22/04/2013

شعري مجموعي ”سفر زندگيءَ جو“ جو مُهاڳ - امر اقبال (Amar Iqbal)


غلام علي گوهر جي شعري مجموعي ”سفر زندگيءَ جو“ جو مُهاڳ
تو کان سواءِ دلبر! دل ۾ نه ڪا خوشي آ
امر اقبال
هِنَ کان اڳ ۾ مان سائين غلام علي ”گوهر“ جي شاعري تمام ٿوري مقدار ۾ مختلف جاين تي پڙهي ته چڪو هئس، ۽ ريڊيو خيرپور تان ڪڏهن ڪنهن سريلي آواز ۾ سندس ڪوئي غزل به ٻُڌي ورتو هوندم، پر پهريون دفعو مان ان وقت حيران ٿي ويس، جڏهن پياري غفور چانگَ، سائين غلام علي ”گوهر“ جي هيڪاندي شاعري مون اڳيان رکي ۽ ان تي پنجَ اکر لکڻ لاءِ چيو. مان اُنَ وقت، ان نتيجي تي پهتس ته ساميءَ وارا مَٽَ صرف شڪارپور ۾ ئي ڪونه هُئا، جن ۾ ڀائي چين راءِ بچو مل لُنڊ پنهنجا ”سلوڪ“ سانڍيندو ويندو هو، پر اهڙو هڪ اڌ مَٽُ ته حسين آباد جي هِن سادڙي ۽ سٻاجهڙي ماڻهوءَ وٽ به موجود هُيو، جنهن ۾ هُو پنهنجيون سهڻيون ۽ سادڙيون سٽون اڇلائيندو پئي ويو. شابس هُجي غفور کي جنهن انهن سمورين سٽن کي سهيڙي ”سفر زندگيءَ جو“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾، اسان جي هٿن تائين پهچايو آهي.

هڪ جاءِ تي ۽ هڪ مهل سائين غلام علي ”گوهر“ جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته ”گوهر“ جي شاعري سادي سلوڻي ۽ پڙهندڙ جي دل تائين تڪڙي انداز ۾ پهچي وڃڻ واري شاعري آهي، ايئن سائينءَ جي شخصيت جي سادگي، نماڻائي ۽ نهٺائي جا سمورا رنگ سندس شاعريءَ ۾ اوتجي ٿا وڃن.
خيرپور کان نيشنل هاءِ وي رستي ڪوٽ ڏجيءَ ڏانهن ويندي لطيف يونيورسٽي ڪراس ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه ئي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، روڊ جي کاٻي ڪناري تي ڳوٺ ”حسين آباد“ ۾ پنهنجو الڳ ئي جهان وسائيندڙ غلام علي ”گوهر“، شهرت جي طلب ته ڪڏهن ڪئي ئي ناهي ۽ ايئن سندس انمول خيال پڙهندڙن/ٻڌندڙن کان گهڻو گهڻو پري رهيا آهن ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مَيار، سائين غلام علي ”گوهر“ جي پُٽ ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نهايت ذهين ۽ تخليقي سوچ رکندڙ پروڊيوسر شوڪت خاصخيليءَ کي ئي ڏئي سگهجي ٿي. ميڊيا جي پاورفل اداري ۾ رهندي، سوين شاعرن/فنڪارن کي منظر عام تي آڻڻ کان پوءِ به جيڪڏهن هُو پنهنجي والد جي ڪلامَ کي گهڻو رڪارڊ نه ٿو ڪري، ته اها سندس طبعيت ۾ موجود ڪسر نفسيءَ جي اُها ”جهلڪ“ ئي چئبي جيڪا ”گوهر“ وٽان سندس ڏانهن منتقل ٿي آهي. غلام علي ”گوهر“ جي شاعريءَ جي ڪتاب جي ڇپجڻ جي هونئن ته گهڻو اڳ ضرورت هئي پر هتي وري سچل سرمست واري اها ڳالهه ٿي اچي وڃي ته: ”جتي ماڻهن ميڙ، آءٌ تِتي ناهيان“، ۽ ”گوهر“ به ته ايئن ٿو چئي ته:
ڪنڊ تنهائيءَ ۾ ويٺو ٿو لکان
ڄڻ اکيون ٻوٽي ٿو مان سڀ ڪجهه ڏسان
آ جڏهن خاموش هي ساري فضا
ننڊ مان ٿو اُٿي ويهي رهان


هڪ ٻئي هنڌ ”گوهر“ لکي ٿو ته:
جيئن ٿي گذري، گذاري ٿا ڇڏيون
جيڪو ويو گذري، وساري ٿا ڇڏيون
ياد تنهنجيءَ ۾ ڪٿي ٿي اک لڳي
ويٺي ويٺي سج اڀاري ٿا ڇڏيون


شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو هو ته: ”ڇا هي منهنجو تهجد آهي، جو مان صبح جو چئين بجي کان اڳ ۾ اٿي ٿو لکان؟ جي ها، ته اي خدا! منهنجي عبادت جي انفراديت تي غصو نه ڪجانءِ“. تصوف جي گيڙو رنگ ۾ رڱجڻ کان پوءِ عبادتن جا انداز ئي مٽجيو ٿا وڃن ۽ ”گوهر“ جي شاعريءَ ۾ هنڌين، ماڳين، اهڙا اهڃاڻ اڀريو ٿا اچن، جيڪي خيالن ۽ سوچن ۾ تازگي ڀري ٿا ڇڏين.
هونئن ته غلام علي ”گوهر“ جو سمورو ڪلام سِڪَ سان سوچن ۾ سمائڻ جهڙو آهي، پر مون کي سندس غزل وارو حصو وڌيڪ موهي ٿو، توڙي جو سائين ”گوهر“ بزرگ شاعر آهي ۽ سندس لاڳاپو ماضيءَ ۾ ”جمعيت الشعراء“ سان به رهيو آهي ۽ طرحي مشاعرن جا مانڊاڻ به سندس اڳيان گذريا آهن (جيڪي هاڻ جِهڙوڪر بلڪل ختم ٿي ويا آهن)، پوءِ به سندس غزل پڙهڻ کان پوءِ مون کي اهو بلڪل نئون، تازو ۽ جديد ٿو لڳي (۽ بلڪل ساڳي راءِ مون عطا محمد حاميءَ جي غزل کي پڙهڻ کان پوءِ به عرض ڪئي هئي). مان چاهيندس ته هتي غزلن جون ڪجهه سٽون کڻي پنهنجي پڙهندڙن جي سامهون رکان جيڪي پنهنجو پاڻ ۾ اڻ مَيو موهه سمايو بيٺيون آهن:
رهجي ويئي ڄاڻ اڌوري
آهي حياتي هاڻ اڌوري
ٻي سان ڪهڙو پوري پوندي؟
جيڪا آهي پاڻ اڌوري

هي جهان ۽ هو جهان هڪ ٿي وڃي
هي زمين ۽، هو آسمان هڪ ٿي وڃي
تنهنجي قدمن ۾ هي منهنجو سر هجي
هي مڪان ۽ لامڪان هڪ ٿي وڃي


اڄوڪي دور، ۾ جڏهن ”ادب“ کي سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو ويندو هجي، جڏهن دنيا جي هر بي ادبي، ادب جي نالي تي ٿيندي هجي، چالاڪي ۽ چرٻ زبانيءَ کي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ ”سونهري اصول“ سمجهيو ويندو هُجي، دَٻي ۾ ٺڪرين جهڙين ڳالهين کي پنهنجي موجودگيءَ جي احساس ڏيارڻ جو وسيلو بڻايو ويندو هجي، جڏهن ڪنهن به حساس ماڻهوءَ جو ساههُ پاليوٽيڊ روين جي سوڙهه ۾ مُنجهندو ئي رهجي وڃي، اتي سائين غلام علي ”گوهر“ جهڙا سهڻي سڀاءَ وارا انسان سچ پچ ته غنيمت ئي آهن ۽ بدقسمتيءَ سان اهڙا ئي ماڻهو هٿ ٺوڪين Values واري معاشري ۾ هميشه Misfit ئي رهيا آهن، ٻين لفظن ۾ اهڙا ڪردار ڄڻ ته گلن ۾ خار وانگر ئي رهندا آهن.
جنهن کان پُڳي جيڏي، تنهن مون سان جفا ڪئي
مون کي نه آهي ياد ته ڪنهن مون سان وفا ڪئي

نه ڪوئي يار آ منهنجو نه ڪنهن جو يار آهيان مان
اڄوڪي  وقت  ۾  گويا  گلن   ۾    خار     آهيان    مان
هڪ جاءِ تي سائين غلام علي ”گوهر“ چئي ٿو ته:
هزارن خواهشن مان ٿي نه آ هڪڙي اڃا حاصل
اڃا تائين سڄڻ، سڀ تي وڃي لکندو ٿو لا حاصل

استاد غالب به ڪجهه اهڙي ئي ڳالهه ڪئي هئي ته:
هزارين خواهشين ايسي ڪه هر خواهش په دم نڪلي
بهت نڪلي هين ميري ارمان مگر پهر بهي ڪم نڪلي

سينواريل ذهنيت وارا، تصوف کي ڀلي ته فراريت جي راهه سمجهن ۽ پاڻ هتي تصوف جي ”پوسٽ ماڊرن تصور“ تي به بحث ڪونه ٿا ڪريون، پر هتي ئي سائين غلام علي ”گوهر“ جي لفظن تي نظر وجهڻ سان اها ڳالهه پڌري ٿي پوي ٿي ته هُو، سماج ۽ ان سان واڳيل مسئلن کان ڪنهن به طرح ڪنهن به جاءِ تي ڪٽيل نه آهي. ”خليج جي جنگ“، ”ڪراچي“ ۽ ”سال 1990ع واري سنڌ“ جي صورتحال کان متاثر ٿي  لکيل نظم ان ڳالهه جي ثبوت ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا ته هُو ڪنهن به طرح زندگيءَ جي وهنوار کان ڪٽيل ناهي ۽:
هلندي هلندي نيٺ هاڻي زندگي ٿڪجي پئي
جا زماني سان هئي سان دل لڳي ٿڪجي پئي

چوڻ وارو ”گوهر“ پوءِ به زندگيءَ سان پنهنجي ڪمٽمينٽ برقرار رکيون ٿو اچي. اياز چيو هو ته ”ڏات وڏي شيءِ ناهي پر سچ وڏي شيءِ آهي“ ۽ ”گوهر“ جي شاعريءَ ۾ اهڙو ئي سچ اوتيل آهي، جنهن سچ جي مات ڪڏهن ٿيڻي ئي ناهي ۽ جيڪو سچ پنهنجو پاڻ ۾، ڪنهن وڏي مچ کي مچائڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿو.
”منهنجو لطيف“، ”دلبر جي درٻار“ ۽ ”استاد حاميءَ جي ياد ۾“ اُهي نظم آهن، جن ۾ ”گوهر“ پنهنجي همعصر ۽ پيش رو شاعرن کي ٽربيوٽ پيش ڪيو آهي، مجموعي طور تي ”سفر زندگيءَ جو“ اُنهن دلين لاءِ هڪ سڪ ڀري سوکڙي آهي، جيڪي دليون ”پيارُ، رڳو پيارُ“ ئي ڪرڻ ڄاڻن ٿيون ۽ جيڪي دليون، سماج جي گدلي سينور ۾ ٽڙيل ڪنول وانگر ئي هونديون آهن.

No comments:

Post a Comment