07/04/2013

نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


خادم حسين چانڊئي جي لکيل هڪ صدي جي تاريخ
نوابشاهه کان شهيد بينظير آباد تائين
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
هيءُ ڪتاب ضلعي نوابشاهه جي هڪ سَو سالن جي تاريخ آهي، جنهن تاريخ کي اسان جي نوجوان دوست خادم حسين چانڊئي لکيو آهي، ضلعو نوابشاهه ساهتي پرڳڻي جو اهم ضلعو رهيو آهي، جنهن مختلف حوالن ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 1912ع کان 2012ع تائين هڪ سَو سال جي سفر جي هيءَ تاريخ لکي، خادم حسين چانڊئي، هڪ صديءَ کي محفوظ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ليکڪ پاسخاطري به ڏيکاري آهي، جيڪا هڪ تاريخ نويس کي نه ڏيکارڻ کپي، پوءِ به هي تاريخي ڪتاب، نهايت اهم ان ڪري آهي ته ان ۾ هڪ صديءَ جو سفر بند آهي، جيڪو اڳتي هلي، ايندڙ محقق لاءِ وڌيڪ اهم ثابت ٿيندو.

اوڻويهن بابن ۾ ورهايل هن ڪتاب ۾ هڪ صديءَ جي ترقيءَ جا انگ اکر ڏنا ويا آهن، جيڪا هڪ اهڙي محنت آهي، جنهن لاءِ اسان جي دوست خادم حسين کي جيتري مڃتا ڏجي اوتري گهٽ آهي. ظاهر آهي هڪ صديءَ جا سمورا انگ اکر هن ڪتاب جي ضمانت کان گهڻو گهڻو وڌيڪ آهن، پوءِ به هيءُ ڪتاب، ڀانيان ٿو ته نوابشاهه ضلعي بابت هڪ اهم دستاويز آهي ۽ هن ڪتاب جيتري معلومات اڳ ۾ شايد ئي ڪنهن ڪتاب ۾ نه ملي، ان ڪري انگن اکرن جي حوالي ۾ هيءُ پهرين ڪوشش ئي ڳڻي سگهجي ٿي، جنهن تي بهرحال خوش ٿيڻ گهرجي، ساڳئي وقت ڪتاب تي ٿيل ليکڪ پاران محنت کي به ساراهڻ گهرجي.
هن لاجواب ڪتاب ۾ انگن اکرن سان گڏ مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي ادارن ڪن تاريخي جڳهين جون تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن، جنهن ڪتاب کي وڌيڪ اهم بڻايو آهي.
هيءُ ڪتاب نوابشاهه ضلعي جي هڪ سئو سالا جشن جي سلسلي ۾ ڇپايو ويو آهي، جيڪو جشن 2012ع ۾ ملهايو ويو. هيءُ ڪتاب نه رڳو ياد رکيو ويندو پر ايندڙ تاريخ نويس لاءِ رهنمائي پڻ ثابت ٿيندو.
آفسيٽ پيپر تي پڪي خوبصورت جلد سان 467 صفحن جو هيءُ ڪتاب شايد سنڌ جي عالمن، اديبن کي تحفي طور ڏيڻ لاءِ ڇپايو ويو آهي، جنهنڪري هن تي قيمت لکيل نه آهي. سڀني حوالن سان سانڍڻ جهڙو هيءُ ڪتاب مون ڏي سنڌ جي خوبصورت شاعر ۽ منهنجي پياري دوست ماڻڪ ملاح تبصري لاءِ موڪلي، وڏو وڙ ڪيو آهي. ضلعي شهيد بينظير آباد جي انتظاميا به جس لهڻي جنهن نه رڳو هن ساهتي جي اهم ضلعي جو جشن ملهايو پر هڪ خوبصورت ڪتاب ڇپائي ان جي هڪ سَو سالن جي تاريخ محفوظ ڪئي آهي.

No comments:

Post a Comment