13/04/2013

ساختيات (Structuralism) - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


ساختيات (Structuralism)
اڪبر لغاري
”ساختيات، انساني سماج جي مختلف رخن جهڙوڪ ادب، ٻولي، سماجي ادارن وغيره جو معائنو ڪري ٿي، جنهن مطابق جز جي الڳ ڪا بہ معنيٰ نـه آهي ۽ ان جي معنيٰ صرف ۽ صرف ڪل جي نسبت سان ئي آهي. سماج جي هر نظام ۾ گهرا بنيادي ڍانچا(Structures )  هوندا آهن، جن جي باهمي تعلق ۽ مطالعي کان سواءِ حقيقت ۽ معنيٰ تائين رسائي مشڪل آهي.“[i]
روماني تنقيد، حقيقت نگاري، مارڪسي ۽ نئين تنقيد جون پاڙون فلسفي جي مختلف فڪري مڪتبن جي پاتال ۾ کتل آهن. تنقيد جي انهن نظرين ۾ معنوي تفهيم کان وٺي  جمالياتي تسڪين تائين، جا سڀ معاملا بحث هيٺ اچن ٿا. جڏهن تـه نفسياتي تنقيد جو تعلق ادب جي صرف معنوي رخ سان ۽ ادبي جديديت جو سڄو زور جماليات تي آهي. ساختيات انهن سڀني کان مختلف آهي جيڪا لسانيات مان ڦٽي نڪتي آهي. هن جو تعلق نه ته ادب جي جماليات سان آهي ۽ نه ئي وري ان جو مقصد ادب جي معنوي تفهيم ۽ تعين سان آهي. ساختيات اهو ڏسڻ چاهي ٿي تـه ادب ۾ لفظن، جملن ۽ محاورن جي باهمي ميلاپ سان وجود ۾ آيل تحرير ۾ معنيٰ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي يعني ساختيات جو تعلق معنيٰ سان نـه، پر معنيٰ پيدا ٿيڻ جي عمل ۽ طريقيڪار سان آهي.

ساختيات جي باني سوسيوئر کان متاثر ٿي، ڪلاڊي ليوي اسٽراس (Claude Levi Strauss)  ساختياتي فڪر کي سماجي نظام ۾ ڳولي لڌو جنهن جي مطابق تـه سماج، ثقافت، ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ڪهاڻين وغيره  ۾ گھرا ڍانچا آهن جن جي  ساخت بـه نشاني وانگر آهي جنهن ۾ ڪل ۽ جز جي تعلق سان معنيٰ پيدا ٿي ٿئي. اصول اهو آهي تـه هر جز کي پنهنجي ڪل سان نـه صرف سهمت هجڻ گھرجي پر ان کي ڪل جي معنويت ۽ اهميت ۾ اضافو ڪرڻ گھرجي. فرد جز ۽ ڪٽنب ڪل آهي. ڪٽنب جز ۽ سماج ڪل آهي. لفظ جز ۽ جملو ڪل آهي. جملي ۽ لفظ جي وچ ۾ ”معنيٰ پيدا ڪندڙ اصول“ جو نالو گرامر آهي.
ساختياتي فڪر سماجيات، نفسيات، فلسفي، مئٿس، انسانيات ۽ ادبي تنقيد تي پنهنجا گهرا اثرڇڏيا ۽ 1950 کان 1970 واري ڏهاڪي تائين هر طرف ساختيات جي حڪمراني هئي. هتي اسان صرف ادبي تنقيد جي حد تائين  ساختيات جو مطالعو ڪنداسين.
ساختيات بنيادي طرح لساني فڪر آهي، جنهن جو بنياد فرڊيننڊ ڊي سوسيوئر(Ferdinand de Saussure ) رکيو. هن جي مطابق ڪنهن شئي جي معنيٰ ان جي اصل تصور ۽ لفظ جي آواز جي ميلاپ سان ٺهي ٿي. مثال: لفظ ”چيتي“ جو مثال وٺو. ان جا ٻـه حصا آهن: هڪ لفظ ”چيتي“ جي اچار جو آواز، ٻيو ان جو تصور يعني:
 
هن ۾ آواز کي سوسيوئر دال (Signifier) ۽ تصور کي مدلول (Signified) چوي ٿو. دال ۽ مدلول جي ميلاپ کي نشاني (Sign) چوي ٿو. اسان جڏهن دال ”چيتو“ اچاريون ٿا تـه اسان جي ذهن ۾ خودبخود چيتي جو تصور اچي وڃي ٿو! ائين ڇو آهي؟ لفظ چيتي اچارڻ سان ڪبوتر جو تصور ڇو نـه ٿو اچي؟ ان جو جواب اهو آهي تـه اسان جي مخصوص معاشري ۽ ٻولي، تصور ۽ لفظ جي تعلق کي پيدا ڪيو آهي ۽ اهوتعلق فرد جي وجود ۾ اچڻ کان پهرين پيدا ٿي چڪو آهي. لفظ ۽ تصور جو تعلق ڪو آفاقي ڪونهي پر اهو سماجي ۽ ثقافتي طور جڙيو آهي، ڇو تـه مختلف ٻولين ۾ چيتي جي تصور لاءِ مختلف لفظ آهن. ٻولي ۽ ادب ۾ لفظ، نشانيون آهن جن جي ساخت ڪجھ هن ريت آهي:
نشاني = (Sign)
دال (Signifier)
مدلول  (Signified)

نشاني لاءِ اهو ضروري آهي ته ان ۾ دال ۽ مدلول ٻئي هجن، جيڪڏهن ڪو هڪ عنصر کٽل آهي ته ان کي نشاني نه چئبو. ڪنهن بـه ٻوليءَ ۾ لفظن ۽ انهن جي تصورن جو تعلق، ان ٻوليءَ جي مخصوص ثقافت جي ڪري آهي. اسان جڏهن سنڌي ٻولي ۾ لفظ ”ڪتاب“ چونداسين ته ٻي سنڌي جي ذهن ۾ ڪتاب کان سواءِ ڪو ٻيو تصور ايندو ئي ڪونه ڇو ته اسان جي ڪلچر اسان کان اڳ ئي ان تعلق کي طئي ڪري ڇڏيو آهي.  نشانين جي باقاعدي مطالعي کي [ii]Semiology/ Semiotics  جو نالو ڏنو ويو آهي.
اهڙي نموني سان نشانيءَ (Sign) جي معنيٰ جو تعين ان جي جملي ۾ استعمال سان ٿيندو آهي ۽ جملي جو تعين ان جي مضمون ۾ مخصوص استعمال سان ٿيندو آهي. ٻوليءَ ۾ اهو سڀ ڪجھ انهيءَ ٻوليءَ جي خودڪار نظام تحت ٿيندو آهي. ساختياتي فڪر مطابق ادب جون ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ نشانين جون معنائون ٻوليءَ جي مخصوص ڍانچي ۾ اڳ ئي طئي ٿيل آهن، تنهنڪري ليکڪ ڪا به نئين سچائي بيان نه ڪندو آهي. ”ساختياتي فڪر جي مطابق، ڪا به تحرير خودمختيار نه آهي، تنهنڪري ان جو مفهوم سمجھڻ لاءِ ان تحرير کي ٻين تحريرن جي تناظر (Intertextuality) ۾ ڏسجي. ان کان علاوه اهو ذهن ۾ رکجي ته ان تحرير جو مفهوم ٻوليءَ جي مخصوص نظام ۾ اڳ ئي طئي ٿيل آهي.“[iii]
جهڙي طريقي سان نفسياتدان چون ٿا تـه انسان جا عمل بظاهر تـه شعور جي ماتحت هجن ٿا پر درحقيقت اهي لاشعور جي اثر هيٺ هوندا آهن ۽ ماڻهو اڻڄاڻائيءَ ۾ لاشعور جي حڪمراني جي تابع هوندو آهي، اهڙيءَ طرح سان ساختياتي مفڪر چون ٿا تـه ادب ۽ سماج ۾ پڻ هڪ اجتماعي لاشعور يا گهرا ۽ لڪل ڍانچا هوندا آهن جن جي تحت سماج عمل ڪندو آهي ۽ ادب تخليق ٿيندو آهي. سندن مطابق تـه اديب اهو سمجهندو آهي تـه هو خود اهو ادب تخليق ڪري رهيو آهي پر درحقيقت اهو ادب کانئس تخليق ڪرايو پيو وڃي. هو ان مغالطي ۾ هوندو آهي تـه ادب سندس انفرادي تخليق ۽ انفرادي اظهار آهي پر حقيقت ۾ اديب هڪ اجتماعي لاشعور يا سماجي خفيه قانونن جو چونڊيل هڪ ڪارندو آهي جيڪو سماج جو سونپيل ڪم ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو رولان بارٿ چيو ته اديب صرف هڪ جاءِ (Place) آهي جتي ادب تخيق ٿئي ٿو.
ادبي ساختيات ۾ ٻن نالن کي وڏي اهميت آهي جن جو مختصر احوال هن ريت آهي:
رولان بارٿ  (1915 کان 1980):
 بارٿ، فرانس جو اهو دانشور ۽ نقاد هو جنهن ويهين صديءَ ۾ بي انتها شهرت ماڻي. هو اسڪول استاد، ڪالم نگار۽ سفارتڪار رهيو ۽ آخر ۾ پئرس جي تمام وڏي اداري، ”ڪاليج ڊي فرانس“ ۾ ”ادبي نشانيات“  (Literary Semiology) جو چيئرمئن منتخب ڪيو ويو.
1953 ۾ بارٿ جو ڪتاب Writing Degree Zero  ڇپيو جنهن کيس وڏي مڃتا ڏياري. هن ڪتاب ۾ بارٿ، سارتر جي ان ڳالھ جي حمايت ڪئي تـه ادب ۾ وابستگي هجي. ”اديب غيرجانبدار رهي نٿو سگھي ڇو تـه ڪابـ ٻولي شفاف نـه هوندي آهي. حقيقت نگاري کي ڪيترو بـه غيرجانبداري سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي پر اها جڏهن اديب جي قلم مان نڪري ٿي تـه ان ۾ اديب جي راءِ بـه شامل ٿيو وڃي. تنهنڪري ادب ۾ غيرجانبداري صرف هڪ خواب آهي.“[iv]  مصر ۾ نوڪري دوران سندس ملاقات گرائيماس سان ٿي جنهن کيس سوسيوئر سان روشناس ڪرايو. ان کان پوءِ بارٿ، ليوي اسٽراس، پراپ، فوڪو ۽ بريخت کان گھڻو متاثر ٿيو. 1980 ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ سندس انتقال ٿيو.
بارٿ جي مطابق تـه تخليق اها نـه آهي تـه ڪا حقيقت جيئن جو تيئن نقل ڪجي. تخليقڪاران کي پنهنجي انداز ۽ اسلوب (Style) ۾ بيان ڪندو آهي تڏهن اها تخليق بنبي آهي. ٻين لفظن ۾ ته اهو منفرد اسلوب ئي آهي جيڪو تخليقڪار جي سڃاڻپ بنجي ٿو ڇو ته، نه ته معروضي حقيقتون تخليق ٿي سگھن ٿيون ۽ نه ئي وري فڪر ان جو پنهنجو هوندو آهي. اهڙي نموني سان تحرير ۾ معروضي معنيٰ يعني ڪا بـه هڪ متفقہ معنيٰ نٿي ٿي سگھي، ڇو ته معنيٰ نشانين جي مخصوص نظام تحت پيدا ٿيندي آهي. معنيٰ تخليقڪار ۽ تحرير جي ميلاپ سان نـه بلڪ اها تحرير ۽ پڙهندڙ جي ميلاپ سان جنم وٺندي آهي. تحرير ۾ موجود نشانين  (Signs) جي دال (Signifier) ۽ انهن جي پويان لڪل مدلول (Signified) تائين پڙهندڙ پنهنجي ڪلچر جي ذريعي پهچندو آهي ۽ ائين معنيٰ جنم وٺندي آهي. هڪ ئي تحرير کي مختلف ثقافتي ۽ سماجي پس منظر رکندڙ ماڻهو پڙهي مختلف مفهوم اخذ ڪن ٿا. ائين پڙهندڙ جڏهن معنيٰ سازي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو تڏهن هو خود ڄڻ تـه تخليقڪار ٿيو پوي ۽ هڪ قسم جي ڪيف ۽ سرور مان گذري ٿو جنهن کي بارٿ Jouissance جو نالو ڏئي ٿو. (سندس هي خيالات ساختيات کان وڌيڪ پسِ ساختيات سان تعلق رکن ٿا).
جڏهن تحرير جي ڪا هڪ معروضي معنيٰ نٿي ٿي سگھي تـه پوءِ نقاد جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ نقاد کي به بارٿ پڙهندڙ وانگر معنيٰ سازي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿو سمجھي ۽ تنقيد کي هڪ تخليقي ڪم ٿو سمجھي ليڪن معنيٰ تي اجاره داري ڪنهن جي بـه تسليم نٿو ڪري، تخليقڪار جي به نه. پنهنجي مشهور ڪتاب The Death of Author ۾ رولان بارٿ چوي ٿو تـ ليکڪ جي لکڻ کان پهرين اهو سڀ ڪجھ اڳ ئي موجود آهي، تنهنڪري مفهوم جي تلاش لاءِ ليکڪ ڏانهن ڏسڻ جي ضرورت ئي نه آهي. ليکڪ جو موت (اصطلاحي طور) ئي پڙهندڙ جو جنم آهي.  هونئن بـه سندس خيال ۾ پڙهبو مزي لاءِ آهي معنيٰ لاءِ نه.
ولادمير پراپ: (1895 کان 1970)  
پراپ روسي ادبيات جو ماهر هو. هن روسي لوڪ ڪهاڻين جو تجزيو ڪري هڪ ڪتاب لکيو، The Morphology of Folktale جنهن ۾ ”هن تحرير جي متن جي بجاءِ ڪهاڻي ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جو تجزيو ڪيو ۽ ڪردارن جي قسمن جو جائزو ورتو ۽ ان نتيجي تي پهتو ته لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪل ستن قسمن جا ڪردار ۽ 31 قسمن جا واقعا ٿين ٿا.“[v]
پراپ جي مطابق تـ جيڪڏهن هڪ ڪهاڻي ۾ چار هيرو آهن ته اهو هڪ قسم ڳڻبو ڇاڪاڻ ته اهي چار ئي گڏجي هڪ ئي ڪم ڪن ٿا. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڏهه دشمن آهن تڏهن بـه ڪردار هڪڙو ئي ڳڻبو. اهڙيءَ طرح سان 31 واقعا آهن جيڪي هر ڪهاڻي ۾ ساڳيا هوندا آهن پر انهن لاءِ لفظ ۽ اصطلاح بدليل هوندا آهن. پراپ جي فڪر کي اڄڪلھ فلمي تنقيد لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ان کان علاوه تودوروف، جينيٽي، لوٽمئن، ميخائيل باختن ۽ جوناٿن ڪُلر پڻ وڏا ساختياتي مفڪر آهن.
ساختياتي فڪر جو جيڪڏهن نچوڙ ڪڍبو ته هيٺيان اهم نقطا نروار ٿيندا:
Ø                 ٻولي هڪ ڍانچو  (Langue) ۽ تقرير، تحرير يا گفتگو هڪ واقعو (Parole) آهي.
Ø                  تحرير انفرادي هوندي آهي جڏهن ته ٻولي سماجي ۽ اجتماعي هوندي آهي.
Ø                 دال موجود ۽ ٺوس هوندو آهي، مدلول غائب ۽ تجريدي هوندو آهي.
Ø        دال هميشه ڪنهن مدلول جي نمائندي جي صورت ۾ هوندو آهي سندس پنهنجي ذاتي ڪا حيثيت نه هوندي آهي.
Ø                 دال کان سواءِ مدلول جي ڄاڻ نه ٿي ملي سگھي ۽ مدلول کان سواءِ دال بي معنيٰ آهي.“[vi]
Ø       ساختياتي نقاد تحرير (Text) جو تجزيو ڪرڻ بجاءِ ان ۾ استعمال ٿيل ٻولي جي ساخت (Structure) جو تجزيو ڪري اهو ڏسندا آهن ته ان جي زيرِ سطح ۽ گھرائي ۾ ڪهڙا اصول ڪارفرما آهن.
Ø                 ادب ۾ هيئت (Form) دال ۽ معنيٰ يا مفهوم (Meaning)  مدلول آهي.
Ø       روسي هيئت پسندن وانگر، ساختياتي مفڪرن پڻ ادبي تنقيد ۽ تفهيم کي سائنس جو درجو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو مطلب اهو ٿيو تـه معروضي معنيٰ ممڪن آهي.
ساختيات، تشڪيليت (Constructionism) تي زور ڏنو جيڪو هڪ اهم قدم آهي. هاڻي معنويت نه ته ذاتي تجربي جو نتيجو آهي نه ئي وري آسمان مان لٿل ڪا شئي. توهان جي ٻولي ۽ ثقافت جي ڪري معنيٰ جنم وٺي ٿي. ٻولي فرد کان پهرين آهي تنهنڪري فرد جي خودي (Self) ۽ معنيٰ جي تشڪيل ثقافت ۽ ٻولي جي ڪري ٿئي ٿي. ساختيات جو جماليات سان ڪو تعلق نـه آهي. معنيٰ سان صرف ايترو تعلق آهي تـه اهو ڏٺو ويندو آهي تـه معنيٰ پيدا ڪيئن ٿي ٿئي. ساختيات کان پهرين تحرير حقيقت جي عڪاس هئي ۽ ٻولي محض عڪاسي جو ذريعو. ليڪن ساختيات هن نقطہ نظر کي ڌوڏي ڇڏيو. هاڻي ٻولي عڪاسي جو ذريعو نه پر خود معنوي تشڪيل جو سبب آهي.“ [vii]
ساختيات هڪ طاقتور آواز ٿي اڀريو ليڪن ان کان ستت پوءِ پس ساختياتي فڪر اچي ويو جنهن سبب ساختيات پس منظر ۾ هليو ويو.


[i] Martin Gray: A Dictionary of Literary Terms
    نشانين (Signs) جو سائنسي مطالعو. سوسيوئر جي فڪر مطابق نشانيون  Semiotics/Semiology: تحرير يا تقرير ۾ هونديون آهن. رولان بارٿ ان کي تصويرن، اشارن ۽ آوازن جي مطالعي تائين وڌايو.
[iii] Bressler C.E: Literary Criticism p-110
[iv] Roland Barthes: Writing Degree Zero p-49
[v] Ian Buchanan: Critical Theory: Oxford University Press p-386
[vi] John Sturrock: Structuralism  p-31
[vii] Terry Eagleton: Literary Theory; An introduction p-93

No comments:

Post a Comment