مان.    (اياز، 1991: 173)
·        تون جتي به هوندينءَ، اتي مان تو وٽ هوندس،
مان تو ۾ آهيان ۽ اتي ٻي ڪنـﮬـن لاءِ جاءِ نه آهي، …
جي تون ڪوئي ڪتاب پڙهندينءَ
ته مان ان جي اکرن مان اڀري ايندس،
۽ جي منـﮬـنجي ڪويتا تنـﮬـنجي هَردي ۾ هُرندي رهندي،
مان هير وانگر تنـﮬـنجيءَ دريءَ مان تو وٽ ايندس
۽ جي تون دري بند ڪري ڇڏيندينءَ،
ته مان طوفان ٿي ايندس
۽ ان جا تاڪ ٽڪرا ڪري ڇڏيندس،
۽ مان توکي، تنـﮬـنجي جيون کي،
تنـﮬـنجيءَ آتما کي ڌونڌاڙيندس!         (اياز، 1991: 222)
شيخ اياز جي شاعريءَ مان ضميري پڇاڙين ’م‘ ۽ ’س‘ جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويو، جنـﮬـن بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته اياز ضميري پڇاڙين ۾ ’م‘ ۽ ’س‘ ٻنهي جو استعمال ڪيو آهي، ان مان سوال اهو ٿو اڀري ته:
اياز جي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙيءَ طور ’م ۽ س‘ جي استعمال جي معياري سطح ڪيتري آهي؟
حقيقت ۾ هن نڪتي تي تفصيلي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ليڪن هت صرف چند لفظن ۾ مذڪوره ضميري پڇاڙين جي علمي ڇنڊڇاڻ ۽ اياز جي استعمال جو معيار مقصود آهي. ضميري پڇاڙين ’س ۽ م‘ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جو هي اشارو وڌيڪ وزن رکي ٿو ته:  ”اسم ۽ ظرف ۾ لڳندڙ ضميري پڇاڙيون هن ريت آهن:
واحد
جمع
ضمير متڪلّم- م
اُون يا هُون
ضمير غائب- س
نِ ۽ نَ “
(امجد، 2011: 163)
عام طور اسان جي ٻوليءَ جي لـﮬـجن ۾ اهڙين ضميري پڇاڙين جو فرق محسوس ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ جي اشاري مان واضح طور تي اهو ئي معلوم ٿيو ته ٻوليءَ جي مزاج پٽاندر ضمير متڪلّم جي صورت ۾ ’م- ضميري پڇاڙي‘ ۽ ضمير غائب جي صورت ۾ ’س- ضميري پڇاڙيءَ‘ جو استعمال ڪرڻ گھرجي؛ ٻي صورت ۾ جملي جي مونجھاري واري امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگھجي.
عام طور تي سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق اهو طئه آهي ته هر لفظ جو آخري وينجن متحرڪ ٿيندو آهي؛ ليڪن مذڪوره ضميري پڇاڙيون ٻوليءَ جي مزاج مطابق ساڪن رهنديون آهن، ۽ هنن جي ماقبل آخري سُر تي مؤنث- مذڪر جو انحصار ٿيندو آهي- اهو هڪ الڳ بحث آهي.
ضميري پڇاڙين جي استعمال جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو ته: ”ضميري پڇاڙي ۾ لاڙ ۾ ’س‘ ۽ اتر ۾ ’م‘ جو فرق موجود آهي. ساڳي وقت اچار ۾ به فرق موجود آهي. مثال:
لاڙي                                          اترادي
ويندس                                       ويندم 
موڪليندس                                 موڪليندم     
موڪليندوسانس                            موڪليندومانس        
کائيندس                                     کائيندم.“   (طارق، 1- 2، 2011: 175)
ڊاڪٽر غفور صاحب جي ڄاڻايل مثالن ۾ ’ويندس/ويندم‘ ۽ ’کائيندس/کائيندم‘ ۾ لاڙي مثالن موجب ٻن مرادن جو امڪان رهي ٿو؛ جيئن:
ڄاڻايل مثال
پـﮨـرين وضاحت
ٻي وضاحت
ويندس
هو، هن ڏانـﮨـن ويندو.
مان/ آءٌ ويندس.
کائيندس
هو، هن جو (ڀتُ) کائيندو.
مان/ آءٌ کائيندس.
جڏهن ته اترادي مثالن ۾ اهڙي قسم جي لچڪ ظاهر نه ٿي ٿئي.
ڄاڻايل مثال
پـﮨـرين وضاحت
ٻي وضاحت
ويندم
مان ويندس.
کائيندم
مان کائيندس.
اترادي مثالن ۾ لچڪ نه ٿي رهي، جڏهن ته لاڙي مثالن ۾ ’ضمير‘ جو استعمال ئي واضح ڪري سگھي ٿو ته ڳالهائيندڙ يا لکندڙ جي ڪـﮨـڙي مراد آهي. ان حالت ۾ جيڪڏهن جملي جو درست تصور ڏيڻو آهي ته هيٺيون صورتون بيـﮨـاري سگھجن ٿيون:
جملو
جملي جو اختصار
مان ويندس.
ويندم.
ضميري پڇاڙين جي حوالي سان ڊاڪٽر هدايت پريم صاحب جو ڪم بيشڪ ساراهڻ جوڳو آهي، جنـﮨـن ٻنهي جي استعمال ۾ فرق ڏيکاريو آهي؛ سندس ٻه- اڍائي جملا نوٽ ڪجن ٿا: ” ’م‘ پڇاڙي معياري لـﮨـجي ۾ ضمير متڪلم لاءِ ڪم ايندي آهي، اترادي لـﮨـجي ۾ پڻ ساڳيا فعل ’م‘ پڇاڙيءَ سان ڪم ايندا آهن. ’س‘ پڇاڙي معياري لـﮨـجي ۾ ضمير غائب واحد لاءِ ڪم اچي ٿي، ان جي جاءِ تي اتراديءَ ۾ ’هنس‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي.“
(هدايت، 1995: 53- 54)
 وياڪرڻي اصولن موجب ڄاڻايل ضميري پڇاڙيون، ضمير متڪلم ۽ غائب طور زمان ماضيءَ ۽ مستقبل جي جملن ۾ ڪم آنديون وينديون آهن. جڏهن ته ساڳيا آواز ضمير متّصل طور پڻ ڪم آندا ويندا آهن، ٻنهي حالتن جي پاڻ ۾ ويجھڙائپ ضرور آهي، ليڪن وياڪرڻي حيثيت الڳ الڳ بيـﮨـي ٿي؛ جيئن:
ضمير متّصل طور استعمال:
سندم/ پڻـﮨـم = منـﮨـنجو/ منـﮨـنجو پيءُ (حرف اضافت سان- واحد صورت ۾)
سندس/ پڻـﮨـس = هن جو/ هن جو پيءُ (حرف اضافت سان- واحد صورت ۾)
سندن/ پڻـﮨـن = هنن جو/ هنن جو پيءُ (حرف اضافت سان- جمع صورت ۾)
زمان مستقبل جي جملن ۾ ضميري پڇاڙين جو استعمال:
خط لکندُس. (ضمير متڪلِّم- واحد- مذڪر - زمان مستقبل)
خط لکندَس. (ضمير متڪلِّم- واحد- مؤنث - زمان مستقبل)
خط لکندُم.  (ضمير متڪلِّم- واحد- مذڪر - زمان مستقبل)
خط لکندَم.  (ضمير متڪلِّم- واحد- مؤنث - زمان مستقبل)
زمان ماضيءَ جي جملن ۾ ضميري پڇاڙين جو استعمال:
خط ڏٺُس.       {ضمير غائب- واحد- مذڪر- زمان ماضي. (هن ڏٺو)}
خط ڏٺَس.       {ضمير غائب- واحد- مؤنث- زمان ماضي. (هن ڏٺو)}
خط لکيُس.     {ضمير غائب- واحد- مذڪر- زمان ماضي. (هن، هن ڏانـﮨـن لکيو)}
خط لکيَس.  {ضمير غائب- واحد- مؤنث - زمان ماضي. (هن، هن ڏانـﮨـن لکيو)}
خط لکيُن.   {ضمير غائب- جمع- مذڪر- زمان ماضي. (هنن، هن ڏانـﮨـن لکيو)}
خط لکيَن.   {ضمير غائب- جمع- مؤنث- زمان ماضي. (هنن، هن ڏانـﮨـن لکيو)}
خط لکيُم.   (ضمير متڪلِّم- واحد- مذڪر- زمان ماضي)
خط لکيَم.   (ضمير متڪلِّم- واحد- مؤنث- زمان ماضي)
مٿين جملن جي ڇيد بعد اهڙا ’فعل‘ به ملن ٿا، جيڪي ضميري مفـﮨـوم نه ٿا مٽائن، البته مونجھاري جو امڪان آهي:
لاڙي/ حيدرآبادي
اترادي لــجي موجب
مذڪر: شاگرد هيُس.
مؤنث:  شاگردِ/ شاگردياڻي هيَس.
مذڪر: شاگرد هيُم.
مؤنث:  شاگردِ/ شاگردياڻي هيَم.
مٿئين ضميري پڇاڙين جي مختصر اڀياس بعد اهو ڏٺو ويو آهي ته فعل جي ڪن صورتن ۾ معنوي فرق ٿئي ٿو، ڪن ۾ نه ٿو ٿئي؛ ان پيچيده مسئلي جي انتـﮨـائي مختصر، فعل جي وصف جي بنياد تي، صورتن جي جاچ ڪجي ٿي:
فعل جي وصف: ڪنـﮨـن جملي مان ڪم جي هئڻ، ٿيڻ، ڪرڻ، سـﮨـڻ ۽ پوڻ جي معنى نڪري ان کي فعل چئجي.
فعل جي جزن مان ٻن قسمن جا فعل سامهون اچن ٿا:
1.     معاون فعل: هئڻ ۽ ٿيڻ؛
2.     باقاعده فعل: ڪرڻ، سـﮨـڻ ۽ پوڻ.
هيٺ ٻوليءَ جي نسبت چند جملا ڏجن ٿا، جن ۾ فاعل کي ڳجھو رکيو ويو آهي، ته جيئن ضميري پڇاڙيءَ جو تصور ظاهر ٿي سگھي:
زمان مستقبل موجب:
فعل
زمان مستقبل، ’س‘ پڇاڙي
زمان مستقبل ’م‘ پڇاڙي
هئڻ
مذڪر: سگھارو هوندُس.
مؤنث: سگھاري هوندَس.
1. هن جو سگھارو هوندو. (ذ)
2. مان سگھارو هوندس. (ذ)
مذڪر: سگھارو هوندُم.
مؤنث: سگھاري هوندَم.
(مان سگھارو هوندس.)
ٿيڻ
مذڪر: سوڀارو ٿيندُس.
مؤنث:  سوڀاري ٿيندَس.
1. هو، هن تي سوڀارو ٿيندو. (ذ)
2. مان سوڀارو ٿيندس. (ذ)
مذڪر: سوڀارو ٿيندُم.
مؤنث:  سوڀاري ٿيندَم.
(مان سوڀارو ٿيندس.)

ڪرڻ
مذڪر: ڪم ڪندُس.
مؤنث: ڪم ڪندَس.
1. هو، هن جو ڪم ڪندو. (ذ)
2. مان ڪم ڪندس. (ذ)
مذڪر: ڪم ڪندُم.
مؤنث: ڪم ڪندَم.
(مان ڪم ڪندس.)
مذڪر: خط پڙـندُس.
مؤنث: خط پڙـندَس.
1. هو، هن جو خط پڙـندو. (ذ)
2.  مان خط پڙـندس. (ذ)
مذڪر: خط پڙـندُم.
مؤنث: خط پڙـندَم.
(مان خط پڙـندس.)
مذڪر:  ڪتابُ ڏسندُس.
مؤنث: ڪتابُ ڏسندَس.
1. هو، هن جو ڪتاب ڏسندو. (ذ)
2. مان ڪتاب ڏسندس. (ذ)
مذڪر:  ڪتاب ڏسندُم.
مؤنث: ڪتاب ڏسندَم.
(مان ڪتاب ڏسندس.)
مذڪر:  نانگُ ماريندُس.
مؤنث:  نانگُ ماريندَس.
1. هو، هن جو نانگ ماريندس. (ذ)
2. مان نانگ ماريندس. (ذ)
مذڪر:   نانگ ماريندُم.
مؤنث:  نانگُ ماريندَم.
(مان نانگ ماريندس.)
سـﮨـڻ
مذڪر:  ڪتابُ پڙـائيندُس.
مؤنث:  ڪتاب پڙـائيندَس.
1. هو، هن کي ڪتاب پڙـائيندو. (ذ)
2. مان ڪتاب پڙـائيندس. (ذ)
مذڪر: ڪتابُ پڙـائيندُم.
مؤنث: ڪتاب پڙـائيندَم.
(مان ڪتاب پڙـائيندس.)

پوَڻ
مذڪر: مينـﮨـُن پوندُس.
مؤنث:  مينـﮨـُن پوَندَس.
(هن تي مينـﮨـُن پوندو.)
مذڪر: مينـﮨـُن پوندُم.
مؤنث:  مينـﮨـُن پوندَم.
(مون تي مينـﮨـُن پوندو.)
مذڪر: شرم پوندُس.
مؤنث:  شرم پوندَس.
(هن کي شرم پوندو.)
مذڪر: شرم پوندُم.
مؤنث:  شرم پوندَم.
(مون کي شرم پوندو.)




مٿيان زمان مستقبل جا انتـﮨـائي مختصر جملا ’س‘ ۽ ’م‘ پڇاڙين سان تقابلي رکيا ويا، جنـﮨـن مان اهو واضح ٿيو ته فعل جي جزن مان ’پوڻ‘ واري جزي ۾ مذڪوره ضميري پڇاڙيون معنوي فرق رکن ٿيون؛ ٻي صورت ۾ زمان مستقبل پٽاندر فعل جا جزا ’هئڻ، ڪرڻ، سـﮨـڻ ۽ ٿيڻ‘ ۾ مذڪوره ضميري پڇاڙيون ’بدل‘ طور ڪم اچن ٿيون؛ ليڪن انهن ۾ علمي طور مونجھارو پيش ضرور اچي ٿو. جڏهن ته ’م‘ جي پڇاڙيءَ ۾ لچڪ ڪانهي. ان صورت ۾ ضمير متڪلّم لاءِ ڪنـﮨـن فعل جي آخر ۾ ’م‘ ضميري پڇاڙيءَ جو استعمال ٻوليءَ لاءِ بـﮨـتر ڄاڻڻ گھرجي. بـﮨـرحال هي ٻوليءَ جو هڪ پيچيده معاملو آهي، جنـﮨـن تي باضابطه طور ڪم ٿيڻ گھرجي.
زمان ماضيءَ موجب:
فعل
زمان ماضي، ’س‘ پڇاڙي
زمان ماضي، ’م‘ پڇاڙي
هئڻ
مذڪر: سگھارو هيُس.
مؤنث: سگھاري هيَس.
1. هن جو سگھارو هيو.
2. مان سگھارو هيم.
مذڪر: سگھارو هيُم.
مؤنث: سگھاري هيَم.
(مان سگھارو هيس.)

ٿيڻ
سوڀارو ٿيُس.
سوڀاري ٿيَس.
1. هن جو (پٽ) سوڀارو ٿيو. (ذ)
2. مان سوڀارو ٿيس.
سوڀارو ٿيُم.
سوڀاري ٿيَم.
(مان سوڀارو ٿيس.)

ڪرڻ
مذڪر: ڪم ڪيُس.
مؤنث: ڪم ڪيَس.
(هن، هن جو ڪم ڪيو.)
مذڪر: ڪم ڪيُم.
مؤنث: ڪم ڪيَم.
(مون ڪم ڪيو.)
مذڪر: خط پڙـيُس.
مؤنث: خط پڙـيَس.
(هن، هن جو خط پڙـيو.)
مذڪر: خط پڙـيُم.
مؤنث: خط پڙـيَم.
(مون خط پڙـيو.)
مذڪر:  ڪتابُ ڏٺُس.
مؤنث: ڪتابُ ڏٺَس.
(هن، هن جي ڪتاب کي ڏٺو.)
مذڪر:  ڪتاب ڏٺُم.
مؤنث: ڪتاب ڏٺَم.
(مون ڪتاب ڏٺو.)
مذڪر:  نانگُ ماريُس.
مؤنث:  نانگُ ماريَس.
(هن، هن جي نانگ کي ماريو.)
مذڪر:   نانگ ماريُم.
مؤنث:  نانگُ ماريَم.
(مون نانگ ماريو.)
سـﮨـڻ
مذڪر:  ڪتابُ پڙـايُس.
مؤنث:  ڪتاب پڙـايَس.
(هن، هن کي ڪتاب پڙـايو.)
مذڪر: ڪتابُ پڙـايُم.
مؤنث: ڪتاب پڙـايَم.
(مون ڪتاب پڙـايو.)

پوَڻ
مينـﮨـُن پيُس.
مينـﮨـُن پيَس.
(هن تي مينـﮨـُن پيو.)
مينـﮨـُن پيُم.
مينـﮨـُن پيَم.
(مون تي مينـﮨـُن پيو.)

شرم پيُس.
شرم پيَس.
(هن کي شرم پيو.)
شرم پيُم.
شرم پيَم.
(مون کي شرم پيو.)




زمان ماضيءَ موجب، فعل جي ’هئڻ ۽ ٿيڻ‘ واري جزي ۾ ’س‘ ۽ ’م‘ ضميري پڇاڙين سان مونجھارو ضرور ٿئي ٿو ليڪن ڪو خاص فرق نه ٿو پوي؛ البته، فعل جي ’ڪرڻ، سـﮨـڻ ۽ پوَڻ‘ واري جزي ۾ ’س‘ ۽ ’م‘ ضميري پڇاڙين ۾ معنوي فرق ظاهر ٿئي ٿو. ان صورت ۾ لـﮨـجاتي فرق ۾ ٿيندڙ فرق موجب ’م‘ ۽ ’س‘ جي ضميري پڇاڙين کي صرف هڪٻئي جو بدل ڄاڻائڻ کان پرهيز ڪئي وڃي؛ ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ضميري پڇاڙيون ترتيبوار ضمير متڪلّم ۽ غائب جي نمائندگي ڪن ٿيون.
وچولي لـﮨـجي (ساهتي لـﮨـجي) پٽاندر مذڪوره ٻئي پڇاڙيون جملن جي نزاڪت سان ڪم آنديون وينديون آهن؛ چند جملا تقابلي رکجن ٿا، جن مان ڪي ته منجھيل پڻ لڳندا آهن:
ٻوليءَ جي مزاج مطابق
جملي جي ٻي صورت
ٻڪرُ کاڌُم. (مون ٻڪرُ کاڌو)
ٻڪري کاڌَم. (مون ٻڪري کاڌي)
ٻڪرُ کاڌُس. {هن ٻڪر کاڌو(منجهيل جملو)}
ٻڪري کاڌَس. (هن، هن جي ٻڪري کاڌي)
ٻڪرَ کاڌُم. (مون کي ٻڪرَ چڪ پاتو)
ٻڪريءَ کاڌُم. (مون کي ٻڪريءَ چڪ پاتو)
ٻڪرَ کاڌُس. (هن کي ٻڪر چڪ پاتو)
ٻڪريءَ کاڌُس. (هن کي ٻڪريءَ چڪ پاتو)
مٿين جملن ۾ ’ٻڪرُ کاڌُم/ ٻڪرُ کاڌُس‘ مان ’ٻڪرُ کاڌُم‘ کي ئي درست چئي سگھجي ٿو، جڏهن ته ’ٻڪرُ کاڌُس‘ جملو ئي منجھيل آهي. آگاهي رهي ته اهڙي ڇنڊ ڇاڻ جو بنياد وچولي لـﮨـجي (ساهتي لـﮨـجي) تي رکيو ويو آهي.
حاصل مطلب:
سنڌي ٻوليءَ جي مٿين مثالن ۽ لـﮬـجاتي فرق جي نسبت اهو واضح ٿيو ته ’م‘ متڪلم ۽ ’س‘ غائب ضمير طور ڪم آڻڻ گھرجي، اهڙي راءِ ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم جي حوالن مان به واضح ملي ٿي؛ ليڪن جتي ’ضمير متڪلم‘ طور ’س‘ جو استعمال ٿئي ٿو ان هنڌ ٻوليءَ جي نسبت مونجھارو سامهون اچي ٿو.

شيخ اياز جي ضميري پڇاڙين جي استعمال تي اصولي ڇنڊ ڇاڻ:
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جڏهن مذڪوره ضميري پڇاڙين جو اڀياس ڪجي ٿو ته ٻنهي جو استعمال ملي ٿو، اڃا به ائين کڻي چئجي ته سندس تخليق ۾ ضميري پڇاڙيءَ: ’س‘ جو استعمال ڪي قدر وڌيڪ آهي. ان صورت ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته شيخ اياز جي ٻوليءَ تي سنڌي ٻوليءَ جي وڏن لـﮬـجن جو اثر رهيو آهي؛ يا ائين کڻي چئجي ته شيخ اياز جي شاعري، مڙني لـﮬـجن جي نمائندگي ڪري ٿي.
ليڪن اها ڳالهه ضرور آهي ته سندس ٻوليءَ ۾ جتي ’س‘ جي ضميري پڇاڙي ڪم آندي وئي آهي، اتي ’مان‘ ضمير جو استعمال لازمي ڪيو اٿس. جنـﮬـن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته شيخ اياز ’س‘ جي ضميري پڇاڙيءَ کي معياري ٻوليءَ موجب ’ضمير متڪلم‘ جي نشانيءَ طور مڃڻ کان احتياط ڪري ٿو. ان بنياد تي اهو ئي نتيجو نڪري ٿو ته ’م ۽ س‘ ضميري پڇاڙين جي معاملي ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جي ٻولي معيار جي مٿاهين درجي تي آهي. هيٺ سندس ڄاڻايل سٽن مان مثال خيال خاطر رکجن ٿا:
’م‘ ضميري پڇاڙي متڪلم طور (مان کان سواءِ)
’س‘ ضميري پڇاڙي متڪلم طور (مان سان گڏ)
تڪي تنـﮬـنجا پارَ، ڪاٽيم ڪيڏيون راتڙيون.
مان جي هاڻي ايندَس تو وٽ رهندَس مان ڇا ۾؟

اڄ ئي خريد ڪيو اٿم
”مان تنـﮬـنجي مُئي کان پوءِ به توسان هوندَس،‘
طوطن، ڪبوترن، هيڙهن، هُد هدن، چيـﮬـن، ڪاٺ ڪُٽن وغيره جا ڪيئي رنگا رنگ پَر ڪَٺا ڪيا هيم.
’مان حيدرآباد ۾ هوٽل ’اوريئنٽ‘ ۾ ويٺو هوس،
مان سنڌيءَ جي چوٿين درجي ۾ پڙهندو هوس،
مان ڪجھ ڏينـﮬـن شڪارپور جا باغ چِڪاريندو وتيو هوس
هُوندس، هوندس مان.   
اتي مان تو وٽ هوندس،
ته مان ان جي اکرن مان اڀري ايندس،
مان هير وانگر تنـﮬـنجيءَ دريءَ مان تو وٽ ايندس
ته مان طوفان ٿي ايندس ۽ ان جا تاڪ ٽڪرا ڪري ڇڏيندس،
۽ مان توکي، تنـﮬـنجي جيون کي، تنـﮬـنجيءَ آتما کي ڌونڌاڙيندس!
مٿين مثالن مان ’م ۽ س‘ ضميري پڇاڙين جي استعمال جي سطح معلوم ڪري سگھجي ٿي، جنـﮬـن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ’س‘ ضميري پڇاڙيءَ جو استعمال ’م‘ پڇاڙيءَ جي ڀيٽ ۾ چئوڻ تي آهي، ليڪن جتي ’س‘ پڇاڙيءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي اتي ضمير ’مان‘ جو استعمال ضرور ڄاتو اٿائين؛ ٻي صورت ۾ ’م‘ پڇاڙيءَ جي استعمال ۾ ضمير ’مان/ آءٌ‘ جي ضرورت پيش نه آئي اٿس. ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته ضمير متڪلم ’مان/ آءٌ‘ جي جڳـﮬـه تي ’م‘ پڇاڙيءَ جو استعمال معياري ٻوليءَ جي ڏانوَ وٽان آهي؛ جڏهن ته ضمير متڪلم طور ’س‘ جو استعمال معياري ٻوليءَ جي اصولن موجب رد ٿيڻ جوڳو آهي. جيڪڏهن ٻوليءَ جي نسبت ڪم آندو به وڃي ان صورت ۾ ضمير ’مان‘ جو استعمال لازمي آهي.

اڀياسي ڪتاب
1.       ابڙو، طارق عالم- ايڊيٽر (1 ۽ 2- 2011) ٽماهي مهراڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
2.       شيخ اياز (1987) راڄ گھاٽ تي چنڊ، شاعري- نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.
3.       شيخ اياز (1991) ٽڪرا ٽٽل صليب جا ۽ واٽون ڦلن ڇانئيون- نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.
4.       ميمڻ، امجد سراج- مترجم (2011) سنڌي ٻوليءَ جو گرامر (ڊاڪٽر ٽرمپ)- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
5.     هدايت پريم، ڊاڪٽر (1995) اترادي ٻولي- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
شيخ اياز سيمينار 28 ڊسمبر، 2011ع لاءِ لکيل پيپر.

No comments:

Post a Comment