اياز گل جو ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“
مشتاق گبول
منهنجي هٿن ۾ اياز گل جو ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“
آهي. اياز گل جيئن ڏسڻ ۾ خوبصورت چهري جو مالڪ آهي، تيئن خوبصورت شاعريءَ جو خالق آهي.
اياز گل جي شخصيت ۾ نازڪ مزاجي ۽ نازڪ پڻو تمام گهڻو آهي. هن جي شخصيت واري نازڪ مزاجي
۽ نازڪ پڻو، هن جي شاعريءَ ۾ به ڏسڻ جهڙي آهي. اياز گل جي شخصيت ۾ مون هيءَ ڳالهه به
نوٽ ڪئي آهي ته هُن وٽ ”ٽهيءَ- وڇوٽي“ وارو ليکو ناهي. هُو پاڻ کان بعد ۾ ايندڙ ٽهيءَ
کي به عزتون ۽ محبتون ”ڀائرن“ وانگي ڏيندو رهندو آهي. اِها اياز گل جي وڏائي آهي ۽
اِها هن جي شخصيت جي اهم خوبين مان هڪڙي خوبي پڻ آهي.
اڄڪلهه دوستي دوکو ۽ فريب بڻجي رهجي وئي آهي ۽ دوست، دشمن بڻجي وڃڻ ۾
دير ناهن ڪندا ۽ پوءِ ايترو ”گند“ ڪندا آهن، جو ”ذاتيات“ تي لهي ايندا آهن. اياز گل
پنهنجي معاشري جو نبض شناس شاعر آهي، اياز گل، دوست جي ڪم ۽ فرض بابت پنهنجي شعر ۾
ٻُڌائي ٿو ته:
”فرض
پنهنجو ادا ڪندو ٿو رهي،
دوست آهي دغا ڪندو ٿو رهي!“
ڄاڻان ٿو هڪ زهر پُڙي آ، ساڻ مگر،
هُن کي پنهنجو دوست چوڻ ئي بهتر آ.
اياز گُل جي شاعريءَ تي، ڪتاب ۾ شامل ڊاڪٽر تنوير عباسي
جو رايو مان هِتي لکڻ چاهيان ٿو: ”اياز گل انهن شاعرن ۾ سڀن کان اڳرو آهي، جن ’پنهنجي
دؤر‘ جي شاعري ڪئي آهي. وٽس اچي، سنڌي شاعري اڳتي قدم وڌائيندي نظر ٿي اچي. اسان واري
ٽهيءَ کان اڳتي هُن وٽ اهڙا خيالَ، اهڙا منظر ۽ اهڙا جذبا ملن ٿا، جيڪي اڳ ۾ شاعريءَ،
خاص ڪري غزل ۾ نه هئا. اياز گل، نارائڻ شيام وانگر غزل سان لَنو لاتي آهي. غزل سان
لنَو لائڻ سان گڏ، نارائڻ شيام وانگر ٻين صنفن ۾ به ڪاميابيءَ سان لکيو آهي. ائين چئجي
ته اياز گل، نارائڻ شيام جو اُسريل ۽ اڳتي وڌيل روپ آهي، ته غلط نه ٿيندو.“
ڊاڪٽر تنوير عباسي وڏي ڳالهه ڪئي آهي، واقعي نارائڻ شيام وانگي، اياز
گُل جي غزلن ۾ سادگي، نفاست، چُهنڊڙي، طنز، منظر نگاري ۽ ان ۾ جذبي جي شدت ڀرڻ، هڪ
شعر ۾ ڪائنات سمائي ڇڏڻ، پنهنجو الڳ رستو، پنهنجو الڳ اندازِ بيان ٻُڌائن ٿا ته ڊاڪٽر
تنوير عباسي سچ لکيو آهي،
”ٻه
وِهاڻا پيا ها بِستر تي،
ڪُجهه سُندر گهڙين جي ڇار هُئي.“
ماڻهو جي بيوسي تي اياز گل جي هِن شعر جهڙو شعر اڳ ۾ ڪٿي ناهي پڙهيو!
شعر ناهي جو گهاءُ آهي، پڙهندي ئي هانوَ ۾ لهندو ٿو وڃي ۽ ماڻهو دانهن، رڙ، ڪُوڪ ڪري،
ڪري نه ڪري، مگر هڪڙو ٿڌو ساهه ڀري اِهو دل ئي دل ۾ ضرور چوندو ته: ”خُدايا! پنهنجي
’نائب خليفي‘، پنهنجي ’اشرف المخلوقات‘ کي ايترو به بيوس نه بڻائي“.
اِهو شعر هي آهي ته:
”جنهن
کي آيو جو، ويو لکندو مٿس،
هُو رهيو ساري عمر ديوار جيان“.
اياز گل، شين کي پنهنجي نظر سان ڏسندو آهي ۽ تخليقن ۾ انهن کي پنهنجي
”سِڪي“ سان، پنهنجي ”ڇاپ“ سان آڏو آڻيندو آهي. مثال طور هي شعر ڏسو:
”نيٺ
ڪٽجي وياسي ڪپڙي وانگيان،
پاڻ ها ويڙهيا پياسي ٿانَ ۾.“
وڇڙي وڃڻ ۽ جُدا ٿيڻ جي ڳالهه، نئين انداز سان ڪيتري نه خوبصورتي سان
ڪئي وئي آهي! ”ڪَٽجي وياسي“ تي غور ڪندا ته درد تهان ٻيڻو ٿي ويندو، ٿورو ڪنهن ڪپڙي
جي دوڪان جو تصور ڪيو، اوهان کي ڪنهن جا ”ظالم هٿ“ ياد پوندا، اُنهن ”ظالم هٿن“ ۾ هڪڙي
”قئنچي“ ياد پوندي! اوهان ڏسنداؤ ته ان ”قئنچي“ ڦيريندڙ ماڻهو کي ڪوبه احساس نه هوندو!
هر دؤر ۾ محبت ڪندڙ ماڻهن جي پُٺيان ”ظالم هٿ“ هوندا آهن ۽ انهن کي ”ڪَٽڻ“
(جُدا ڪرڻ لاءِ) ڪائي نه ڪائي ”قئنچي“ سدائين پُٺيان پُٺيان هوندي آهي!
امداد حسيني، اياز گل، ادل سومرو ۽ علي دوست عاجز منهنجي پَسند جا شاعر آهن. هر شاعر وٽ هڪڙا ”مخصوص“
لفظ ”آنٽ“ تي چڙهيل هوندا آهن يا وري اُنهن لفظن يا لفظ جو ”تعلق“ شاعر جي ”ماضيءَ“
۽ ”حال“ سان ڳنڍيل هوندو آهي، يا وري ڪو لفظ شاعر جي ”شعور“ ۽ ”لاشعور“ سان گهري وابستگي
رکندو آهي. مثال طور امداد حسيني وٽ ”سگريٽ“ اهم لفظ آهي، جيڪو مختلف نموني، مختلف
انداز ۾ ’امداد‘ پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪندو رهيو آهي، جيئن ’امداد‘ جي هڪ ’دوهي‘
جي سِٽ آهي ته:
”هڪڙي
سِگريٽ جيترو، پنڌ ڪجان مون ساڻ“
اياز گُل وٽ به ”ريلَ“ اهم ”محاورو“ آهي، ”جُدا ڪرڻ وارو محاورو“ ۽ اياز
گل به پنهنجي شاعري جي هِن مجموعي ۾ ”ريل“ کي مختلف خيال ۽ رُخ سان پيش ڪيو آهي:
”ٿوريءَ
دير ۾ ڏسجو، مون سان ڪيڏا ويل ڪندي!
منهنجي ذات جو هڪڙو حصو، ڌار هي ريل ڪندي“.
يا، اياز گل جو هي شعر پڙهو، جنهن ۾ ”ٽرين“ (ريل) ماري ڇڏيندي آهي، چِٿي
ڇڏيندي آهي.
”هُن
کان منهنجو پيار، منهنجي دوستي وِسري وَئي،
منهنجي خوابن جي مٿان، ڄڻ ٽرين ڪا گذري وئي.“
”شيخ اياز“، ”امداد حسيني“ ۽
”تنوير عباسي“ ۽ ”نارائڻ شيام“ جي شاعريءَ وانگي اياز گل جي شاعري به سنڌي شاعريءَ
تي پنهنجي ”ڇاپ“ ڇڏي آهي. مان هڪ دفعو وري به ڊاڪٽر تنوير عباسي جي راءِ جو سهارو وٺندس،
ڊاڪٽر تنوير عباسي لکيو آهي ته: ”اياز گُل بنيادي طرح رومانوي شاعر آهي، هن جو رومان،
نِجو رومان نه، پر انقلابي رومان آهي. (انقلابي معنيٰ تبديل ٿيندڙ). اياز گُل اڄوڪي
دؤر جو رومانوي شاعري آهي. هُن جي رومانوي شاعري، اڳتي وڌندڙ رومانوي شاعري آهي. اها
مطالعي جي آڌار تي ڪيل شاعري نه آهي، پر ڏٺل وائٺل منظرن، ڄاتل سُڃاتل ڪردارن ۽ ٽاڻن
۽ ذاتي طور محسوس ڪيل احساسن جي شاعري آهي. اهڙي شاعري ئي اعليٰ شاعري هوندي آهي، جيڪا
دل مان ائين ڦُٽي نڪرندي آهي، جيئن اوڀر جي اُفق مان صبح جي سج جا پهريان ڪِرڻا ڦُٽي
نِڪرندا آهن.“
اياز گُل جا ڪُجهه رومانوي شعر ڏيان ٿو، جن کي پڙهي، اوهان کي ڊاڪٽر تنوير
عباسي جو رايو مضبوط لڳندو.
”ڪوئي
چهرو ڄڻ حياتي ٿو ٿئي،
ڪائي صورت ساربي ناهي ڪڏهن.
هر عمل مان پيار ظاهر ٿو ٿئي،
دل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن.“
توسان آهي ته پوءِ بدلبو ڪيئن؟
پيار آهي پرين! وَڳو ناهي.
جي مِلون ٿا، مِلن ٿيون معنائون،
سَنڍ، بي نانءَ هونئن بَدن پنهنجا.
وصال پنهنجو مُقدر به ٿي سگهي ٿو پر،
سوال آهي اهو، هوءَ ڀي ته چاهي نه!
اياز گل، سنڌي غزل کي سؤلو ڪري، سادگي بخشي، اُن کي بُلندين تي پهچايو
آهي. اياز گُل سنڌي غزل کي نوان رُخ ۽ نوان لاڙا ڏنا آهن. ان ۾ ڪٿي ڪٿي ته شعوري طور
تي ”هيئتي تجربا“ به ڪيا ويا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ”لاشعوري طور“ تي ”هيئتي تجربا“ ٿي ويا
آهن. اياز گل جي غزلن ۾ اهڙا تجربا ”ساويڪ“ ۽ ”سَڦل“ لڳندا آهن. اياز گُل جي غزلن جي
اها خوبي آهي ته اهي پڙهندڙن تي اثرانداز ٿين ٿا، اُنهن کي پنهنجي دل جي ويجهو محسوس
ٿين ٿا. اڃا به ائين چوندس ته انهن کي پنهنجي دل جو آواز محسوس ٿين ٿا. ان جي ڪري عام
پڙهندڙ به اياز گُل جي غزلن جي ويجهو رهي ٿو ۽ اُنهن کي "Own" ڪري ٿو. اها وڏي ڪاميابي به آهي ته وڏي خوشنصيبي
به آهي، جيڪا هر شاعر جي حصي ۾ ناهي ايندي.
گهڻو وقت اڳ ۾ مون ساغر
صديقي جي غزل جو هڪڙو شعر پڙهيو
هو ته:
”ايسي
زخم ڪا ڪيا ڪري ڪوئي،
جس ڪو مَرهم سي آگ لگ جائي!“
ماٺ لڳي وئي هئم، ڪيئي پهر اِن شعر جي خوبصورتي تي سوچيندو رهيو هئس
۽ اهڙي زخم جو سوچي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا هئا. اڄ جڏهن مون اياز گل جي غزل جو هي شعر
پڙهيو:
”ماءُ
جي مِٺيءَ جيان ڪائي مَرهم!
ڪوئي آٿت آ، سڄڻ جي سار جيان.“
ته ساغر صديقي جي شعر ۾ سمايل ”بيوسي“ ۽ ”بي رحمي“ کن پَل ۾ مون کان وسري
وئي ۽ مان اياز گل جي ان شعر جي خوبصورتيءَ ۽ ”خيال جي اهڙي بُلندي“ ڏسي، حيران رهجي
ويو آهيان! سوچڻ لڳو آهيان ته ”زخم“ ڪهڙو ئي ڇو نه هُجي، پر جڏهن ”ماءُ جي چُمي جهڙي
ڪائي مرهم“ هُجي ته ”ناسور“ به ڇُٽي ويندا اُن سان! ”ماءُ جي چُمي جهڙي ڪائي مَرهم“
جهڙا اعليٰ خيال سنڌي شاعريءَ ۾ مُشڪل سان پڙهڻ لاءِ ملندا آهن ۽ اهڙن خيالن کي مان
”معجزاتي خيال“ سڏيندو آهيان، اهو معجزو اياز گُل جي شاعريءَ ۾ ئي ”ممڪن“ ٿي سگهيو
آهي ۽ هيٺين سِٽ ڪيڏي نه ”بي رحم سِٽ“ آهي: ”ڪوئي آٿت آ، سڄڻ جي سار جيان“، ”سڄڻ جي
سار جهڙي آٿت!“ ها، سڄڻ جي سار جڏهن به ايندي آهي ته ڦٽ اُکيلي ويندي آهي، زخم تازا
ڪري وجهندي آهي!
”زخم“ ۽ ”مرهم“ جي حوالي سان
مان اياز گُل جو هڪڙو ٻيو به شعر لکندس ته:
”ڪڏهن
وِڇوڙو به مرهم ٿئي ٿو زخمن جي،
ڪڏهن وصال به آهي مِٺا! ڏنگيندو نه!“
جيڪي جيڪي ماڻهو ”ذاتي طور“ اهڙي ”تجربي“ مان لنگهيا آهن، اُنهن کي خبر
هوندي ته شاعر ڪهڙي وڏي ڳالهه ڪري ويو آهي، شاعراڻي ۽ ”آرٽسٽڪ“ انداز ۾!
اياز گُل جي شاعري اهڙن اعليٰ خيالن سان ڀري پئي آهي. رُڳو اُن کي پڙهڻ
جي ضرورت آهي. ”پوپٽ پبليڪيشن خيرپور ميرس“ پاران قُربان منگيءَ هيءُ ڪتاب ڇپائي پڌرو
ڪيو آهي، جيڪو 272 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 300 رپيا آهي. هِن ڪتاب ۾ شاعريءَ جون
سڀئي صنفون آهن، پر مان صرف اياز گُل جي غزلن جو اڀياس ڪيو آهي.
آخر ۾ اياز گُل جي غزلن جا ٻه خوبصورت شعر ڏيئي موڪليان ٿو:
”ڪو
درد، ڪائي جُدائي، ڪو يار جو طعنو!
ائين ته ناهي ڪوئي، ڀور ڀور ٿيندو نه؟“
”ڇاهي يارَ، جُدائي، توکي ڇا معلوم؟
ميلي جي تنهائي، توکي ڇا معلوم؟“
سمورو درد، ”تو کي ڇا معلوم“ واري ”اڻڄاڻائي“ ۾ سمايل آهي.
No comments:
Post a Comment