07/04/2013

ناول سگنيچر - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان ڪهاڻيڪار حسيب ڪانهيو جو ناول
سگنيچر
رکيل مورائي 
حسيب ڪانهيو نوجوان ليکڪ آهي. سندس پهريون ڪتاب ”هُئا اڳهين گڏ“ ڇپجي چڪو آهي. هيءُ سندس ٻيو ناول آهي، جنهن کي هُن بنهه ننڍڙي عنوان ”سگنيچرجي نالي سان لکيو آهي. حسيب ڪهاڻيڪار آهي. ٿوري وقت ۾ هُن ٻه ناول لکي ورتا آهن، جن تي تنقيدي ۽ تعريفي اڀياس ته پيا ٿيندا پر اها خوشي ڏيندڙ ڳالهه ضرور آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ کي ٻه ناول ڏنا آهن.
لکڻ هڪ رياض آهي، جيڪو زندگيءَ سان لاڳيتو هلڻو آهي. ان ۾ جڏهن رڪاوٽ آئي ته ان جو سلسلو ٽٽي پوندو. حسيب پنهنجي لکڻ واري رياض کي جاري رکيو ٿو اچي، اها ڳالهه سنڌي ادب جي آئيندي لاءِ لاڀائتي ٿيندي، اهڙي پڪ آهي.

هيءُ ناول پنهنجي سٽاءَ، ٻوليءَ ۽ احساس جي حوالي سان پنهنجي جاءِ والاريندو ائين چئي سگهجي ٿو. ٻيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ ۽ هن ڪتاب جو مهاڳ لکندڙ اسحاق انصاري صاحب به چوي ٿو ته ”هن ناول جو اصل مقصد لطيف سائين جي سٽ ۽ خيال مطابق آهي ته ”ڳوليان ڳوليان مَ لهان“ ۽ مان ائين ٿو چوان ته حسيب ۾ جيڪڏهن ان ڳولا جي جستجو مسلسل رهي ته اڳتي هلي هو سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجا ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻيون ڏئي خوشحال ڪندو. سندس هيءُ ناول پڻ اهڙي آس پيد ڪري ٿو، پر شرط اهو آهي ته لکڻ فقط لکڻ نه هجڻ گهرجي، ان ۾ گهڻو ڪجهه تخليقي طور هجڻ گهرجي.
”سگنيچر“ نالي سان هيءُ سهڻو ناول 108 صفحن تي ٻڌل آهي. سهڻي، پڪي جلد واري هن ڪتاب کي سهڻو بڻائڻ لاءِ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ جي سرواڻ انعام عباسي جس لهڻي، جنهن ڪتاب کي ڇاپيو آهي. هن ناول جو ملهه 150 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment