24/04/2013

سروپچندر شاد جي ادبي گوشه نشيني! - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)


”سروپچندر شاد“ جي ادبي گوشه نشيني!
مشتاق گبول
مور- کنڀن جهڙا سُندر سُندر گيت، وايون، نظم ۽ دوها لکندڙ، سنڌي شاعريءَ جي وڏي نالي گُذريل ”ٽيهارو“ سالن کان ”ادبي گوشه نشيني“ اختيار ڪئي آهي! حيرت جي ڳالهه اِها به آهي ته ”مِٺي جي هن مور“ جو نالو ۽ ذڪر ڪنهن به اديب کان ڪرڻ نه پُڄيو! اسان پنهنجي ٻوليءَ جي هڪ وڏي شاعر کي ان جي جيئري ئي وساري ڇڏيو آهي! ۽ هڪڙو نسل (اڄ جو نسل) ان جي شاعريءَ کان واقف ناهي!

”مٺي جي هن مور“ جو جنم ”مِٺي“ (ضلع ٿرپارڪر) ۾ ۲ جنوري ۱۹۳۷ع تي ٿيو. سندس نالو ”سروپچندر“ ۽ تخليق ”شاد“ آهي ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ ”پنجاهه“ (۱۹۵۰ع) واري ڏهاڪي ۾ داخل ٿيو. مولانا غلام محمد گرامي، مهراڻ (۱۹۶۸) واري شماري ۾ سروپچندر ”شاد“ بابت لکيو هو ته: ”نوجوان جدت پسند شاعرن ۾ انفرادي مقام حاصل ڪري چُڪو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، نظم، آزاد نظم کان سواءِ بيت ۽ دوها پڻ اوچي معيار تي شمار ڪيا ويا آهن. ٿري ۽ ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ پڻ بيت چيا اٿس. سندس زبان لذيذ ۽ اندازِ بيان دلڪش آهي.“
سروپچند ”شاد“ جا ”دوها“ پڙهي، مون کي ته امير خسرو جا ”دوها“ ياد اچي ويندا آهن ۽ ٻنهي شاعرن جي ”دوهن“ مان ڪنهن جا ”دوها“ اعليٰ معيار جا آهن؟ مان ڪو فيصلو نه ڪري سگهندو آهيان ته مان سروپچندر ”شاد“ کي سنڌ جو امير خسرو ۽ تُلسيداس سمجهندو آهيان. سندس ”دوها“، ”هندي دوهن“ کي ”مات“ ڪيون بيٺا آهن!
”شاد“ جي دوهن کان وٺي سموري شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي خوبصورتي موجود آهي ۽ شاعريءَ ۾ بي پناهه رواني موجود آهي. ”محبوب“ جي ”ساراهه ۽ واکاڻ“ وارا ”دوها“ پڙهي ته ڏسو:
کير سان ڌوتل، روشن روشن، تُنهنجو مُک سُندر،
سورج جو ڪوئي ٽڪڙو آهه، يا پونم جو چندر.
ڪلهن مٿي لهرائيندڙ، وٽ کائيندڙ، هي وار،
بادل آهن، يا پيا سؤ سؤ نانگ هڻن ڦُڻڪار.
ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم ٻرندڙ ڏيئا، تنهنجا نيڻ سجن،
هيري- ڪڻيون پيون چمڪن، يا ٿيون کِنوڻيون کيج وجهن.
عاج کي شرمائيندڙ تنهنجا اڇا، موتين جا ڏند،
ٻگهه- پکي ڄڻ رانديون ڪن پيا، وِجهيو ڪنڌ ۾ ڪنڌ.
تنهنجا ننڍڙا ميندي رَتل هي، پير پدم سمان،
سنڌو جل مان نڪتا ڄڻ ڪي، چنڊ ڪري اشنان.
تنهنجي هلڻي، چنچل هرڻي، مست هنس جي ڇال،
ڊُرڪي پيئي ڊيل ڍاٽ جِي، جهُولي چنبيلي ڊال.
روپ کي روپ ڏيڻ واري مان، تنهنجي ڪيان ڇا بات،
وار وکيرين، رات پوي، تون وار ٺاهين، پرڀات.
مٿيان دوها هندي دوها جي وڏن شاعرن جي دوهن سان ”برميچي“ بيٺا آهن. خيال، منظر، تصوير نگاريءَ، تشبيهون، استعارا ۽ ٻولي ڪمال جي استعمال ٿيل آهي. انهن دوهن ۾ سروپچندر جيڪي نيون تشبيهون، سنڌي شاعريءَ جي جهول ۾ وڌيون آهن، ٿورو انهن جو ذڪر ٿي وڃي، پر اِن کان اڳ اِها ڳالهه بِنا هَٻڪ جي ڪِيان ٿو ته سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙي قسم جا معياري ۽ اعليٰ درجي جا دوها فقط ٽي شاعر لکي سگهيا آهن. شيخ اياز، امداد حسيني ۽ سروپچندر ”شاد“. انهيءَ مان اِها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته اسان جنهن شاعر کي ”وساري“ ويٺا آهيون، اهو ڪو معمولي شاعر ناهي!
انهن دوهن ۾ ”کير سان ڌوتل مُک“ يا ”سورج جي ٽُڪڙي جهڙو مُک“، ”لهرائيندڙ ۽ وٽ کائيندڙ وارن“ کي، ”بادل چوڻ“ يا ”سؤ سؤ نانگ سڏڻ“. اهڙي نموني سڀني ”دوهن“ تي جڏهن غور ڪنداسين ته انهن دوهن جي هڪڙي ”ٻي خوبصورتي“ به اسان جي آڏو ايندي ته اِهي سنڌي شاعريءَ ۾ اُهي ”دوها“ آهن، جن ۾ ”ٻٽيون تشبيهون“ استعمال ٿيل آهن. اِهي دوها، سروپچندر جو ذاتي ۽ سنڌي شاعريءَ جو انوکو تجربو آهن. اهڙو تجربو، اڳ ۾ ڪنهن به شاعر وٽ موجود ناهي، هر هڪ دوهي ۾ ”ٻه ٻه تشبيهون ڪتب آڻڻ“، ”ٻه ڳالهيون ڪرڻ“، ”ٻه منظر چِٽڻ“ واري خوبي صرف ئي صرف سروپچندر جي دوهن ۾ آهي. ”ٻنهي تشبيهن جو تسلسل“ ”ٻنهي ڳالهين جو هڪٻئي سان تعلق“، ”هڪ شيءِ جي لاءِ ٻه الڳ منظر ۽ عڪس چِٽڻ“ ۽ انهن ۾ اهڙو تسلسل قائم رکڻ جهڙو ”ڪرشمو“، ”شاد“ جي ئي ”دوهن“ ۾ ممڪن ٿي سگهيو آهي. هاڻي مٿين ”دوهن“ تي غور ڪري ڏسو ته شاعر ڪيئن نه ”ٻِٽيون تشبيهون“ استعمال ڪيون آهن! ”نيڻن کي ٽِم ٽِم ڪندڙ ڏيئا چوڻ ۽ ”هيري- ڪڻيون“ چوڻ ۽ ”کِنوڻيون“ سڏڻ، ”ڏندن کي عاج کان سرس سڏڻ ۽ ڏندن جي مٿين حصي ۽ هيٺين حصي جي ميلاپ کي ائين چوڻ ته: ”ٻگهه- پکي ڪنڌ ۾ ڪنڌ وِجهي رانديون پيا ڪن.“ ڇا ته ”اميجري“ آهي! ”ميندي رَتل پيرن کي پدم سڏڻ ۽ هيٺ وري اِهو چوڻ ته: ”سنڌو جَل مان نڪتا ڄڻ ڪي چنڊ ڪري اشنان“ ڪمال ڪاريگري آهي! شاعري آهي، يا تصويرون آهن! جيئريون جاڳنديون، ساهه کڻندڙ تصويرون! شاعري آهي، يا ”وڊيو ڪلپس“ آهن، جن ۾ مختلف منظر ”رڪارڊ“ ٿيل آهن!
تاج جويو ڪتاب: ”سنڌي گيت“ ۾ لکي ٿو ته: ”سروپچندر شاد“ گيت جو مٺڙو شاعر آهي، سندس شاعري ۱۹۵۰ع کان پوءِ سرجي، هندي ڌرم سان وابسته هئڻ ڪري، گيت کي وڌيڪ پنهنجو ڪري سگهيو آهي، سندس گيتن ۾ هندي گيت وارو رنگ ملي ٿو. هن گيت ۾ نواڻ ۽ وسعت آندي آهي.“
”شاد“ جي تقريباً گهڻي ڀاڱي شاعري، ”ماترڪ ڇند“ تي رچيل آهي، سندس گيت به ”ماترڪ ڇند“ تي لکيل آهن، انهيءَ ڪري انهن ۾ سنڌو جهڙي رواني آهي ڪجهه سندس گيتن جا نمونا:
گهڙي گهڙي ريشم جي پوتي، سر تان پيئي سِرڪي،
بيزبان چانديءَ جي جهانجهر، ٻوليو پيئي ٻولي.
بار بار،
اڄ چندن هار،
ڇاتيءَ تي آ لڳو لُڏڻ:
منهنجي اڱڻ اڄ، اديون، ايندا منهنجا ڍول سڄڻ!
”شاد“ جو هڪڙو ٻيو مشهور ۽ ”مور- کنڀ“ جهڙو سُندر گيت:
تنهنجا گهايل نيڻ ڏسي، ڪٿي نه آئون روئي ڏيان،
اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ!
تنهنجو جوڀن، مندر ۾ جئن جوت ٻري،
تنهنجو مُرڪڻ، رڻ پٽ ۾ جئن رات ٺري،
تنهنجون ڳالهيون ڄڻ سُرهاڻ، ڳالهيون ڪر آئون جهول ڀريان!
اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ!
تنهنجي مستي، واريءَ تي ڄڻ مور نچن،
تنهنجي مستي، ڇيرين جي ڄڻ، ڇنن ڇنن،
تنهنجون اکڙيون پارس- کاڻ، مون ڏي نظر ڪر سون ٿيان!
ڪتاب ”سنڌي گيت“ ۾ تاج جويو لکي ٿو ته: ”شاد“ جي شاعريءَ ۾ بي پناهه رواني آهي، ٻولي رنگين ۽ دل آويز آهي. سندس بيان ۾ اصليت ۽ صداقت جا نماڻا ۽ سٻاجها عنصر موجود آهن. گيت جي شاعريءَ ۾ ڪافي تجربا به ڪيا اٿس. سندس گيتن تي هندي مڌرتا ۽ هندي لوڪ ڪٿائن جو رنگ به غالب آهي. ڪيترائي بهترين گيت، سنڌي شاعريءَ جي جهوليءَ ۾ وجهي، سنڌي گيت کي موڙ ٻَڌي گهوٽ بڻائي ڇڏيو آهي.“
تاج جويو جو ڪتاب ”سنڌي گيت“ به ۱۹۷۰ع کان پوءِ جو ڇپيل آهي، يعني ۱۹۷۱ع يا ۱۹۷۲ع ۾! انهيءَ ڪتاب کان پوءِ سروپچندر جي شاعريءَ تي ڪنهن به ناهي لکيو! ۽ سروپچندر به ۸۰ع واري ڏهاڪي کان ”رسالن“ ۾ لکڻ به بند ڪري ويو! ۽ پوءِ ٿيو ائين جو ۸۰ع کان پوءِ جيڪي شاعر، شاعريءَ جي ميدان ۾ آيا، يا جن ماڻهن پڙهڻ شروع ڪيو، اُهي ”شاد“ جي خوبصورت شاعريءَ تائين نه پُهچي سگهيا!
سندس هڪڙي ٻي سُندر گيت جو نمونو:
تارن سان، لا، سينڌ سجائي،
پيشانيءَ تي چنڊ لڳائي،
لُڏندا آيا،
ڪُڏندا آيا،
ڦيريون پائي، گهُونگهٽ لاهي، اک سان اک ملائي ويا،
جلوا لک لُٽائي ويا!
”وائي“ سنڌي شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي. سروپچندر ”شاد“ وايون به ڏاڍيون خوبصورت لکيو آهن. ”شاد“ جي واين ۾ به گيت واري ٻولي آهي ۽ گيت وارو رچائو آهي! سروپچندر کي پڙهندي مون هڪڙي ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته هُن وٽ ٻولي گيت واري آهي. هُن جي شاعريءَ جي هر صنف ۾ گيت واري ٻولي ۽ گيت وارو رچائو آهي. جيئن بردو سنڌي وٽ به ”گيت جي ٻولي“ هُئي. ”بردو سنڌي“ جي مشهور نظم: ”ٿوري ڳالهه تي هيڏو هاڃو! تون ته بنهه ڪو موڳو آهين!“ گيت جي ٻولي ۽ ”گيت وارو رچائو“ آهي. نظم پڙهندي ۽ ان جي بي پناهه رواني ڏسندي پهريان ته ائين لڳندو ته اِهو نظم نه، گيت آهي.
سروپچندر ”شاد“ جي واين ۾ به هن جي دوهن ۽ هُن جي گيتن وانگي، خوبصورت تشبيهون ڪَتب آندل آهن:
کِلڻين وانگي کِلنديون ڀِڄنديون، کِنوڻيون کيج وجهن،
الو ميان، ڦُڙ ڦُڙ مينهن وسن!
قُرب ڪُٺن جيان ڪارا بادل، ڪَڙڪي ڪِيهون ڪن.
اُتر- هوائون، ڇورين وانگيان، ڇرڪيو ڇال هڻن.
مِٺا مِٺا سيءَ، ويرين وانگي، هانءَ ۾ وڍ وجهن،
الو ميان، ڦُڙ ڦُڙ مينهن وسن!
هن وائي ۾ سروپچندر ”شاد“ کِنوڻين کي، ”کِلڻين ڇوڪرين وانگي کِلندي ۽ ڀڄندي“ واري نئين ۽ انوکي ڳالهه ڪئي آهي. هي سموري وائي نين تشبيهن سان ڀري پئي آهي. نين نرالين تشبيهن ڏيڻ جو ڏانءُ، شيخ اياز، امداد حسيني ۽ سروپچندر ”شاد“ وٽ انتها تي پُهتل نظر اچي ٿو. سروپچندر ”شاد“ سنڌي ٻولي جو اُهو واحد ۽ شايد پهريون شاعر آهي، جنهن جي تقريباً سموري شاعري ماترڪ ڇند تي آهي، نئين نسل کي سروپچندر ”شاد“ جي شاعري پڙهڻ کپي. سروپچندر ”شاد“ سنڌي شاعريءَ جو اُهو ”رامچندر“ آهي، جنهن ”ادبي لاتعلقي“ ۽ ”ادبي گوشه نشيني جو بنواس“ ڪاٽيو آهي ۽ ڪاٽي رهيو آهي. اچو ته هُن کي ڳولي لهون ۽ هُن جي ”ڊگهي بنواس“ کي ختم ڪري، سنڌي شاعريءَ جي هِن ”رامچندر“ کي واپس ادبي دنيا ۾ وٺي اچون ته جيئن ”ادبي ڏياريون“ ۽ ”ادبي هوليون“ ملهائي سگهون!
جي اسان هُن کي موٽائي نه سگهياسين ته ڪير اسان کي ٻُڌائيندو ته ”موهن جي مُرلي وڄي پئي. رات جي پوئين پهر جي خاموشي آہي ۽ جهيڻو جهيڻو واءُ آهي. اهڙو سوداءُ لڳل آهي جو اُڀ ۽ ڌرتي به نٿا ڏسڻ ۾ اچن ۽ موهن جي مُرلي ٻُڌڻ کان پوءِ پنهنجي سموري هستي، ’نغمي جو درياهه‘ لڳي پئي!“
ڪيئن سنڀالي ڪوئي، ماءُ، وڄي پئي موهن جي مُرلي!
رات جو پويون پهر، خموشي، جهيڻو جهيڻو واءُ،
وڄي پئي موهن جي مُرلي!
اُڀ نڪو ڌرتي ٿي پسجي، صرف آهي سوداءُ،
وڄي پئي موهن جي مُرلي!
ساري هستي پيئي ڀاسي، نغمي جو درياهه،
وڄي پئي موهن جي مُرلي!
”مِٺي جي مور“، ”لاتعلقي ۽ گوشه نشيني جي بنواس“ ڪاٽيندڙ، ”سنڌي شاعريءَ جي رامچندر“ کي بار بار اِهو چوندس ته:
"Come back Saroopchander"
"Come back Saroopchander."
اسين اوهان کي سڏيون پيا، قوم اوهان کي سڏي پئي، سنڌ اوهان کي سڏي پئي، اچو ۽ سنڌي شاعريءَ کي نوان: ”پياسا پياسا ۽ اڻ ڳاتل گيت“ ڏيو:
آئون آهيان هڪ پياسو پياسو ۽ اڻ- ڳاتل گيت،
منهنجي حسرت آهه چپن تي مون کي ڪو ئي رکي:
منهنجي نس نس منجهان ڦُٽندو سرهو سرهو سنگيت،
آئون آهيان هڪ پياسو پياسو اڻ- ڳاتل گيت.

No comments:

Post a Comment