08/04/2013

زندگي سڀني وٽ ڇو نه ٿي اچي؟ - امر اقبال (Amar Iqbal)


زندگي سڀني وٽ ڇو نه ٿي اچي؟
امر اقبال
هُو پنهنجي پياري ڌيءَ ”بوسڪيءَ“ کي هر سال سندس جنمَ ڏينهن تي ٻه انتهائي خوبصورت ۽ منفرد تحفا ڏيندو آهي. هو کيس ڪوئي ڪتاب، ڪوئي رانديڪو يا خوشبوءِ جي ڪائي بوتل گفٽ ناهي ڪندو، اهي ته تمام روايتي تحفا آهن. هُو بوسڪيءَ کي ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو“ سان گڏ هڪ نظم ۽ هڪ ڪهاڻي گفٽ ڪندو آهي.... بلڪل، مان انهيءَ فنڪار جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن کي اسان ”گلزار“ جي نالي سان سڃاڻون. تمام گهٽ ماڻهو پنهنجي نالن جهڙا هوندا آهن ۽ هي شخصَ پنهنجي نالي کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ خوبصورت آهي.
هڪ ٽيليويزن پروگرام ۾ کانئس پُڇيو ويو: ”تون گلزار ڪيئن بڻئين؟“

۽ انڊيا جي هن سانتيڪي نديءَ جهڙي شاعر وراڻيو: ”منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ دؤر اهڙو آيو جو منهنجي آس پاس اوچتو گُلَ ٽڙي پيا ۽ مان گلزار بڻجي ويس“.
.... ۽ مان پڻ گذريل ساري رات هڪ دفعو ٻيهر ”گلزار“ بڻجندو رهيو آهيان. ڪمري جي بي جان ديوار ۾ لڳل اسپيڪر ۾ آشا جو آواز جاڳي پيو هو، هوءَ گلزار کي ڳائي رهي هُئي، تمام ڌيمي آواز ۾، ۽ سندس آواز ڪنهن رنگين پوپٽ جيان ڪمري ۾ اڏامي رهيو هو ۽ مان وهاڻي کي ٽيڪَ ڏئي، آشا جي آواز، ڪمبل جي هلڪي هلڪي گرمي ۽ گلزار جي شاعريءَ جي ڪتاب ”چاند پکراج ڪا“ مان مزو وٺندو رهيس، ۽ جڏهن ”صبح“ جو جاڳ ٿي، ان وقت مسجدن مان جمعي جي نماز جي خطبن جا آواز اچي رهيا هيا (موڪل وارن ڏينهن ۾ منهنجي لاءِ صبح ڏاڍو دير سان ٿيندو آهي). مان انهن آوازن جي شور ۾ وهاڻي جي ڀرسان رکيل ”چاند پکراج ڪا“ جي آخري صفحن تي مسڪرائيندڙ تروينن جو تصور ڪرڻ لڳس ۽ پوءِ پاڻ به مسڪرائڻ لڳس ۽ مسڪرائيندي مسڪرائيندي ڪجهه شعرن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪري ڇڏيم. مان چاهيان ٿو ته انهن دوستن، جن هي ڪتاب ناهي پڙهيو، ساڻن شيئر ڪريان:
آلي آلي ڇو آهي هيءَ اخبار؟
پنهنجي هاڪر کي سڀاڻي کان  بدلايو

پنج سو ڳوٺ ٻُڏي ويا هن سال

î

هُو خط جا پُرزا اڏائي رهيو هو
هوائن جو رخ ٻڌائي رهيو هو

هو هڪ ڏينهن هڪ اجنبيءَ کي
منهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو

î

زندگي ٿي وئي بسر تنها
قافلو گڏ ۽، سفر تنها

پنهنجي پاڇي تي ڇرڪي ٿا پئون
عمر گذاري ايتري قدر تنها

î

وڻ جي پتن ۾ هلچل آ خبردار ٿا لڳن
شام کان تيز هوائن هلڻ جا  آثار ٿا لڳن

ڪالهه تواريخ ۾ دفنايا ويا جيڪي ماڻهو
پاڇا انهن جا دروازن تي بيدار ٿا لڳن

î

جڏهن به هيءُ من اداس هوندو آ
الائي ڪير آس پاس هوندو آ؟

چون ٿا، زخم دل جو زيور هن
 درد، دل جو لباس هوندو آ


î

جڏهن به گذرندي آهي ڳليءَ مان صبا
خط جا پرزا تلاش ڪندي آهي

پنهنجي ماضيءَ جي جستجوءِ ۾ بهار
پيلا پتا تلاش ڪندي آهي

هڪڙي آس وري وري اچي
پنهنجا ٽڪرا تلاش ڪندي آهي

هڪڙي راهه شهر تائين اچي
ڪي پانڌيئڙا تلاش ڪندي آهي


î

گلزار جي هر ڳالهه منفرد آهي. سندس ڊائريڪٽ ڪيل فلمن کان وٺي ٽي وي لاءِ پروڊيوس ڪيل ناٽڪ ”غالب“ تائين، ۽ هن ڪتاب ۾ شامل  نظمن لاءِ مان ڪجهه ڪونه ٿو لکان:
اها رات جنهن کي تون ڳلي لڳائي
مقدس چپن جي حسين لولين سان
سمهاري ڇڏيو هو سيني تي
ڊگهي آکاڻي ٻڌائي
اها رات جنهن جي عادت بگاڙي هئي تو
اها رات اڄ بستري تي اونڌي منهن روئي رهي آهي
گلزار جو هر نظم خوبصورت نظم آهي ۽ هر نظم کي چورائي لڪائي ڇڏڻ لاءِ دل ٿي گهري. پر گلزار پنهنجي ڪهڙي نظم کي ”مڪمل نظم“ ٿو ڪوٺي؟  اچو ته گڏجي پڙهون، ”مڪمل نظم“:
نظم الجھيل آ سيني ۾
شعر اٽڪيل هن چپن تي
لفظ ڪاغذ تي ويهن ئي نه ٿا
اڏامندا ٿا وتن پوپٽن جيان
ڪڏهن کان ويٺو هان مان جانم!
ڪوري ڪاڳر تي تنهنجو نانءٌ لکي
بس تنهنجو نانءٌ ئي مڪمل آهي
انهيءَ کان بهتر به ڪوئي نظم ٿيندو؟!
مان پنهنجا ڪاغذَ ۽ ڪتاب سميٽيان ٿو پر ان کان اڳ توهان کي هڪ ننڍڙي صلاح ٿو ڏيان ته هي ڪتاب ضرور پڙهي ڏسجو (جيڪڏهن توهان ناهي پڙهيو ته).

No comments:

Post a Comment