18/04/2013

ڪتاب سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


مختيار احمد ملاح جو لکيل ڪتاب
سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ
رکيل مورائي
سنڌي ناٽڪ/ڊرامي جي لکت ۾ تاريخ سئو سوا سئو سالن کان گهڻي نه ٿيندي پر ان جي جزن جي کوج اسان کي صدين تائين شايد پوئتي وٺي وڃي، جنهن بابت به سنڌ ۾ ڪا گهڻي تحقيق نظر نٿي اچي، ان جي ڀيٽ ۾ هند ۾ هڪ نهايت اهم دستاويز ڊاڪٽر پريم پرڪاش جي اها ٿيسز آهي، جنهن جو نالو آهي ”سنڌي ناٽڪ جي اوسر 1880 کان 1980 تائين“.
سنڌ ۾ به ڪي ڪتاب موجود آهن، خاص طور غلام حيدر صديقي صاحب جو ”ننڍي کنڊ ۾ ڊامي جي تاريخ“. تازو ئي ”سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ“ جي نالي سان، مختيار احمد ملاح جو ڪتاب ڇپيو آهي، جيڪو هڪ اهم دستاويز جي صورت وٺي بيٺو آهي.

اهو به سچ آهي ته ورهاڱي کان پوءِ اسان وٽ اسٽيج ناٽڪ گهڻي حد تائين گهٽجي ويو، جنهن جو ڪجهه پوراءُ ريڊيو ناٽڪ ۽ ٽي وي ناٽڪ ڊرامي ڪيو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اڄ تائين، ناٽڪ/ڊرامي جو ڪتابي صورت ۾ اچڻ نه اچڻ جهڙو ٿيو آهي. جڏهن ته هند ۾ ناٽڪ/ ڊرامي بابت نه فقط ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ڇپجندا رهن ٿا، پر ڪيترائي ناٽڪ/ڊراما ڪتابي صورت ۾ ڇپيل پڻ آهن ۽ ڪيترائي ناٽڪ/ڊراما، مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپيا آهن، جن سڀني جو گهڻي حد تائين وچور مختيار احمد ملاح جي لکيل هن تاريخي ڪتاب ”سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ“ ۾ موجود آهي. ان حوالي ۾ به هيءُ ڪتاب اهم آهي، ته هن ۾ مختصر ئي سهي، گهڻن ناٽڪن/ڊرامن ۽ انهن جي لکندڙن جون داخلائون درج آهن. شايد ئي هن ڪتاب کان اڳ ڪنهن ناٽڪ جي تاريخ ۾ ايتريون داخلائون ملن. جيتوڻيڪ هيءُ هڪ اٺ ڪاٺيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌي ادب جيڪو سنڌ ۾ لکجي رهيو آهي ۽ سنڌي ادب جيڪو هند ۾ لکجي رهيو آهي، اهو سمورو ٻنهي پاسي جي ليکڪن کي مناسب حد تائين ميسر نه آهي ۽ اهڙي ڏکيائيءَ هوندي به جڏهن مختيار احمد جو هيءُ ڪتاب پڙهجي ٿو ته اڄ جي تاريخ ۾ ڪنهن نوجوان لکندڙ جي محنت ڪرڻ واري لاڙي جو وري هڪ ڀيرو يقين ٿئي ٿو.
سنڌ ۾ ناٽڪ/ڊرامي جو ڪتابي صورت ۾ گهڻي حد تائين نه اچڻ، سنڌي ادب لاءِ مجموعي طور نقصان آهي، ڇاڪاڻ جو هيءَ ادب جي هڪ سگهاري صنف هجڻ باوجود، هن جي ڪتابي صورت ۾ عدم موجودگي ڏکي لڳي ٿي پر هن ڪتاب کي پڙهڻ وقت ڪيترن ئي ناٽڪن/ڊرامن، توڻي انهن جي لکندڙن جا نالا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، جيڪي اڳ اسان جي مطالعي ۾ نه آيا آهن ۽ مختيار انهن سڀني کي پنهنجي هن مختصر ناٽڪ/ڊرامي جي تاريخ ۾ محفوظ ڪري، اسان لاءِ هڪ وڏو خزانو ڇڏيو آهي، هڪ اهڙو خزانو جيڪو ايندڙ وقت ۾ تاريخ لکڻ واري لاءِ گهڻي گهڻي آساني پيدا ڪندو ۽ پڪ سان اهو مختيار احمد ملاح جو ٿورائتو پڻ ٿيندو. ناٽڪ/ڊرامي بابت هن ڪتاب ۾ ڊرامي/ناٽڪ جي ممڪن حد تائين سمورن پهلوئن جي جاچ ڪيل آهي ۽ ان جي اوائلي صورت کان وٺي اڄ جي جديد/نئين صورت تائين جي سفر جو بستو احوال آهي، جيڪو اڄ جي پڙهندڙن لاءِ وڏي ڄاڻ ميسر ڪري ٿو. ساڳئي وقت گهڻيون اڻ لکيل روايتون پڻ ڪتاب ۾ موجود آهن. ناٽڪ/ڊرامي سان يا ان جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ ميراث آهي. ٻيءَ طرح سنڌي ادب جو هيءُ اهڙو حصو آهي، جنهن کي لکت ۾ آڻڻ ڏانهن سنڌ ۾ بنهه گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي.
مختيار جو هيءُ ڪتاب سرحد جي ٻنهي پاسي رهندڙن سنڌي ادب جي خاص طور ناٽڪ/ڊرامي جي پڙهندڙن لاءِ هڪ جيترو ڪارائتو ٿيندو، اهڙي پڪ آهي، جنهن لاءِ مختيار گهڻو جس لهڻي. هيءُ ناٽڪ/ڊرامي جي تاريخ جو پوراءُ ڪندڙ ڪتاب سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي پاران شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو سهڻي پني، اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان ڇپيل آهي. ڪتاب جو ملهه 450 رپيا آهي ۽ ڪتاب ۾ 350 صفحا آهن. ڪتاب سهڻو ڇاپڻ ۾ پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچيءَ جون ڪوششون ساراهڻ جهڙيون آهن.

No comments:

Post a Comment