شھباز پيرزادو
مصور طرفان چٽيل صدين
جي ڪھاڻي
”چچريل لاش“
جنوريءَ جي سرد رات لڙي چڪي آهي ، پوڙها ماڻهو سج لٿي سان ئي بستر کي ڀيڙو ٿي چڪا، گهر جي چرخي کي ڀرٿ ڀري هلائيندڙ ڪنوارين ڇوڪرين کي به هاڻ ڀرٿ جي سئي آڱر ۾ لڳي رهي آهي ۽ هو ڳوٽن جي ڇٻي بنا در واري دريءَ ۾ رکي پنهنجن امڙين جي ڀر ۾ اچي ويٺيون آهن، ڳوٺ جي رولاڪ ڇوڪرن به محبوب جي ياد ۾ دکايل سگريٽ کي وڏا ڪش هڻي ڇاتي گرم پئي ڪئي، ڪوهيئڙي جو ڄار ڪڻڪ جي تازي پوکيل فصل مٿان ڇائنجي چڪو هئو ۽ مان ڪوهيئڙي جو سيني چيري جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سنڌ جي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ احمد شاڪر جي تازي ڇپيل ناول ”چچريل لاش“ جو خيال دماغ ۾ ائين اچي لٿو جيئن جلاوطن ٿيل نوجوان کي پنهنجي وطن جي ڪچي رستي مٿان ٿيل ڇنڪار جي هڳاءُ جو خيال ايندو آهي .
مون احمد شاڪر کي جڏهن به ڏٺو آهي تڏهن
شاهه لطيف جي هڪ سٽ ”ماڻهن
ليکي بک، پر سامي سور سنها ڪيا“ ذهن تي
تري ايندي آهي ۽ اهو سچ به آهي ته احمد کي بک سنهو ڪونه ڪيو آهي پر سورن جيڪو
هن سان ننڍپڻ کان ئي ناتو
لاتو آهي، ان هن جي اکين
مان سڪون جي ننڊ به اڏائي ڇڏي ۽ سندس ذهن ۾ هڪ اهڙي ولوڙ پيدا ڪئي جيڪا سڪون جا سڀ پنڇي اڏائڻ بعد هن جي جسم
کي کاٽ هڻڻ لڳي آهي جنهن ڪري هي سڀني پکين جي مچڻ واري مندون ۾ به هنج وانگر هميشه
ڏٻرو رهيو آهي.
پکي سڀ مچن، هنج سدائين ڏٻرا (شاهه(
ناول پڙهڻ دوران ٿڌ جو احساس ته ڪڏهوڪو
ختم ٿي ويو پر ذهن مٿان اذيتن جا لمحا ۽ ٽارچر سيل ۾ اگهاڙي ڪيل قيدي جي ڪهاڻيءَ
اصل لڱ ئي ڪانڊاري ڇڏيا .
احمد شاڪر، جيترو حساس آهي اوترو ئي اذيتن
کي ويجهي کان محسوس ڪندڙ به آهي. هن پنهنجي جوانيء جو جوڀن ڪينٽين تي ويهي دوستن
سان تاڙا ملائيندي ناهي گذاريو پر وطن جي وارثن کي جدوجهد ۾ ملندڙ اذيتن بابت
ويچاريندي گذاريو آهي. ننڍڙي گهر جي کٽ تي ويهي احمد شاڪر پنهنجي درد جي ڪهاڻيءَ
کي سنڌ جي درد کان بنهه گهٽ سمجهندي هر رات سنڌ جو ڪيڏارو لکيو آهي پوءِ اهو
ڪيڏارو ڪڏهن خطن جي صورت ۾ ته ڪڏهن نظمن جي صورت ۾ ڪڏهن وري ناول جي صورت ۾.
3 سئو سال اڳ، سنڌ جي هڪ بهادر شاعر شاهه
لطيف سر مارئي لکي ان کي هڪ قيدياڻيء جي ڊائري طور متعارف ڪرايو هيو. لطيف جي
مارئي به زنجيرن کي زيور سمجهي ٿي ۽ ان وقت جي جابر حڪمران عمر اڳيان هار مڃڻ کي
وطن جي ماڻهن سان غداري ٿي سمجهي، سٺا ڪپڙا ، سونا زيور، خالص کاڌا ۽ بخملي جوتا
ٺڪرائي مارئي پنهنجي وطن جي ڦاٽل لوئي اوڍڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي ۽ ڳاٽ مٿي ڪري چوي
ٿي ته منهنجي ٻانهن ۾ توڻي جو ڪوڙا چوڙا پهريل آهن پر هي مون لاءِ سون کان وڌيڪ
مقدس آهن ڇو جو منهنجي ڳوٺ جي سنگتياڻين کي به بلڪل ساڳيا چوڙا هوندا آهن ۽ آئون
انهن سان انهن جهڙي ٿي رهڻ پسند ڪيان ٿي پوءِ ڀلي ان ڏوهه ۾ مونکي ڪيترو به ايذايو
ڇو نه وڃي.
ڳِچِيءَ
ڳانا لوهَ جا، زيريُون ۽ زنجيِرَ؛
پَيڪَڙا
پَيرنِ ۾، ڪوٺِــيُن اندَرِ ڪِيرَ؛
چارِي
چؤگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ؛
ڇَنِ
نه ڇَڄي آهيان، اهڙيءَ سِٽَ سَرِيرَ؛
مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَنوَهارِ
کي.
ڪَرايُن
ڪَرُوڙَ جا چُوڙا ڪُوڙا جَن،
سو مَرڪُ ماروُڙن، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿئي.
قيد ۾ رهندي به بهادري جي جذبي سان سرشار
مارئي، پنهنجي ايندڙ نسلن
جي لاءِ هڪ راهه هموار ڪري وئي ته سوين وزيرن جي واهيت هيٺ به مارن لاءِ من کي ماندو
رکڻ ئي اصل زندگي آهي، عارضي آسائشن کي ٿڏڻ ئي بهادرپڻو آهي ۽ وطن
جي خاطر جان قربان ڪرڻ ئي اصل نرواڻ حاصل ڪرڻ آهي.
اڄ به مارئي جي طريقت تي هلندڙ سنڌ جا ڪيترائي سورما ”ماخورن“ جي قيد ۾ آهن جن جي درد کي احمد
شاڪر سهيڙي دنيا کي ٻڌايو آهي ته هٿن ۽ پيرن جا نهن نڪرڻ بعد انسان جي حالت ڇا ٿيندي
آهي ۽ وري ان حالت ۾ به ديس جي دانهن کي پنهنجي دماغ ۾ سمائي رکڻ ڪيڏي نه جرئت جهڙي
ڳالهه آهي. احمد انهن ماڻهن
جو درد بيان ڪيو آهي جيڪي انفراديت کي صليب تي ٽنگي اجتماعيت خاطر مسلسل جدوجهد ۾ آهن
۽ ان جدوجهد ۾ ملندڙ تڪليفن سان هو ڪيئن ٿا مقابلو ڪن. اڄ جو مقابلو مارئي جي مقابلي
کان وڌيڪ پختو آهي ڇو جو مارئي کي مارن جو مونجهه منجهائي وڌو هيو پر اڄ جي سورمن
کي سنڌو امان جهڙي بهادر عورت آهي جيڪا جبري طور گم ڪيل انسانن جي آزادي جا نعرا هڻي
کين يقين ڏياري رهي آهي ته اوهين اڪيلا ناهيو، اڄ جي عمر سان مقابلي ۾ شازيه چانڊيو
جا پارس کان به قيميتي لڙڪ آهن جيڪي سنڌي ماڻهن جو چين ڦٽائي کين بينر کڻڻ تي مجبور
ڪن ٿا ۽ بينر کڄڻ بعد کنڀيندڙ ڪيترو پريشان ٿئي ٿو ان جو اندازو فقط ان کي هوندو.
جتي رياست پنهنجي سموري توانائي، ماڻهن کي
سياست کان پري رکڻ تي صرف ڪندي هجي، جتي کوڙ ساريون پارٽيون هوندي به گمشده ماڻهن
جي سوال جو کليل اظهار نه ٿي سگهي ، جتي کوڙ سارا ليڊر گمشده ماڻهن بابت
ٿيل سوال جو جواب ڏيڻ کان معزرت ڪندا هجن اتي احمد شاڪر جو ڪيل هي پورهيو يقينن
وڏي اهميت جوڳو آهي، پنهنجي دردن جو درمان ڪرڻ ڪا به وڏي ڳالهه ناهي پر ٻئي جو درد
محسوس ڪرڻ اهم ڳالهه آهي ۽ احمد جهڙي نموني ٽارچر سيل ۾ واڙيل نوجوان کي بيان
ڪيو آهي ان مان لڳي ٿو ته هن پاڻ به اها پيڙا محسوس ڪئي آهي ۽ لکڻ دوران
ان پيڙا مان سندس گذر نه
ٿيو هجي اهو ممڪن ئي ناهي. لکڻ ڪنڊن
مٿان پيل ريشمي ڪپڙو کڻڻ برابر آهي جيڪو هڪ ڪنڊي مان نڪري ٻي ڪنڊي ۾ وڃين ڦاسندو آهي
۽ انيڪ سوراخ ٿيڻ سبب سندس شڪل ئي تبديل ٿي ويندي آهي پڙهندڙ سمجهندو آهي
ته ليکڪ لفظن جو جادو ڪري ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي ٿو پر حقيقت ۾ احمد شاڪر جهڙا ليکڪ درد
لکڻ وقت پاڻ ئي درد ٿي ويندا آهن ۽ دردن جي پيهجي ويل وجود ئي درد جي سڃاڻپ ڪري سگهي
ٿو ۽ ان سڃاڻپ ڪرڻ جي عمل ۾ احمد کي سڀ کان وڌيڪ درد برداشت ڪندڙ ٽارچر سيل ۾
واڙيل اهو شخص
نظر آيو جنهن کي قيد دوران ڏاڙهي ڪترڻ وقت به اهو خوف
ٿيندو آهي ته ڪٿي ڪنهن ويراني ۾ منهنجو چچريل لاش نه اڇلايو وڃي ڇاڪاڻ ته سندس سڀني
شهيد ساٿين جي شهادت وقت ڏاڙهي ڪتريل هوندي آهي.
قوم جي ڏکن کي سيني ۾ سانڍي پنهنجي داخلي
وجود ۾ تمام گهڻي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيل سياسي ورڪر جڏهن اذيت خاني ۾ غير انساني
تشدد برداشت ڪري ٿو تڏهن فطرت به ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏي ٿي، آسمان جا سڀ پکي به ڏکارا
ڏکارا ٿين ٿا ۽ بهار جي رت خزائن ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اسان کوڙ سارا سياسي ورڪر ڏٺا آهن جيڪي پنهنجي امڙين،
ونين يا ڀينرون جي ڀر ۾ کٽ تان کنيا ويا پر جڏهن کين واپس ڇڏيو ويو تڏهن هو جسماني
طور بلڪل هڏن جي مٺ ۽ ذهني طور ايترا ڪمزور جو هو پنهنجي ويجهن دوستن کي به ناهن سڃاڻي
سگهندا .
سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته پويان هٿ ٻڌڻ جو درد
ڇا ٿيندو آهي، سڀني کي خبر آهي ته مٿي تي ٽوپلو چڙهڻ بعد ساهه ڪيئن ٻوساٽبو آهي،
اسان اکين سان ڏٺو آهي ته دشمن ڪياڙي ۾ قنداق هڻي ڪيئن زخمي ڪندو آهي، گاڏي جي تري
۾ ستل قيدي ۽ سندس مٿان پيل لانگ بوٽن وارن جون ٽنگون قيديءَ کي ڪيترو ستائينديون
آهن ان جو به اندازو سڀني کي هوندو پر هن درد، هن دانهن ۽ هن مظلوميت جو آواز ڪير
نٿو بڻجڻ چاهي شايد کيس اهو خوف آهي ته ڪٿي گمشده ماڻهن بابت ڳالهائيندي هو پاڻ نه
گمشده ٿي وڃي پر احمد شاڪر ان خوف کي پنهنجي ويجهو اچڻ ناهي ڏنو ۽ هڪ اهڙن ماڻهن
جو درد بيان ڪيو آهي جن سان اسان جي اڌ آبادي هٿ ملائڻ کان به لنوائيندي آهي.
هي ناول هڪ دور جو دستاويز آهي جيڪو
ٻئي دور ۾ هن دور کي سمجهڻ لاءِ ايندڙ نسلن جي مدد ڪندو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هن دور کي
آسان ڪير سمجهائيندڙ ليکڪ يقينن هٿ چمڻ لائق آهي ڇو جو ليکڪ جي معروض سان ٺهڪي بيهڻ
ذميواري آهي ۽ احمد شاڪر اها ذميواري هڪ جرئتمند سنڌي طور خوب نڀائي آهي.
ڪڪڙ جي دس ۽ منهنجي ڪمري جي ڌيمي ٿي ويل
ٽارچ رات جي گهڻي گذري وڃڻ جو اطلاع ڏنو. مان اڃا لکي رهيو هئس ته مون کي پنهنجي دوست جو تازو لکيل نظم ياد آيو
جيڪو هن گمشده ماڻهن جي آزادي لاءِ لڳل ڪئمپ تي وڃڻ بعد واپس پنهنجي گهر ۾ اچي لکيو
هيو جنهن جو مرڪزي ڪردار ”شازيه چانڊيو“ هئي. مون نظم پڙهڻ
کانپوءِ پنهنجي دوست سان ان تي ڳالهايو به هو پر پوءِ الائي ڇو ايئن لڳي رهيو هيو ڄڻ
کوڙ ساريون ڳالهيون ڪرڻ کان رهجي ويون آهن اهو سچ آهي ته حساس
موضوع تي جيترو ڳالهائبو اوترو گهٽ آهي.
مولوي صاحب جي ٻانگ جي پڙلاءِ هڪ دفعي وري
ناول جي ڪلائميڪس طرف ڌيان ڇڪايو. اسان وٽ تقريبن نوجوانن کي رات جو 3 يا 4 بجي
کنڀيو ويندو آهي ۽ عصر جي آذان هو اذيت گاه ۾ ٻڌندا آهن ساڳئي طرح چيزل (ناول جو
مک ڪردار) به ان وقت کنڀيو ويو آهي هن وقت آذان هلي رهي آهي ڪيترائي چيزل اذيت
گاهه ۾ اوجاڳن سبب ذهني توازن وڃائي چڪا هوندا ۽ ڪيتريون ئي پريت (چيزل جي ڌيءُ)
پنهنجي بابا جي آزادي لاءِ ڌڻي ڏانهن هٿ کڻنديون هونديون پر دشمن کي قياس ناهي
ٿيندو. هو مظلوم کي
تڙپندو ڏسي ويتر وڏا ٽهڪ ڏيندو آهي. اڄ به هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو هوندو جڏهن هن پوڄارڻ
جي رئي سان چيزل جون اکيون ٻڌيون هونديون ۽ مان سمجهان ٿو ته چيزل لاءِ ان کان
وڌيڪ ٻي ڏک جي گهڙي ٿي ئي نٿي سگهي جڏهن سندس وني جي پوتي لاهي سندس اکيون ان سان
ٻڌيون وڃن. سج جي آهسته آهسته
نڪرندڙ ڳاڙهاڻ ڪيترن ئي گمشده ماڻهن جا عڪس پئي اڳيان آندا. مان احمد جو شاعر
ڪتاب، ڪمري ۾ پيل فرج تي رکي ڪافي وقت انهن عڪسن بابت سوچيندو رهيس. مون کي ننڊ جو احساس نه هئو نه ئي ڪا ٿڪاوٽ هئي بس هئي
ته هڪ ڪاوڙ هئي ۽ ٻيو پوري جسم منجهه هڪ لرزش هئي جيڪا گلابن جهڙن تازن زخمن کي اڃا
تازو ڪري هئي هاڻي سوچ، ڪاوڙ ۽ لرزش جي جهيڙي سان گڏ سورج ڪني ڪڍي آهي.
No comments:
Post a Comment