سجاد ميراڻيءَ جي شعري مجموعي ”مان تنهنجو هان“
جو مُهاڳ
سونهن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو؟!
امر اقبال
گلابن جو شهر پريالوءِ، جيڪو اصل
۾ ”پريان لوءِ“ آهي، يعني ”پريُن جو شهر“، ۽ هن شهر جون وري ڪيتريون ئي سڃاڻپون
آهن. مخدوم محمد اسماعيل رحه جي مزار تي ”سوالين“ جا ميڙَ،
شهر جي چوڌاري ڦهليل گلابن جا مهڪندڙ کيت، سرمد سنڌيءَ
جو سڏ ـ پڙاڏن جهڙو آواز... ۽ سڃاڻپ جي ان سفر ۾ اسان جي دوست سجاد ميراڻيءَ جو نالو به شامل ٿي ويو آهي، جنهن جي
سهڻي ۽ سلوڻي شاعري وري سندس سڃاڻپ بڻجي وئي آهي.
شاعري ۽ شاعرن جي وسيع جهان ۾، ۽
خاص ڪري پنهنجي سنڌ ۾ جتي شاعرن جو هڪ وڏو انگ شاعري (۽ پڻ اڻ شاعري) تخليق ڪرڻ (۽
گهڙڻ) جي ڪرت ۾ ”مصروف عمل“ هجي، اتي پنهنجي آواز کي الڳ ٿلڳ ۽ نمايان ڪري بيهارڻ
ڪوئي سولو ڪم ڪونه آهي. سجاد ميراڻيءَ پنهنجي شاعريءَ وسيلي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي
آهي، ۽ ان سڃاڻپ سندس پهرئين شعري ڪتاب ”دلدار وڏي
شيءِ آ“ کان وٺي، هِنَ شعري مجموعي ”مان تنهنجو
هان“ تائين موهيندڙ سفر ڪيو آهي.
”سنڌ“ ۽ ”سرتي“ سجاد ميراڻيءَ جي
شاعريءَ ۾ ٻن اکين جيان رهيون آهن. سندس اظهارَ جو سادو ۽ سليس لهجو ڪنهن لوڪ گيت
جهڙو احساس آڇي ٿو. سجادَ شاعريءَ جي رڻ ۾ لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو، بنا
ساهيءَ جي، ڪڏهن هورڙيان هورڙيان ڌيرج سان، ته ڪڏهن تڪڙين وکُن سان، بهرحال، پنڌ
پئي ڪيو آهي.
موٽندڙ وهيءَ واري هن عمر ۾ جڏهن
سندس مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اڇاڻ ڀُڻڪي اُٿي آهي، پر اُها اڇاڻ سندس جذبن جي
جوانيءَ تي حاوي ٿي ناهي سگهي. لکڻ توڙي علمي ادبي سرگرميون برپا ڪرڻ جي معاملي ۾
سجاد ميراڻي اڄ به انهيءَ نوجوان جي ڏِکَ ڏئي ٿو جيڪو خيرپور ۽ ان جي ترَ ۾ منعقد
ٿيندڙ مشاعرن ۾ پنهنجي شاعري پڙهڻ لاءِ پهچي پوندو هيو.
سجادَ جو سنڌي ادبي سنگت سان به
سالن جو ساٿ رهيو آهي ۽ هُن ادبي سنگت سان ساٿُ دِل سان نڀايو آهي. پريالوءِ ۾
”سنگت“ جي شاخَ قائم ڪري، هن نه صرف ماضيءَ ۾ ڪيترائي يادگار ادبي ميڙ مچايا، پر
ڪيترن ئي نوجوان دوستن جي گرومنگ ۾ به ڪردار ادا ڪيو. سرمد سنڌيءَ جون جڏهن هڪ روڊ
حادثي ۾ ٻئي ٽنگون بُري طرح زخمي ٿيون هيون، تڏهن سندس صحتيابيءَ جي خوشيءَ ۾
سجاد، پريالوءِ ۾ ساڻس هڪ يادگار رهاڻ رچائي هُئي، جنهن ۾ سرمدَ ساري رات بيساکين
جي ٽَيڪ تي بيهي ڳايو هو، ۽ خوب ڳايو هو. ڪنهن عوامي جلسي جو ڏيک ڏيندڙ انهيءَ
رهاڻ ۾ محمد خان مجيدي ۽ سرويچ سجاوليءَ کان وٺي عُمر جا آخري مهينا گذاريندڙ، ڪينسر ۾ وڪوڙجي
ويل ”سنڌ ڌرتيءَ جي شاعِرَ“ استاد بخاريءَ به
شرڪت ڪئي هُئي ۽ پنهنجو مشهور نظم ”اُهي ڪير آهن؟!“ ور ور ڪري پڙهيو هو.
سجاد ميراڻي، جيڪو پنهنجي
گهرڀاتين لاءِ ”غلام حسين“ ۽ شهر وارن لاءِ ”استاد ميراڻي“ آهي، ۽ انهيءَ ”استاد
ميراڻيءَ“ جي پريالوءِ ۾ واقع ”ماڙي“ ڀلا ڪنهن کان ڳجهي آهي؟! ”ميراڻيءَ جي ماڙي“،
جتي مختصر گنجائش جي باوجود شاعريءَ جا ڪتابَ ٽڙيل پکڙيل ملندا، جتي ادبي سنگت جون
گڏجاڻيون ٿينديون، جتي سموري سنڌ کان آيل اديب اچي ٻه گهڙيون ٿَڪُ ڀڃندا. ”رسول بخش پليجي صاحب به هڪ دفعو هِنَ ماڙيءَ تي قرب جا
قدم گهمايا“، انهيءَ ڏينهن سجادَ، فخر واري انداز ۾ مون کي ٻڌايو پئي.
تاجلَ، تاجَ، مدهوشَ،
راشدَ، اَدلَ، ايازَ، مُختيار، تبسم ۽ ٻين ته اڪثر سجاد جي سِڪَ واري
سَڏَ تي ”پريان لوءِ“ جي حاضري پئي ڀري آهي، پر هرسال سرمد جي ورسيءَ واري ڏهاڙي
تي سندس قبر تي محبت جا گُل رکڻ لاءِ ڪوثر ٻرڙو
به ته هتي اچي سجادَ جو ئي ساٿ ماڻيندو رهيو آهي. سجادَ جو بزرگ شاعرن ولي محمد نديم انصاري، سليم ڳاڙهوي، حليم سنڌي، نثار بزمي،
اميد خيرپوري، خادم رفيقي ۽ ٻين ساڻ پڻ دوستي ۽ نيازمنديءَ وارو ناتو رهيو
آهي.
سجاد ميراڻي هڪ ٻهڪندڙ شخصيت
وارو، ٽهڪڻو ماڻهو رهيو آهي. سادگي سندس لباس آهي، وڏائي سندس ڀر مان به ناهي
لنگهي. اڄ به هُو ڪنهن ادبي پروگرام ۾ هڪ ورڪر جيان هَٿُ ونڊائيندي نظر ايندو.
ڪجهه مهينا اڳ، ريڊيو خيرپور جي ادبي پروگرام ”ادبي سنگت“ ۾ جڏهن مان سندس انٽرويو
ڪري رهيو هُيس ته سجادَ بي ساخته چيو هو: ”مون کان ڪي ڏکيا سوال نه پُڇجانءِ، ڇو
جو هي منهنجو پهريون انٽرويو آهي“. ۽ مان سندس سادگي ۽ سچائيءَ تي مُرڪندو رهجي
ويو هُيس.
سجاد جي هن کان اڳ شايع ٿيل شعري
ڪتابَ ۾ سندس گهر واري ۽ اسان جي ڀاڄائيءَ راءِ ڏيندي صرف هڪ جُملو لکيو آهي ته:
”شاعري ۽ شاعر مون کي بلڪل پسند نه آهن، پر سجاد ميراڻيءَ کي شاعريءَ سميت اکين تي
رکيو آهي“.... ۽ مان سمجهان ٿو ته اسان دوستن سميت سجاد ميراڻيءَ جي پڙهندڙن پڻ
کيس ۽ سندس شاعريءَ کي دل جي ڀرسان جاءِ ڏني آهي.
سجاد ميراڻي پنهنجين سِٽُن مان ئي
سڀني کي ”سونهن جو سَٽيل شاعر“ محسوس ٿيندو آهي. اسان جي مشترڪه دوست قدير انصاريءَ ته ايترو به لکي ڇڏيو ته: ”سجاد ميراڻي
صوفين جي انهيءَ مسلڪ مان محسوس ٿيندو آهي، جن ۾ سرمد
۽ بيدل وغيره اچي وڃن ٿا. جن جا دل گهريا دوست
ڪنعيو ۽ اڀيچند هيا“.
ڳالهين جي ور وڪڙ ڳلين مان گذري
مان چاهيندس ته، ”سرتي! سينڌ نه ڊاهه، سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي“ ۽ ”سونهن سوا سجاد
ميراڻي ڪيئن ڪندو؟!“ جهڙيون سونهن ڀريون سٽون سرجيندڙ سجاد ميراڻيءَ جي هن شعري
ڪتاب جي موڙ وٽ پهچجي، جنهن ۾ پڻ هُن سوين لڙڪ ۽ مُرڪون، عڪس ۽ احساس سهيڙيا آهن.
مان سمجهان ٿو ته هي ڪتاب پڻ سندس شاعراڻي سفر ۾ هِڪَ ٻئي سنگ ميل جيان ئي آهي.
سجاد ميراڻيءَ هونئن ته گهڻين
شعري صنفن جي وکريل چَڳُن کي سلجهائڻ جو سعيو ڪيو آهي پر غزل ۽ وائيءَ سان سندس
خاص اُنسيت رهي آهي. پنهنجي هن نِڪور شعري مجموعي ۾ به هُنَ گهڻي قدر غزل ئي شامل
رکيا آهن. سندس ٻن مختلف غزلن جا هي مطلع:
يا خُدا! آسمان قائم رک
يارُ گڏ آ، جهان قائم رک
۽
کيس
چئجو هتان سدا گذري
شهر ساري لئه ٿي دُعا گذري
مون کي ترتيبوار، سندس ئي همعصر،
غزل جي خوبصورت شاعرن، سعيد ميمڻ ۽ اقبال رند جي مشهور غزلن ۾ موجود سَڏَ جي وراڻي محسوس
ٿيا. مان سمجهان ٿو ته اِها سجاد جي دل ۾ موجود پنهنجي همعصر شاعر دوستن لاءِ محبت
ئي آهي جيڪا سندس شعرن مان ليئا پائي رهي آهي.
لکڻ جي شروعاتي سالن ۾ (۽ پڻ هاڻي
به) سجادَ الاهي سارو نعتيه ڪلام به لکيو. مذهب سان ويجهو لڳاءُ رکندڙ سجادُ، انهيءَ
معاملي ۾ وري ڪڏهن به تنگ نظر نه رَهيو. هُنَ پنهنجي دل کي هميشه کُليل آسمان جيان صاف ئي رکيو آهي. سندس شعرن ۾ به
انهيءَ جي چٽائي ملي ٿي:
او واعظ! تون دوزخ
جا دڙڪا نه ڏي
آءٌ پاڻ ئي خدا سان ٺهي ٿو وڃان!
آءٌ پاڻ ئي خدا سان ٺهي ٿو وڃان!
مون سان جنت ۽ دوزخ
جون ڳالهيون نه ڪر!
رُوحَ منهنجي ۾ راڻو رَچي ويٺو آ
رُوحَ منهنجي ۾ راڻو رَچي ويٺو آ
مان مٿي به لکي آيو آهيان ته سجاد
”سونهن جو سٽيل“ شاعِرُ آهي. سونهن، جيڪا سينوارجي ويل سماجي قدرن ۽ ذلتن ڀريل
زندگين ۾، جيئڻ لاءِ اڪيلو جواز ئي وڃي بچي آهي. سونهن جيڪا گندگين ۾ گُهٽجي مرڻ
بدران، سُرها ساههَ کڻڻ جو ساهس ارپي ٿي ۽ سجاد به ته انهيءَ ئي سونهن جو وک وک تي
سلام ڀريندي نظر اچي ٿو:
کيس چئجو ”سجاد“
سوالي آ
هڪ چُميءَ جي ڪري سخا گذري
هڪ چُميءَ جي ڪري سخا گذري
جو گهريم مون کي ملندو رهيو يارَ کان
مون تي ايڏيون عطائون وڏي ڳالهه آ
مون تي ايڏيون عطائون وڏي ڳالهه آ
منهنجو دين پنهنجو، منهنجو ڌرم پنهنجو
جتي سونهن، سجاد! سجدو ڪيان ٿو
جتي سونهن، سجاد! سجدو ڪيان ٿو
سونهن جي جت ٿئي
سلامي سو
عشق جو آستان قائم رک!
عشق جو آستان قائم رک!
ويندي ويندي وفا
ڪيون وڃجو
سهڻا سائين! سخا ڪيون وڃجو
سهڻا سائين! سخا ڪيون وڃجو
سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ ۾
موضوعاتي حوالي سان جتي ”سونهن“ جو ذڪر سرس ملي ٿو، اُتي سندس اسلوب ۾ سادگي ۽ بي
ساختگي به گڏ گڏ هلي ٿي. ۽ اها سادگي ۽ سلوڻائپ سندس شعرن جي اصل سونهن آهي. مان
چاهيندس ته ”سنڌ“ سان سجاد جي محبت جا ڪُجهه عڪس اوهان ساڻ شيئر ڪريان:
سنڌ جو سجادَ! ڪيئن
ٿي آجپو؟
بس انهيءَ ويچارَ ۾ گذري پئي
بس انهيءَ ويچارَ ۾ گذري پئي
سنڌ ٿا وڪڻن ڪُرسيءَ
خاطر
مرد به اڄ نامرد ٿي پيا هِن
مرد به اڄ نامرد ٿي پيا هِن
کيس چئجو، سِنڌُو
سڪي ويو آ
سنڌ تي پئي ٿي ڪربلا گذري
سنڌ تي پئي ٿي ڪربلا گذري
تخليق جو عَمل جنهن ذهني آسودگي ۽
ڪنسنٽريشن جو گهرجائو هجي ٿو، اُهي پاڻ وٽ ڪنهن تخليقڪار کي ملن، ممڪن ئي نه آهي
(اسان وٽ گهڻي قدر نثري توڙي شعري ادب، فرسٽريشن جي مونجهه مان ئي جنميو آهي)،
پوءِ به ساڳي ئي وقت سماجي وهنوار جي منجهيل سُٽَ کي سلجهائڻ سان گڏوگڏ، سجاد
ميراڻي، جيڪڏهن لکڻ پڙهڻ، ڪتابن ۽ ادبي سرگرمين لاءِ زندگيءَ مان وقت چورائي ٿو
وٺي ته اِها وڏي ڳالهه آهي.
مون کي اها به پَڪَ آهي ته سجاد
پنهنجي سفر کي، پنهنجي هن ڪتاب جي ڇپجڻ تي، اڌ ۾ ڪونه ڇڏيندو. اڃا ته سندس دل ۾
سونهن هٿان سٽجڻ جو حوصلو باقي آهي، اڃا ته سندس اک، ڪنهن حسين چهري کي پنهنجو پاڻ
مان ڪڍڻ جي ڪرت کي جاري رکيون ٿي اچي ۽ اڃا ته هُو سنڌ ۽ سونهن کي ڀيٽائون ڏيڻ
لاءِ ڪي نوان غزل، ڪي نيون وايون لکڻ جي سگهه ساري ٿو. اڃا ته هُو مشاعرن ۽ محفلن
۾ پنهنجي شاعريءَ جي شمع جلائي رکڻ ڄاڻي ٿو.
شالَ هُو لِکندو رهي، کلندو رهي ۽
اسان سندس شعرن ۽ سندس ٽهڪن کي ٻُڌندا رهون.
No comments:
Post a Comment