ڊاڪٽر غفور ميمڻ
ناقابل برداشت وجود جي هلڪڙائپ
(Unbearable Lightness of Being)
ميلان ڪنڊيرا جي ناول ۽ ٺهيل فلم جو جائزو
ميلان ڪنڊيرا اپريل جي پهرين تاريخ 1929ع چيڪوسلواڪيا ۾ ڄائو. چيڪو سلواڪيا جو مشهور ڪميونسٽ انقلاب 1948ع ۾ آيو هو. ان کان پوءِ ميلان ڪنڊيرا فرانس ۾ جلاوطن ٿي ويو هو. ميلان ڪنڊيرا ڪيترائي ناول ۽ ادبي تنقيد جا ڪتاب لکيا هئا، پر سندس اهم ۽ مشهور ڪتاب “unbearable lightness of being” آهي. هن ناول تي فلم به ٺهي چڪي آهي.
هن ناول جو مرڪزي خيال
هڪ نفسياتي ڪيفيت تي رکيل آهي،
ان کي ڪنهن جي ذاتي نجي زون ۾ وڃي ان جا مخصوص آواز ۽ انداز ڏسڻ هوندو آهي. ان
ڪيفيت کي idiosyncrasy چئبو
آهي . هن ناول ۾ هيرو جون عجيب حرڪتون هونديون آهن جو هو ڏاڍو اوباش ۽ عورتن جي
ذاتي idiosyncrasy ڏسڻ جو ديوانو هوندو آهي. اڊيو سنڪريسي کي هيئن
سمجهنداسين ته هر ماڻهو جو ذاتي زندگي جو هڪ دائرو هوندو آهي جنهن کي وائليڊ زون
چئبو آهي. پهريون دفعو هن زون جو انڪشاف ڊاڪٽر جنگ پنهنجي
نفسياتي اصطلاحن ڪيو هو ته هر جيوَ جو پنهنجي ذاتي دائرو هوندو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي اصلي فطرت ۾
رهندو آهي. اهو زون انسانن ۾ وڌيڪ ڳجهو ٿيندو آهي پر پيار جي ڪيفيت واحد صورت آهي
جنهن ۾ ماڻهو ٻي کي پنهنجي ذاتي زون ۾ اچڻ جي اجازت ڏيندو آهي. هن زون تي سماج جو ڪو اثر نه ٿيندو آهي. انهيءَ
زون ۾ ماڻهو عام نارمل رويي کان هٽي ڪري بيهيو (behave) ڪندو آهي. مثال اڪيلائي ۾ ڊانس ڪرڻ يا جنسي عضون کي ڇيڙڻ يا ڪي مخصوص آواز ڪڍڻ يا پيار جي جنسي آواز
وغيره، سو هي ڊاڪٽر چاهيندو آهي ته عورتن جي جنسي عروج
وقت سندن ذاتي دائري ۾ گهڙي وڃي ۽ انهن جا آزاد جنسي آواز ٻڌي سگهي، جنهن ۾ ڪو حجاب نه هجي معنيٰ عورت پنهنجي وائيلڊ زون مٿس عيان ڪري ڇڏي. ناول جو هيرو ڊاڪٽر ٽامس کي نجي
حدن کي پار ڪرڻ ۽ انهن جي مخصوص انداز جنس ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي، تنهن ڪري هو هر خوبصورت عورت جيڪا ساڻس ويجهي
هوندي آهي ان کي ڪپڙا لاهڻ لاءِ چوندو آهي. ڊاڪٽر جي ان نفسيات کان سندس دوست سبينا چڱي ريت واقف هوندي آهي.
اڳتي هلي هڪ آپريشن جي سلسلي ۾ پراگ وڃي ٿو جتي هڪ بار ۾ سندس ملاقات ٽريزا سان
ٿئي ٿي جيڪا سندس پيار ۾ قابو ٿي سندس گهر اچي ٿي ۽ پوءِ پاڻ ۾ گڏجي رهن ٿا. سندس
زال ٽريزا ڊاڪٽر جون اهي حرڪتون برداشت نٿي ڪري سگهي، پر ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته پيار ۽ جنس ٻه الڳ شيون آهن. هو ٻين عورتن
جي صرف اڊيوسنڪريسي ڏسڻ ٿو چاهي. خود ٽريزا به هڪ منهنجيل ۽ نفسياتي طور بي چينيءَ جو شڪار هوندي آهي. ٻئي پيار ڪرڻ جي باوجود به
هڪٻئي سان بيوفائي ڪندا رهندا آهن.
انهيءَ دوران چيڪو
سلاواڪيا ۾ انقلاب اچي ويندو آهي. ڪميونسٽ انقلاب ۽ ڪميونسٽن سان ڊاڪٽر صاحب جي
نٿي پوي. هو اخبار ۾ هڪ ڪالم لکي ٿو، جنهن ۾ چوي ٿو ته ايڊي پس پنهنجي پيءَ کي قتل ڪري ماءَ سان شادي
ڪئي هئي، پر جڏهن کيس خبر پيئي ته ڏاڍو شرمنده ۽ پشيمان
ٿيو هو، پر ڪميونسٽ شرمنده به نٿا ٿين. سندس اهڙي ڪالم تي کيس ڪميونسٽ پسند نٿا ڪن. کيس چون ٿا ته اسان کي معافي لکي ڏي، پر ڊاڪٽر کين نٿو مڃي.
آخر ۾ ٽريزا ۽ پاڻ اتان
ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا پر رستي ۾ هڪ ايڪسيڊنٽ ۾ مارجي وڃن ٿا.
هن ناول جا ٻه پاسا آهن
هڪ فلسفياڻو پاسو،
ٻيو چيڪو سلواڪيا جو انقلابي پاسو.
منهنجي خيال ۾ هن ناول
۾ چيڪوسلاواڪيا جي انقلابي حالتون انهن خلاف ڊاڪٽر صاحب جي رويي کي انهيءَ فلسفي
مطابق ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ اهو ته زندگي جو دائمي پاسو فارمولائيزڊ آهي
جيڪو انقلابي ڪميونسٽ سياست وارو آهي آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب پسند نٿو ڪري ڇو ته هو زندگي جي خالي پڻي واري
پاسي کي قبول ڪري چڪو آهي يا وري ڊاڪٽر پنهنجي وجود جي خال کي ۽ اوباش پن جي
ڪميونسٽن سان الجهي Legitimate
ڪيو
آهي. ٻي طرف ناول جي فلاسفي کي سياست تي به اپلائي ڪيو ويو آهي. اهو ناول جو
ڪميونسٽ دشمن پاسو يا ڪميونسٽن خلاف پروپگبڊا جو به چئي سگهجي ٿو. نه ته ناول جو
فلاسافيڪل پاسو ڏاڍو مظبوط آهي. بنيادي طور ناول وجودي فلسفي جي تشهير آهي. يونان
جي فلسفي پرمنائيڊز( 600 ق م) پهريون
دفعو چيو هو ته دنيا ٻن ابتڙن جو ميلاپ آهي دنيا ٻن ٿنڀن ۾ ورهايل آهي هڪ مثبت ٻيو
منفي. هن جو خيال هو زندگي جي چونڊ ڪرڻ ۾ مشڪل ٿئي ٿي
ته هڪ پاسي وزن آهي ٻي پاسي هڪلڙائپ. ڪهڙي چونڊ مثبت آهي. پرمنائيڊز زندگي جي
هڪلڙائپ کي مثبت قرار ڏنو. ميلان
ڪنڊيرا اهو جاچڻ ٿو چاهي تي هلڪڙائپ ڪيتري قدر مثبت آهي؟ هن ناول ۾ سبينا جو ڪردار
وجود جي هلڪڙائپ کي قبول ڪري ٿي ۽ ابدي زندگي ڏانهن، جيڪي پابند يا روايتي آهي ان
ڏانهن موٽڻ نٿي چاهي پر حقيقت ۾ هن ناول ۾ وجود جو وزن کڻڻ کان انڪار ڪرڻ خود وجود
۽ سماج ۽ فطرت جو ٽڪراءَ بنجي وڃي ٿو.
ناول جو هيرو چوي ٿو ته
”زندگي ۾ جيڪو اوچائين تي پهچي ٿو ان کي چڪر(vertigo) به
ضرور اچن ٿا. کيس انهيءَ ڪري ته اوچائي تان ڪرڻ جو کيس ڊپ هوندو آهي. پر حقيقت اها
آهي ته ته اهو اندر خالي پڻي جو آواز آهي. بلڪ هيٺ ڪرڻ جي خواهش آهي جنهن ۾ زندگي
جي دهشت کان ڀڄي اسان پناهه وٺندا آهيون.
اڳتي هلي هيرو زندگي کي
مڪمل قرار ڏي ٿو جيڪو پنهنجو رستو پاڻ ڳولي ٿي، جيڪي ڪجهه آهي اهو perfect
آهي
زندگي کي ڪنهن به فارمولي مطابق گذارڻ جو مطلب آهي ته زندگي جي خالي پڻي کي پيدا
ڪرڻ تنهن ڪري هلڪڙائپ وزن جي مقابلي ۾ قابل قبول آهي.
وجودي فلسفي مطابق
زندگي ايتري خالي آهي جو ڪٿي ٽڪي ڪونه ٿي خلا ۾ لڪٽيل رهي ٿي. وجود هڪ خال آهي،
سندس ڪوبه جوهر ناهي. هائيڊيگر جي مشهور جملو ته
“Man
is not master of his being but sharped of his being”
ماڻهو پنهنجي وجود جو
مالڪ ناهي پر کيس چاريندو آهي. وجود جي
انهيءَ ڪري وجود جي واهيات پڻي
ASURDITY مان
جان ڇڏائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هر ماڻهو خواهشن جي پوئواري ۾ مايا جي موهه ۾ هڪ دفعي
گهڙي وڃي ٿو ته کيس ڪابه تسڪين ٿانيڪو نٿي ڪري سگهي. زندگي جو خال اوترو ئي ظاهر
ٿيو پوي، تنهن ڪري ڊاڪٽر انهي جنسي تسڪين ذريعي Absurdity جي جهان ۾ هليو وڃي ٿو. پر ڪٿي به سندس وجود
ٿانيڪو ناهي. ناول ۾ سبينا ۽ ٽريزا به انهيءَ واهيات پڻي جو شڪار آهن، جن ۾ هو پنهنجي وجود جي بار کي وکريل جنسي
تسڪين جي ذريعي ٿانيڪو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. وائلڊ زون ٻي تي عيان ڪرڻ ئي جنسي
پيار جو عمل آهي. عورت ۽ مرد هڪ ٻه الڳ ڪائناتون آهن. انسان ۾ فطرتي طور کوجنا
پسندي ۽ ڪائنات کي ڊسڪور ڪرڻ جو جذبو موجود آهي. انهيءَ ڪري حياتياتي طاقت جي
تسڪين ان وقت ٿئي ٿي جڏهن هو ڪائنات تخسير ڪري ٿو. جيڪڏهن عورت يا مرد ۾ idiosyncrasy هڪ حد تائين ته حياتي لاءِ تسڪين ۽ خوشي جو باعث بنجي ٿي پر جيڪڏهن
حد کان اها کوج وڌي وڃي ته ماڻهو ۾ اها نفسياتي بيماري بنجي سگهي ٿي ان صورت ۾
ماڻهو فلرٽ ٿيندو آهي. اڪثر اهڙي جنسي کوج ۾ ماڻهو وڌيڪ بي چين ٿيندو آهي.
زندگي جو اهو پهلو
ڊسيپلينڊ ناهي نه وري ڪو اصولي آهي. انهيءَ ڪري ڊاڪٽر کي ڪميونسٽ چون ٿا تون سياست
۾ ڪاهي پيو آهين ته توکي دماغ جي آپريشن ڪرڻ جي لائق نٿا سمجهون.
ڏٺو وڃي ته ناول ۾
ڪميونسٽ انقلاب جي ماحول ۾ وجودي وارداتن جو ٽڪراءَ ڄڻ زندگي جي بي مقصديت کي
ڊسٽرب ڪرڻ آهي.
ناول ۾ ڪميونسٽ انقلاب
۽ اتان جي ڪميونسٽن کي ناپسنديده ڏيکاريو آهي جو ڄڻ ته ڪميونسٽ مرده هجن، سندن
زندگي Passive هجي
جتي ڪٿي پوڙها بي روح ماڻهو ۽ ڇسا هجن. ڪٿي عورتون به وحشيا جهڙيون آهن ته ڪٿي
پوڙها سوئمنگ پول ۾ شطرنج راند پيا کيڏن، ڪٿي غنڊه گردي پيا ڪن. لڳي ائين ٿو ته ٺاهوڪو ۽ سبيتو جوان صرف هڪ
ڊاڪٽر ئي آهي يعنيٰ ڪميونسٽن کي بي روح، مڪنيڪل ۽ دهشتگرد ڏيکاريو وڃي ٿو.
پر ساڳي وقت ڊاڪٽر جي
اوباش، ڀٽڪندڙ زندگي کي هيرو طور پيش ڪيو ويو آهي.
ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر جي اها ذاتي زندگي هجي، جنهن سان اسان جو ڪجهه نه وڃي، پر چيڪو سلواڪيا انقلاب جيڪو لکين ماڻهن جي قربانين سان آيو هو انهيءَ جي سرواڻي مزدور طبقو ڪري رهيو هو. انهيءَ کي نندڻ ۽ اهو ڏيکارڻ ته انقلاب کان پوءِ سڄو سماجي ماحول خراب ٿي ويو آهي. سراسر زيادتي آهي. انهيءَ ڪري ميلان ڪنڊيرا تي اهي الزام لڳا ته هو سي آءِ اي جو ايجنٽ هو، جنهن جو ان وقت ميلان ڪنڊيرا ڪو جواب نه ڏنو هو پر هاڻي اهڙي ڳالهه کان انڪار ڪيو اٿس.
سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ اڄ جي دور ۾ گلوبل سامراج ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي انسان دشمن دنيا کي ڏسي شايد ميلان ڪنڊيرا پنهنجي راءِ بدلائي وٺي، شايد انهيءَ ناول کي ري رائيٽ ڪري، ڇو ته ميلان ڪنڊيرا اڄ به 91 سالن جو جيئرو ويٺو آهي.
No comments:
Post a Comment