10/01/2021

خليل کوسي جو ڪتاب ”سنڌ جا ٽنڊا“ - اعظم ڀَٽي (Azam Bhatti)

 اعظم ڀَٽي

خليل کوسي جو ڪتاب

”سنڌ جا ٽنڊا“

سرسري جائزو

خليل کوسو سنڌي شاعري جي حوالي سان تمام سُٺي شهرت رکي ٿو. هو سُٺو سُگهڙ به آهي. پهاڪن ۽ چوڻين تي سندس هڪ ڪتاب ڪيڏانهن مريم جو، ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ ڪتاب پاڪسنگهار جي نالي سان به شايع ٿي چُڪو آهي. تحقيق تي مُبني سندس هي ٻيو ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي سنڌ جا ٽنڊا (۽ انهن جو مختصر تعارف). مطلب ته هڪ سُٺو شاعر، هڪ بهترين محقق به آهي پر سندس اصل سُڃاڻپ اڪثر طور اڃا تائين به شاعر واري آهي.

بهرحال شاعر يا محقق پر حقيقت ۾ ڳالهه تخليق جي آهي، تخليق ئي تخليقڪار جي اصل ۽ حقيقي سڃاڻپ آهي، ائين ئي خليل کوسي جي سُڃاڻپ به هڪ تخليقڪار واري آهي. سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب سنڌ جا ٽنڊا (۽ انهن جو مختصر تعارف) پنهنجي جوهر ۾ هڪ منفرد ڪم آهي، نرالي محنت آهي، هڪ جاکوڙ آهي. اهڙي سهيڙ آهي، جنهن لاءِ کيس ڪيترن ئي سالن کان مشڪلاتن جا لاتعداد پاپڙ ويلڻا پيا. نيٺ سالن پُڄاڻان هُن هڪ منفرد تاريخ سهيڙي ورتي، جنهن تاريخ لاءِ هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان وٺي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو تائين ڪافي عالمن، اديبن ۽ دانشورن کان معلومات جا موتي ماڻيا، جن مان ڪيترائي ته هي جهان ڇڏي، دائمي سفر ڏي روانا ٿي ويا. ڪاش اُهي جي حياتي هُجن ها ته هن محنت کي ڏسي خوشيءَ جي ڪا مُرڪ ضرور مُرڪن ها! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان وٺي ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ تائين سنڌ جي تاريخ سهيڙيندڙ ستارن جهڙن تخليقڪارن ۽ محققن جا اهي لفظ اڄ به منهنجي ڪَنن ۾ هميشه جيان تازا رهندا اچن ته: جيڪڏهن سنڌ جا پڙهيل لکيل فرد، رڳو پنهنجن پنهنجن علائقن ۽ انهن علائقن جي شخصيتن تي لکن تڏهن به سنڌ جي بهترين تاريخ سهيڙي سگهجي ٿي.

آئون سمجهان ٿو ته ان مقولي تي جيترو ڪم ٿيو آهي، اڃا به ان ڪم جي ان کان به وڌيڪ گهُرج باقي آهي، ڇاڪاڻ جو اسان جي تاريخ جا ڪي سڳا اڃا تائين به پُوريل آهن ته ڪي وري انتهائي مُنڌل آهن، جن کي کولي نروار ڪرڻ ۽ سُلجهائڻ جي هن وقت به سخت ضرورت آهي، جيڪو ڪم اسان کي پنهنجو فرض سمجهي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪرڻو پوندو، نه ته اسان جا ايندڙ نسل به انهن مُنجهيل سڳن کي ائين ئي وٽيندا رهندا، جيئن اسان پنهنجو وقت ڪَٽي رهيا آهيون.

خير، وتايو فقير اڪيڊمي ٽنڊو الهيار پاران 128 صفحن تي مشتمل ڇپائي پڌرو ڪيل هي ڪتاب گهڻي حوصلا افزائي ۽ ٿوري اصلاح جو گهُرجائو ضرور آهي. ان لحاظ کان هن ڪتاب ۾ شامل 93 ٽَنڊن جي احوال کي انهن ٽَنڊن سان لاڳاپيل 93 لکيل پڙهيل فرد جيڪڏهن غور ۽ فڪر سان پڙهي، پنهنجي اصلاحي راءِ جو اظهار ڪن ته هي موضوع ۽ تحقيق اڃا به وسعت ۽ ڪشادگي جو دڳ ماڻي سگهي ٿي. ان ۾ درپيش ڪَميون پيشيون اصلاحي سانچي جو سفر ڪري حقيقي چِٽائي جي راهه جو تعين ڪري سگهن ٿيون. هونئن به تحقيق جي جديد اصولن موجب ڪابه تحقيق حرفِ آخر نه هوندي آهي، وقت ۽ حالتون، مشاهدا ۽ تجربا سفرِ مسلسل آهن جيڪي تحقيق ۽ تخليق جي ڪارج کي جاري ۽ ساري رکندا پيا اچن.

ڪتاب جي پهرئين ۽ ٻئين صفحي تي نظر پَوڻ سان هي ڪتاب ٻن سالن جي پُڙن ۾ بيٺل نظر اچي ٿو. پهرئين صفحي تي سال 2020ع لکيل آهي ته وري ٻئي صفحي تي فيبروري 2019ع لکيل آهي، مستقبل ۾ تاريخ جي شاگرد کي حوالي طور ٻئي سال لکڻا پوندا، ڇاڪاڻ جو هاڻي اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ته هي ڪتاب 2019ع جي اشاعت آهي يا 2020ع جي!

لفظ ٽنڊو کي مختصر ، جامع ۽ دُرست انداز ۾ لغتن جي حوالن سان بيان ڪيو ويو آهي. رهيٽَنڊن جي مختصر تعارف جي ڳالهه ته ڪي ٽنڊا ٻن سِٽن جي تعارف ۾ سمائجي ويا آهن ته ڪي وري ٽِن صفحن تي به ڦهلجي ويا آهن، جن مان فوقيت ليکڪ جي پنهنجي ٽَنڊي يعني ٽنڊي الهيار جي حصي ۾ اچي وئي آهي، جيڪو صفحي نمبر 29 کان 31 تائين بيان ڪيل آهي. ان ۾ به حوالن لاءِ ڏِنگين ۾ نمبر ڏنا ويا آهن پر آخر ۾ ڪو به حوالو موجود ناهي پر صرف ڏِنگيءَ ۾ لکيل آهي ته رٽائر وارنٽ آفيسر برادرم غلام نبي کوسو جي ٿورن سان، اهو فرق اڻ ڌُري تحقيق لاءِ سوالن جون ڪيتريون ئي آڱريون کڙيون ڪرڻ لائق آهي. جيڪو فرق صاف ظاهر ڪري ٿو ته تحقيق ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪَمي پيشي ضرور آهي، جو هڪ ٽنڊي کي ڏيڍ ٻه سِٽون ڏئي، سمنڊ کي ڪُوزي ۾ سمائي ڇڏجي ته ٻئي ٽنڊي جي قيام، تاريخ، جوڙجڪ، بيهڪ، ان ۾ موجود عمارتن، شخصيتن، علائقن، ان جي مختصر تذڪرن کان ويندي پاڙن ۽ ذاتين تائين پکيڙي ڇڏجي. مطلب ته محقق پنهنجي تحقيق جو دائرو گهڻو پنهنجي علائقي تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻين علائقن ڏانهن سندس کوجنا واري اک ڪٿي ڪٿي يا ته ٻُوٽيل ٿي نظر اچي يا کوجنا کي وڌائڻ جو رَوَيو اپنائڻ جي ڪوشش ڪيل نظر نه پئي اچي، جيڪا ڪمزوري باريڪ بينيءَ سان پڙهندڙ هر فرد محسوس ڪري سگهي ٿو. ان جي برعڪس اهڙو رويو صفحي 39 تي ٽنڊو ٺوڙهو سان اپنايو ويو آهي، ڀلا ٽنڊي ٺوڙهي جي تاريخي، علمي، ادبي اهميت ۽ افاديت کان ڪير واقف ناهي جو ان کي اڌ صفحي ۾ بيان ڪري ڇڏجي. ڪتاب جي صفحي نمبر 25 تي ٽنڊي اجن شاهه جو احوال آهي ته وري ساڳئي ئي ٽنڊي کي ٽنڊو سائينداد جي نالي سان الڳ صفحي 57 تي ڄاڻايو ويو آهي، جيڪڏهن هڪ ئي ٽنڊو آهي ته ان جو گڏيل طور احوال هڪ ئي هنڌ لکي پيو سگهجي، پر محسوس ائين ٿئي ٿو ته شايد تحقيق ۾ آيل ٽَنڊن جو تعداد وڌائڻ جي ڪا ڪوشش هُجي. ڪي ٽنڊا اهڙا به آهن جن جي ڪا مستنَد تاريخ نه ملي سگهڻ جو عُذر ڄاڻايو ويو آهي يا ان کي زبردستي ٽنڊي جو نالو مڙهيو ويو آهي. مثال طور: صفحي نمبر 25 تي شروعات ئي ٽنڊو ابراهيم کان ڪئي وئي آهي، جنهن کي جديد ٽنڊن ۾ شمار ڪيو ويو آهي ۽ فاران شگرمل شيخ ڀرڪيو کي ٽنڊو ابراهيم سڏيو ويو آهي، جنهن لاءِ محقق لکيو آهي ته ان تي فاران شگرمل ٽنڊو ابراهيم نالي بورڊ لڳل هو پر هاڻي اهو بورڊ لڳل ناهي. جيڪڏهن هاڻي اهو بورڊ لڳل ناهي ته ان کي جديد ٽنڊو ڪيئن ٿو شمار ڪري سگهجي، باقي ان بابت ڪو به حوالو ناهي. منهنجي ناقص ڄاڻ موجب اسان ان علائقي کي هميشه فاران شگرملز شيخ ڀرڪيو ڏٺو، ٻُڌو ۽ پڙهيو آهي، باقي محقق جنهن کي ٽنڊو ابراهيم ڄاڻايو آهي، منهنجي ڄاڻ موجب اهو ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل شيخ ڀرڪيو جو ڳوٺ حاجي ابراهيم پنهور ٿي سگهي ٿو. پُراڻي توڙي نئين سموري ريڪارڊ ۾ پڻ ائين ئي لکيل آهي.

صفحي نمبر 35 تي ٽنڊو بهادر جي احوال ۾ لکيل آهي ته تعلقي حيدرآباد جي مشهور ڳوٺ راڄي نظاماڻي کان ڪجهه فاصلي تي، ديهه پت ڀري يونين ڪائونسل سيري ۾، هڪ مشهور مقام آهي، جنهن جو نالومبارڪ شاهه اهو اصل ٽنڊو بهادر خان نظاماڻي آهي.

سمجهه ۾ نٿو اچي ته هن احوال ۾ راڄو نظاماڻي جي مشهور ڳوٺ کي تعلقي حيدرآباد ۾ عبدالجبار قاسم نظاماڻي ڄاڻايو آهي يا محقق خليل کوسي پاڻ ڄاڻايو آهي، ڇاڪاڻ جو جڏهن حيدرآباد ضلعو گڏيل هو تڏهن به راڄو نظاماڻي تعلقي ٽنڊو محمد خان ۾ هو. 2005ع ۾ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي وجود کان پوءِ به راڄو نظاماڻي، تعلقي ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل جي حيثيت ۾ آهي، پهرين اهو ڳوٺ يونين ڪائونسل ٽنڊو سائينداد ۾ هو.

ڪتاب جي صفحي 52 کان 54 تائين ٽنڊي دلشاد جو احوال ڏنو ويو آهي، جنهن کي ليکڪ پاڻ شاهدي ۽ تصديق سان بيان ۾ آندو ته اهو ٽنڊو نه پر دلشاد ڀرڳڙي نالي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي. توڙي جو محمد سومار شيخ جي ڪتاب بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ جو حوالو ڏئي، ان کي ٽنڊو ثابت ڪيو اٿس پر ان احوال ۾ بلا جواز لاڙ ۽ ڀرڳڙين جي تاريخ کي گڏي احوال کي طوالت ڏني وئي آهي، جيڪا ڪنهن به مناسبت سان موضوع سان ٺهڪي نٿي.

صفحي نمبر 57 تي ٽنڊو سائينداد نالي ٻن ٽَنڊن جو ذڪر آيل آهي. پوئين يعني اجن شاهه واري ٽنڊي بابت رايو مٿي اچي چڪو آهي. بيان ڪيل پهريون ٽنڊو سائينداد نه رڳو ٽنڊو محمد خان پر سنڌ جي قديم وسنديءَ آهي، جنهن جي هڪ الڳ تاريخي، علمي، ادبي، مذهبي حيثيت ۽ اهميت رهي آهي، جنهن بابت محقق اڻ مڪمل معلومات ڏيندي پاڻ هٿ مٿي کڻندي اظهار ڪيو آهي ته ٻيو فرد ، هن ٽنڊي تي قلم کڻي ته هڪ بهترين ڪتاب ٺهي پوندو. جيڪڏهن محقق پاڻ تحقيق ڪندي ، ان تحقيق جو بار ٻئي ڪنهن جي مٿان وجهي ته پوءِ ان محقق جي موضوع ۽ ان تي ٿيل تحقيق کي ڪهڙو نالو ڏجي؟

منهنجي ناقص راءِ موجب شايد محقق کي هن وسنديءَ بابت ڪي ٺوس بنياد نه ملي سگهيا يا هي وسنديءَ سندس اجن شاهه واري ٽنڊي سائينداد جي ڪري مونجهاري جو سبب بڻجي پئي يا ڪو ٻيو سبب هو جو هُن مولائي شيدائيءَ جي ڪتاب جنت السنڌ مان ٽي چار سِٽون کڻي موضوع مان جان آجي ڪرائي. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ محقق جو ڏوهه به نه هُجي، ڇاڪاڻ جو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا به هن وسنديءَ جي تاريخ سان وڏي ويڌن ڪئي آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد ٻئي جي صفحي نمبر 482 تي لکيل آهي ته ٽنڊو سائينداد ڳوٺ، ضلعي ۽ تعلقي ٽنڊو محمد خان جي ديهه سيرڪي ۾ آباد آهي، جيڪو ٽنڊي محمد خان شهر کان 3 ميلن جي مفاصلي تي آهي . هن ڳوٺ کي 1850-60ع ڌاري پير عبدالستار جان سرهنديءَ پنهنجي مُريدن جي گهڻي اسرار تي آباد ڪيو. 1800ع ڌاري پير عبدالستار جان سرهنديءَ جا وڏا قنڌار کان لڏي اچي ٽکڙ ۾ رهيا هئا. هن ڳوٺ ۾ سرهندي پيرن مان گهڻائي طبيب، شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا.

 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ساڳئي جلد ٻئي جي صفحي نمبر 459 تي لکيل آهي تهپير عبدالستار جان سرهنديءَ 1893ع بمطابق 1311 هجري ۾ ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. هاڻي جيڪو شخص پيدا ئي 1893ع ۾ ٿيو، ان 1850-60ع ۾ ٽنڊو سائينداد ڪيئن آباد ڪيو؟ ڄاڻايل ساڳئي جُلد ۾ صفحي 482 تي ٽنڊو سائينداد جي ديهه سيرڪي ڄاڻائي وئي، ان ئي جُلد جي صفحي نمبر 453 تي ٽيسرڪي نالي ديهه جو احوال ڏنل آهي، جنهن ۾ ٽنڊو سائينداد ڳوٺ ڏيکاريل آهي. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سيرڪي يا ٽيسرڪي نالي ڪابه ديهه ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ آهي ئي ڪونه، ان ديهه جو اصل نالو ويسرڪي آهي، جيڪا ٽنڊو سائينداد تپي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ آهي.

ٽنڊو سائينداد کي هن وقت ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل جي حيثيت حاصل آهي، ٽنڊو سائينداد وارو هي 32 ايڪڙ ايراضي تي مشتمل علائقو مير بنده علي خان ٽالپر (ٽنڊو غلام علي) وارن جي جاگير هئي، جيڪا مير بنده علي خان ٽالپر جي وڏن، آغا پير محمد حسن جان سرهندي کي لکي ڏني هئي. اهڙي سَنَد ٽنڊو سائينداد جي پير سرهندي صاحبن وٽ محفوظ آهي.

ٽنڊو سائينداد اصل ۾ ٽنڊو غلام علي وارن ماڻڪاڻي ميرن، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مير بنده علي خان ٽالپر وارن جي وڏي مير سائينداد ٽالپر جي نالي سان آباد ٿيل آهي، جيڪو مير صاحب خان جو فرزند هو، سنڌ جي جاگيرن جي تاريخ جي صفحي 390 جي توسط سان، حڪيم محمد يوسف کتري پنهنجي ڪتاب ٽنڊو محمد خان جو تاريخي ۽ ترقياتي سفر جو تنقيدي جائزو جي صفحي 67 تي لکي ٿو ته مير ماڻڪ کي چار پُٽ هئا جنهن مان مير الله يار کي ٽي پٽ هئا، انهن مان جادو خان کي ٽي پُٽ، انهن مان حمزو خان کي هڪ پُٽ مير فيروز خان عرف مير ٻڍو، هن کي وري ٻه پٽ حمزو ۽ غلام علي، غلام علي کي ٽي پُٽ انهن مان فيروز عرف مير ٻڍو دوم، انهيءَ مان مير خان محمد، جنهن جون لاتعداد جاگيرون هيون. هي صاحب ميرمحمد حسن جو ڏاڏو ۽ مير بنده علي جو پڙ ڏاڏو ٿي سگھي ٿو. مير فيروز خان جنهن جو شاندار مقبرو ٽنڊو محمد خان ۾ آهي، جي چاچي جو نالو صاحب خان هو. ان جي پٽ جو نالو سائينداد هو، جنهن جي نالي سان ٽنڊو سائينداد سڏجي ٿو، جتي هن وقت سرهندي پيرن جو راڄ آهي. هتي سائينداد جو سوٽ مير فيروز خان رهندا هئا، وقت جي لاهين چاڙهين کان پوءِ مير فيروز خان جي پوٽي خان محمد پنهنجي جاگير جي مرڪز کي پنهنجي پيءُ جي نالي سان غلام علي جي ٽنڊو نالو ڏنو“.

حڪيم محمد يوسف کتري ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر 66 تي لکي ٿو ته هن خاندان ۾ مير سائينداد هو، جيڪو مير فيروز خان جي اولاد مان هو، انهن جو قبرون اڄ به باقر نظاماڻي جي ويجھو پير امان شاهه جي قبرستان ۾ موجود آهن. هي مُقام منهنجي خيال ۾ ٽنڊو محمد خان جو وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي، مير فيروز جو عاليشان مقبرو خسته حالت ۾ موجود آهي. ايئن ٻين ميرن جون عاليشان قبرون سنگ مر مر تي موجود آهن. مستورات جو قبرون به پٿرن جي ڪٽائي سان ڏسڻ وٽان آهن. هن سموري تاريخ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ٽنڊو غلام علي وارا ماڻڪاڻي مير، اصل ٽنڊو سائينداد جا رهاڪو هئا. ان حد تائين جو مير بنده علي خان ٽالپر خُود ٽنڊو سائينداد ۾ پيدا ٿيو، بعد ۾ هنن لڏي وڃي ٽنڊو غلام علي شهر آباد ڪيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ساڳئي جُلد جي صفحي 482 تيٽنڊو غلام علي جي احوال ۾ هڪ ته هنن ماڻڪاڻي ميرن کي مالڪاڻيءَ ڄاڻايو ويو آهي، ٻيو ته ٽنڊو غلام علي شهر ارڙهين صديءَ ۾ آباد ڏيکاريو ويو آهي. سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن ارڙهين صديءَ ۾ ماڻڪاڻي ميرن يعني مير بنده علي وارن جو اهو ڳوٺ آباد هو ته پوءِ مير بنده علي ٽالپر، ٽنڊو سائينداد (ٽنڊو محمد خان) ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟ سندن وڏن جون قبرون ٽنڊو محمد خان ۾ باقر نظاماڻي جي ويجھو پير امان شاهه جي قبرستان ۾ ڪيئن ۽ ڇو آيون؟

ٻئي طرف ٽنڊو سائينداد بابت مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب سائو پن يا ڪارو پنو ۾ لکي ٿو ته: ”ميرن جي صاحبيءَ ۾، نانو ۽ بابا، ٻئي حيدرآباد جي ڪوٽ اندر رهندا هئا، جتي مير صاحب ۽ سندن ديرا هئا ۽ صاحبيءَ ڦٽڻ وقت، يعني 1843ع ۾، اسان جي مائٽن کي وري تڪليف شروع ٿي. ميرن سان گڏ، پهرين ناني مرحوم کي به قيد ڪري ڪلڪتي ٿي نيائون، پر پوءِ ميرن جي ديرن جي سنڀال لاءِ هن کي هتي ڇڏي ڏيڻ ضروري ٿين. جڏهن حيدرآباد جو ڪوٽ، انگريز سرڪار هٿ ڪيو، تڏهن اسان جا مائٽ، يعني بابو، نانو ۽ سندن ڪٽنب، سائينداد جي ٽنڊي ۾ وڃي ويٺا. اُنهيءَ ڀاڄ ۾، اسان جي توڙي ٻين ڪوٽ ۾ رهندڙن جي گهڻي دولت زيان ٿي، ڪجهه سامان اندران ڪڍي ٻاهر اڇلائڻ ۾، ڪجهه ٻين وٽ امانت رکڻ ۾ ۽ ڪجهه زمين اندر پورڻ ۾. سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڪچن گهرن ۾ وڃي رهيا، جن کي هڪڙي ڏينهن اوچتو باهه لڳي، جيڪا ٽي ڏينهن ساندهه پئي ٻري. ڏاڍي ڏکيائي سان ماڻهن جان بچائي! ڪيترو قيمتي مال، ڪپڙا، جواهر ۽ موتي سڙي چٽ ٿي ويا. سڙيل موتي، ڇڄن جا ڇڄ نڪتا. جن سان پوءِ اسين ٻار راند پيا ڪندا هئاسين. باهه کان پوءِ مير ڪرم علي خان جا ديرا ۽ ساڻن گڏ بابو ۽ نانو لڏي اچي مير محمود جي ٽنڊي ۾، ڦليليءَ جي ڪناري تي، يعني آغا جي ٽنڊي ۽ يوسف جي ٽنڊي جي وچ تي اچي ويٺا، ۽ پوءِ اتان ٺُوڙهي جي ٽنڊي ۾ نواب محمد خان جي ٺوڙهي جي جاگير ۾، اچي ويٺا، جتي اڃا تائين اسين رهندا اچون. اتي اڃا تائين هڪڙو ڦٽل ڪوٽ آهي، جنهن ۾ مير ڪرم علي خان جا ٽي ديرا رهندا هئا. نانو، بابو ۽ ٻيا سندن ماڻهو، ڪوٽ جي اولهه طرف انهي ساڳيءَ زمين تي رهندا هئا، جتي اڃا تائين رهندا اچن.“(صفحو 2 ۽ 3) ننڍو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، سن 1845ع ۾ سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڄائو هو، ۽ اسين ٻيا سڀ ڀائر ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ پيدا ٿياسين. (صفحو 3) منهنجي ڀائرن ۾ سڀني کان وڏو مرزا غلام رضا بيگ، ٽنڊي محمد خان جي ننڍن ميرن جو ٽيچر ٿيو. (صفحو 11) .

خليل کوسي پنهنجي تحقيقي ڪتاب سنڌ جا ٽنڊا جي صفحي نمبر 78 تي ٽنڊو غلام حيدر جي احوال ۾ لکيو آهي ته 2004ع ۾ هن ٽنڊي کي تعلقي جو درجو ڏئي ضلعي ٽندو محمد خان سان ملايو ويو، تعلقي کان پوءِ هن ٽنڊي ۾ ڪافي ترقي ٿي، ڪاليج، هاءِ اسڪول، فلٽر پلانٽ، رورل هيلٿ سينٽر، سئي گئس. هاڻي پهرين ڳالهه ته هر پڙهيل لکيل ۽ باشعور فرد، توڙي جو محقق خليل کوسو خُود به ڄاڻي ٿو ته ٽنڊي محمد خان کي ضلعي جو درجو 2005ع ۾ مليو، جنهن سان گڏ ئي ٽنڊو الهيار، مٽياري ۽ ڄامشورو به ضلعا ٿيا هئا، ته پوءِ 2004ع ۾ ٽنڊو غلام حيدر کي تعلقي جو درجو ڪيئن مليو؟ باقي ڪاليج، فلٽر پلانٽ، رورل هيلٿ سينٽر (جيڪو هاڻي تعلقه اسپتال آهي) وغيره جي جيڪا حالت آهي، ان کان مقامي ماڻهو به چڱي ريت واقف آهن. انهن جي حالت کي ڏسي جيڪڏهن محقق ان کي ترقي سمجهي ٿو ته اهڙي ترقي تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه محقق هِن ٽنڊي ۾ ڪجهه استادن، فنڪارن، اديبن، شاعرن جو مختصر ذڪر ته ڪيو پر کيس جوڻ جي ان تاريخيءَ وسندي جو نالو به وسري ويو، جنهن کي مدد خان پٺاڻ ساڙائي رک ڪري ڇڏيو ته وري فتح باغ جي قديم تاريخي وسنديءَ به کيس ياد نه آئي، جتي ٽنڊو محمد خان جوباني مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر مدفون آهي.

اچون ٿا محقق جي ڪتاب جي صفحي نمبر 103 تي، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان جي تذڪري ۾ وري به پنهنجي 2004ع واري غلطي جي تصديق ڪندي لکيو آهي ته ٽنڊو محمد خان اڳي ضلعي حيدرآباد جو تعلقو هو پر اپريل 2005ع ۾ هن کي ضلعي جو درجو ڏئي ٽن تعلقن هر هڪ ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر تعلقا شامل ڪيا ويا.“ ڪنهن قدر سال جي تصديق کان پوءِ به آئون ان راءِ جو آهيان ته اهو اپريل 2005ع نه پر 26 جون 2005ع آهي، جنهن ڏينهن تي سنڌ جي وزير اعلى ارباب غالام رحيم پُرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي حيدرآباد ضلعي کي ٽوڙي ڄاڻايل نَوَن ضلعن جو اعلان ڪيو هو، جنهن جون شاهد ٻئي ڏينهن جون سموريون اخبارون آهن. جولاءِ 2005ع کان انهن ضلعن باقاعدگي سان ڪم شروع ڪيو هو. ٽنڊو محمد خان جي احوال ۾ ئي صفحي 104 تي محقق هڪ سياستدان مير اعجاز خان ٽالپر، هڪ فنڪاره فوزيه سومرو، ٽن اديبن ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي ۽ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر کي ٽنڊي جي وڏن نالن طور ڳڻايو آهي. ڄاڻايل مٿين نالن مان سواءِ مير اعجاز ٽالپر جي ٻيو ڪوبه بنيادي طور ٽنڊي محمد خان شهر سان تعلق رکندڙ ناهي، انهن کي ضلعي ۽ تعلقي جي نسبت سان شامل ڪري ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن انهن کي ائين شمار ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ بُلڙي شاهه ڪريم، شيخ ڀرڪيو آچاري، ميران محمد شاهه اول، آنربل مير الهه بخش ٽالپر معروف مير غلام شاهه شهيد، مير غلام الله ٽالپر دوئم، سردار بهادر حاجي حسين بخش ٽالپر، مير غلام علي ٽالپر، ميران محمد شاهه مهجور، سيد ڪامل شاهه، مير علي نواز ٽالپر، مير ممتاز ٽالپر، سيد نويد قمر، سيد محسن شاهه ، سيد قبول محمد شاهه، پروفيسر زيب ڀٽي ، پروفيسر فدا سرهيو، اياز پاٽولي، اُميد علي شاهه، ميرل شاهه، سيد علي شاهه گوهري ڪڇي، اي ڊي خواجه، ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ، علي احمد لنڊ، پروفيسر لياقت عزيز سولنگي، پيرن ، سيدن، بزرگن ، اوليائن ، درويشن سميت تمام گهڻين سنڌ سطح توڙي ملڪي سطح جون ناليواريون شخصيتون کيس ياد به نه آيون.

خير. جتي ڪجهه زبردستي ٽنڊا بڻائي ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن اُتي ڪجهه اهڙا ٽنڊا به آهن جيڪي محقق جي ڄاڻ ۾ شايد نه آيا آهن، جيئن شهدادڪوٽ ۾ هڪ ٽنڊو مير محمد خان آهي. ان کان سواءِ هڪ ٽنڊو مير غلام حسين آهي، جيڪو محقق پاڻ حڪيم يوسف کتري کان به پُڇو هئائين پر الئه ڇو کيس ان ڳالهه تي اعتبار نه آيو يا کيس وسري ويو. اهو ٽنڊو مير غلام حسين، ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ راڄو نظاماڻي جي اوڀر ۾ درياءَ جي وهڪري جي ٻئي پاسي آباد هو، جيڪو شايد درياءَ جي وهڪري جي ڪري تباهه ٿيو. ان جي اورئين پاسي راڄو نظاماڻي آباد ٿيو. (اهڙو احوال حڪيم يوسف کتري پنهنجي ڪتاب ٽنڊو محمد خان جو تاريخي ۽ ترقياتي سفر جو تنقيدي جائزو جي صفحي نمبر 66 تي ڏنو آهي).

تاريخ جي موضوع تي لکڻ کي معلوماتي ادب سڏبو آهي، جنهن جو مقصد معلومات ڏيڻ هوندو آهي. معلومات غلط يا صحيح به ٿي سگهي ٿي. ان ۾ ترميم، واڌارو يا سڌارو پڻ ڪري سگهجي ٿو پر انهيءَ لاءِ دليل، شاهديون، ثابتيون ۽ حوالا انتهائي اهميت جا حامل هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙي ادب جي پرک لاءِ منطقي دليل بازي تمام گهڻي ضروري آهي. ان حوالي سان تخليق ۽ تنقيد جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو هوندو آهي. تنقيدي عمل وسيلي ئي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ ممڪن آهي. ان سموري صورتحال ۾ مون پنهنجي محدود ڄاڻ موجب، خاص طور پنهنجي علائقي بابت ٿيل تحقيق تي سرسري طور پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ ڪتاب ۾ شامل ڄاڻ کي انهن علائقن سان سلهاڙيل پڙهيل لکيل فرد به جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان پڙهڻ، سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي ڪوشش ڪندا ته نه رڳو ان سان تاريخ جي درستگيءَ ٿيندي پر معلومات کي وسعت پڻ ملندي.

No comments:

Post a Comment