18/04/2013

ڪتاب سنڌي ناول جي مختصر تاريخ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


مختيار احمد ملاح جو لکيل ڪتاب
سنڌي ناول جي مختصر تاريخ
رکيل مورائي
مختيار احمد ملاح سنڌ جي اڄ جي نوجوان لکندڙن مان اهڙو نوجوان آهي، جنهن پهريان چئي ڇڏيو آهي ته هو نقاد نه آهي ۽ ان کان اڳ ۾ به هن ڪنهن قسم جي نماءَ کان پاسو ڪيو آهي، پوءِ به هن جيڪا سنڌ جي ادبي تاريخ جي خدمت ڪئي آهي، ان جو مثال سندس ٽهيءَ ۾ وري ملي سگهندو. هن سنڌي ادب بابت اڪيڊمڪ مطالعو ڪيو آهي ۽ سنڌ جي وڏن چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ سنڌ جي ادبي تاريخ بابت ڪيئي ننڍا وڏا ڪتاب لکيا آهن، پر انهن سڀني ۾ هن جو اهم ڪتاب اهو ضخيم ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“. هيءُ ڪتاب ۽ ان ۾ موجود داخلائون پڙهي ۽ ڏسي مختيار جي پورهئي تي حيرت ٿئي ٿي. ساڳئي وقت هيءُ هڪ اهڙو ڪتاب ٿي سامهون آيو آهي، جنهن کي حوالي طور ڪنهن به وقت استعمال ڪرڻ مان فائدو ملندو.

اديبن ۽ ادبي تحريڪن توڙي جلسن جلوسن کان بنهه پري رهندڙ مختيار جو تازو جيڪو ڪتاب آيو آهي، ان جو نالو آهي ”سنڌي ناول جي مختصر تاريخ“. هيءُ ڪتاب ادبي تاريخ به آهي ۽ مختصر به آهي، ان ڪري، هن ڪتاب تي تنقيدي اڀياس لکڻ کان اڳ جيڪو ڪجهه مان لکڻ چاهيان ٿو، اهو فقط تعارفي آهي. ان تعارف ۾ مختيار جي هن ڪتاب جي تعريف گهڻي ڪرڻ ان حوالي ۾ اهم آهي ته هن سنڌي ادب ۾ ناول جي ان حصي جو نهايت چڱو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو حصو اسان جي عام پڙهندڙ کان وٺي لکندڙ تائين نهايت ڏکيائيءَ سان پهچي ٿو. مختيار ان ناول، جيڪو سنڌ کان ٻاهر ڇپيو آهي، تي گهڻو لکي هن ادبي تاريخ کي گهڻو اهم بڻايو آهي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ ادبي تاريخ لکندڙ لاءِ هن ججهو مواد پنهنجي ڪتاب ۾ رهنمائيءَ لاءِ ڏنو آهي. ان مواد هٿ ڪرڻ پويان جيڪا مختيار جي محنت آهي، اها کيس هڪ اهم ادبي تاريخ لکندڙ طور ياد رکندي. ٻيءَ طرح سنڌ ۾ اصلوڪن ناولن توڙي ۽ ترجمي جي صورت ۾ آيل ناولن بابت مختيار نهايت گهڻي نيڪ نيتيءَ ۽ پاسخاطريءَ کان سواءِ لکيو آهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن به تاريخ لکندڙ لاءِ ضروري هجڻ گهرجي. شايد ان جو سبب به اهو آهي ته مختيار ڪنهن به ادبي ڌر جي نظريي جي اثر هيٺ نه رهيو آهي. مختلف ڌارائن جي اثر هيٺ لکيل ۽ ترجمو ڪيل ناولن بابت مختيار جي راءِ نج تاريخ لکندڙ واري آهي، اها نه اڀياسيءَ طور هن ڏني آهي ۽ نه هڪ نقاد طور.
ان ڪري مجموعي طور سندس لکيل هيءَ ناول جي تاريخ، سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ اهم جڳهه والاريندي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي جو هن ڪتاب ۾ اڄ جي تاريخ تائين گهڻي ۾ گهڻيون داخلائون درج ٿيل آهن، جيڪا ئي ادبي کوجنا آهي. ٻيو ته مختيار حوالا جيئن جو تيئن نه کنيا آهن، هن انهن جي ڇنڊڇاڻ به ڪئي آهي، ته تصديق به ڪئي آهي. سندس ان جذبي ئي گهڻي حد تائين هن ڪتاب کي مستند هجڻ واري مڃتا ڏني آهي، سنڌي ناول جي الڳ الڳ پهلوئن بابت برابر مختيار مختصر ئي لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾ هيءُ ڪتاب هزار صفحن جي لڳ ڀڳ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ها! هُن ڪتاب مختصر ضرور ڪيو آهي، پر ان کي مستند بڻائڻ جي هن ممڪن حد تائين ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪيتريون ئي سنڌي ادب جي اڄ جي پڙهندڙن کان لڪل داخلائون به درج ڪيون آهن، جيڪو هڪ تحقيق/کوجنا جو ڪم ڄاتو ويندو آهي. اهڙي هڪ لاجواب ڪم تي مختيار گهڻو گهڻو جس لهڻي.
هن 364 صفحن جي سنڌي ناول جي مختصر تاريخ کي، سنڌ جي ثقافت واري کاتي نهايت اوچي پني، پڪي جلد ۽ اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل سان ڇپايو آهي، جنهن کي سهڻو ڪري ڇپڻ جو سهرو، پيڪاڪ پرنٽرس جي نوجوان قمر آفتاب ابڙي جي سر تي آهي. ڪتاب جو ملهه 450 رپيا آهي ۽ ڪتاب پڙهڻ ۽ ان کان پوءِ سانڍڻ جهڙو آهي.

No comments:

Post a Comment