اعظم ڀٽي
چاليهه سالا نوڪري واري
عرصي جي شاهڪار شاهدي:
ڪتاب ”سروس بخير“
انگن ۽ اکرن جي دنيا جو ماڻهو، حساب ڪتاب ۽ ليکي چوکي واري سفر جو مسافر، جيڪڏهن لفظن جي لات لنوي، جُملن جا جبل جهاڳي، ڪتابن جي ڪَٿ ڪري ته حيرانگيءَ جي ڪا حد نٿي رهي. ڳالهه جو حقيقي مقصد اهو آهي ته منهنجي معلومات مطابق آڊٽ ۽ اڪائونٽس جهڙي خُشڪ شعبي ۾ اديب، دانشور يا شاعر جو وجود نه هئڻ برابر رهيو آهي، اُتي اڱرين تي ڳڻڻ وارو اصطلاح به پنهنجي پوري معنى برقرار نه رکي سگهيو آهي. تاج بلوچ، محمد ملوڪ لُنڊ، جاويد سومرو ۽ اسان جي محبوب ساٿي، پُراسرار مسڪراهٽ جي مالڪ اقبال بلوچ کان سواءِ سموري سنڌ جي خزاني کي سرڪاري سطح تي هيڏانهن کان هوڏانهن ڊوڙائڻ واري ڊوڙ ۾ شامل هزارين ماڻهن مان بس اهي ئي چار فرد نڪري، نروار ٿي، نمايان نالو ڪڍي، سنڌي ادب، سنڌي شاعري، سنڌ جي صحافت ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي منفرد بڻائي ظاهر ٿي سگهيا آهن. ڇا سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جي تاريخ ۾ اها هڪ وڏي ۽ منفرد خبر ناهي؟ ڇا اهو ڪارنامو ڪو غير معمولي ڪارنامو ناهي؟ انگن جي انگڙاين ۾ ڦاٿل هوندي به لفظن جي راند سان رومانس ڪرڻ واري تمام مختصر تاريخ رکندڙ روايت ڪنهن به اعلى تجسُس کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي. صحافتي اصولن سان سلهاڙيل هڪ جملو ياد ٿو پوي ته ”ڪنهن اديب جو صحافي هُجڻ ضروري ناهي، پر هڪ صحافي لاءِ اديب هجڻ انتهائي ضروري آهي“. ان نسبت سان آئون واضع ڪرڻ چاهيندس ته ”لفظن جي رانديگر لاءِ اهو ضروري ناهي ته اهو انگن جو به رانديگر هُجي، پر انگن جي رانديگر لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اهو لفظن جو به سُٺو رانديگر هجي“، ڇاڪاڻ جو لفظن جي رانديگر جو گهڻو ڪري تعلق يا واسطو پڙهيل، لکيل ۽ شعور رکندڙ حلقي سان ئي رهي ٿو پر آڊٽ ۽ اڪائونٽس جي شعبي سان سلهاڙيل انگن جي رانديگر جو تعلق سماج جي هر شعبي جي فرد سان جُڙيل رهي ٿو.
سرڪاري عهدا ۽ سَنَدون
رکندڙ ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، صحافي، استاد، اديب، دانشور، شاعر، آرٽسٽ، توڙي فنونِ
لطيفه سان واسطو رکندڙ هڪ ڪثير تعداد آڊٽ ۽ اڪائونٽس واري شعبي جي محتاج رهي آهي ۽
رهي ٿي، تنهنڪري اڪثر وقتن تي انگن جي رانديگر کي انگن بجاءِ، لفظن واري زبان يا ٻولي
۾ سمجهائڻ ۽ مثبت موٽ ڏيڻ واري رجحان ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿي پوي ٿي، تنهنڪري انگن جي
رانديگر لاءِ لازمي آهي ته هو لفظن جي ڀرم ۽ تقدس کان به بخوبي واقف هجي. ان لحاظ کان
چئن ڪتابن جي لِکاري اقبال بلوچ جي وجود جو ٻن
الڳ ۽ منفرد شعبن ۾ احتياط واري انداز سان پير پائي هلڻ، پنهنجو پاند بچائي هلڻ، عشق
۽ ايمان جي سلامتيءَ کي بچائي رکڻ، ڪنهن بهترين ڪارنامي کان گهٽ ناهي.
ادب
جي دنيا ۾ کوڙ اهڙا لِکاري موجود آهن جيڪي چاليهن سالن جي ادبي زندگيءَ
۾ ڪو هڪ ڪتاب به ترتيب نه ڏئي سگهيا آهن پر انگن جي دنيا ۾ ڦاٿل هن شخص، اقبال بلوچ
پاران سنڌي ٻولي ، علم ۽ ادب جي جهوليءَ ۾ گلاب جهڙن چئن ڪتابن جو ذخيرو وجهڻ، يقينن
همت، حوصلي ۽ تحسين لائق ڪم آهي. اهو ذخيرو جنهن ۾ ڪهاڻين جون وارتائون به آهن، شاعراڻا
احساس به
آهن ته يادگيرين جي پيار وارين چُهنڊڙين جهڙو قلمي پورهيو به شامل آهي.
”سانول جا سُور“ کان وٺي ”اي منهنجي شهر جي مِٽي“ تائين، ”جيئڻ جنين
ڪاڻ“ کان
وٺي ”سروس بخير“ تائين،
اقبال بلوچ
لفظن کي گُلابن جي خوشبو جيان ڦهلايو، ورهايو ۽ پکيڙيو آهي.
سندس اهو
قلمي پورهيو، سندس اها ڪوشش، ڪاوش ۽ جدوجهد ادب جي بنيادي پنڌ ۾ خراج لائق آهي.
ٽريزري آفيس جي يادگيرين
تي مشتمل هڪ سئو ٻارهن صفحن جو ڪتاب ”سروس بخير“
علمي ۽
ادبي حوالي سان الڳ ۽ منفرد حيثيت جو حامل آهي، جنهن ۾ سليس ۽ آسان ٻولي ۾ يادگيريون
برسات جي سنهي بُوند جيان وَسي رهيون آهن، تِکي تنقيد جون تلوارون به تمام مِٺي زبان
۽ سهڻي انداز سان هلايل آهن، جنهن ۾ دل آزاريءَ جو ڪو به دڙڪو محسوس نه ٿو ٿئي.
هن ڪتاب
۾ روين جا رجحان ۽ لاڙا به قطارون ڪري بيٺل آهن ته عشق جون کٿيريون ڪٿائون به ڍڪيل
چادر ۾ مسڪراهٽ جا گُل ڇاڻيندي نظر اچي رهيون آهن، وڇڙي ويل ساٿين ۽ رفيقن جي ذڪر جا
وِرد هر هنڌ ڏُک ۽ سُک جي گڏيل سنگم طور ڀيٽائن جو وضو ڪندي نروار بڻيل آهن.
مطلب ته
اقبال بلوچ جي ”سروس بخير“
جي نالي
سان ڇپجي پڌري ٿيل هيءَ ڪٿا سندس چاليهن
سالن جي
نوڪري واري عرصي جي اها شاهڪار شاهدي آهي، جيڪا دماغ جي يادن تي چڙهي ويل دَز کي انتهائي
پيار ۽ محبت سان صاف ۽ چِٽو ڪري پيش ڪري ٿي. هيءُ ڪتاب هڪ اهڙو دستاويز
آهي جيڪو پنهنجي لاڳاپيل شعبي جي فردن لاءِ آئينو به آهي ته مشعل راهه به آهي، جنهن
مان اصلاح جا ڪيترائي رنگ پسي سگهجن ٿا. اهو اسان سمورن پڙهندڙن
تي ڇڏيل آهي ته اسان اقبال بلوچ جي چاليهن سالن جي تجربي وارين
يادگيرين مان پنهنجي ڪردار جي تڪميل لاءِ معلومات
۽ رهنمائي جا ڪيترا ۽ ڪهڙا موتي چونڊي لاڀ
پِرائي سگهون ٿا، ان مان ڪيترو مستفيد ٿي سگهون ٿا.
بس! دُعا اها آهي ته
شال اقبال بلوچ جي عشق ۽ سلامتيءَ جو اهو سفر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مهانتا واري منزل
لاءِ سڦل ثابت ٿئي ۽ سچ ۽ سُونهن سندس شرميلي شخصيت آڏو سجده ريز هجن!
No comments:
Post a Comment