سڏڪي ۾ تبديل ٿيل
عورت جو آواز: روبينه ابڙو
غوث پيرزادو
روبينه ابڙو جي شاعري هڪ اهڙي
مسافر جو ٽهڪ آهي، جنهن هڪ خواب جي پويان ڊوڙندي ڪي لڪ لتاڙيا هجن، ويرانن جي اکٽ
خاموشين جو زهر پيتو هجي، تيرن جي بارشن کي روح جي گهرائين تائين سٺو هجي، ۽ پوءِ
وڃي ان خواب کي پاتو هجي. هن جي شاعريءَ مان رقاصه جي پيرن ۾ ٻڌل گهنگهرن جي اداسي
ليئاڪا پائيندي نظر اچي ٿي.
تهمتن جي راهه تي
آهيان هلي
هر ملامت جهول ۾ آهي جهلي
عمر ساريءَ جا ثواب آهين ڪٿي
اي ازل جا هم رڪاب آهين ڪٿي
هر ملامت جهول ۾ آهي جهلي
عمر ساريءَ جا ثواب آهين ڪٿي
اي ازل جا هم رڪاب آهين ڪٿي
ها ان جي شاعري پڙهندي ان سنڌي عورت جو سڏڪو به جيئين
جو تيئن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جيڪا هڪ رڍ يا ٻڪريءَ جو روپ وٺي هن ٽامو بڻيل ڌرتيءَ تي
وارد ٿئي هجي ۽ بگهڙن سان جهيڙيندي هڪ سڏڪي ۾ تبديل ٿي وئي هجي.
ڳوٺ منهنجي جي
ڳلي تولئه سڪي
خاموشي منهنجي سدا توکي سڏي
سانت منهنجيءَ جا رباب آهين ڪٿي
اي ازل جي هم رڪاب آهين ڪٿي
خاموشي منهنجي سدا توکي سڏي
سانت منهنجيءَ جا رباب آهين ڪٿي
اي ازل جي هم رڪاب آهين ڪٿي
روبينه وٽ سور جي صفت بيان ڪرڻ لاءِ فڪري گهرائي پنهنجي
آخري پد تي آهي، هو نعري بازي يا درد کي پوسٽر جيان چهري تي سجائي جيئڻ کا ڪئو
کائي ٿي، پر نعري بازيءَ جو شڪار نه ٿي ٿئي.
مان اتي ٿي رهان جتي اڄڪلهه
موسمن کي قرار ڪونهي ڪو
ڇونه ماحول ۾ اها مستي
مند ۾ ڇو خمار ڪونهي ڪو
موسمن کي قرار ڪونهي ڪو
ڇونه ماحول ۾ اها مستي
مند ۾ ڇو خمار ڪونهي ڪو
هي هڪ باغي ڪردار جيان روبينه سچ جو آواز بلند ڪيو آهي،
جي سنڌ جي پولارن ۾ مسلسل گونجي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي جو ان عيوض کيس سخت
پيڙائن جي خاردار تارن تان به گذرڻو پيو آهي. روبينه هڪ شاعر واري دل کڻي جيئي ٿو
سو سندس من جي ڌرتيءَ تي گلاب جهومندا ته هوندا، سندس وکي پيار سان ڀرپور ته ضرور
هوندي پر هن جي اظهار يا هن جي لهجي ۾ جيڪو ڀرپور عورت جو نمونو موجود آهي ورلي ئي
ڪٿي نظر ايندو آهي:
تون سين تي سين
نه هڻ جوڳي
هيئن منهنجو چين نه کڻ جوڳي
ڇا لاءِ تون راهه نهارين ٿو
اڄ ٿيندو ڪين اچڻ جوڳي
ڄڻ گُلَ تي تازا ماڪَ ڦڙا
اهڙو تنهنجو مُرڪڻ جوڳي
ڇو مون کان وسري ڪين سگهيو
تنهنجو خاموش ڏسڻ جوڳي
ڪلھَ رستا ڌارون ڌارَ ٿيا
اڄ ٻيهر ايئن نه وڻ جوڳي
تو لاءِ تڪيندم راهه سدا
ڀل وسرين هيلَ ورڻ جوڳي
هيئن منهنجو چين نه کڻ جوڳي
ڇا لاءِ تون راهه نهارين ٿو
اڄ ٿيندو ڪين اچڻ جوڳي
ڄڻ گُلَ تي تازا ماڪَ ڦڙا
اهڙو تنهنجو مُرڪڻ جوڳي
ڇو مون کان وسري ڪين سگهيو
تنهنجو خاموش ڏسڻ جوڳي
ڪلھَ رستا ڌارون ڌارَ ٿيا
اڄ ٻيهر ايئن نه وڻ جوڳي
تو لاءِ تڪيندم راهه سدا
ڀل وسرين هيلَ ورڻ جوڳي
روبينه شاعراڻي دنيا ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙيو آهي،
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي شاعر آهن جيڪي اڄ پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب
ويا آهن، جن کي پڙهي لڳندو آهي، ته سنڌ جي شاعري کي زوال ناهي، اها جيئن جو تيئن
پنهنجي روشنيءَ سان سنڌ کي جهلملائيندي رهندي ۽ انهن شاعرن منجهان روبينه ابڙو
سميت هڪ اياز جاني به آهي جيڪو اسان جي هن محفل ۾ پنهنجي ڀرپور موجودگيءَ جي خوشي
اسان کي ارپي رهيو آهي.
No comments:
Post a Comment