18/01/2021

ستار رند جو ناول ”يادن کي الوداع“ - منوج ڪمار (Manooj Kumar)

 منوج ڪمار

ستار رند جي ناول

”يادن کي الوداع“ جو اڀياس

ستار رند پنھنجي دور ۾ وڏي عرصي تائين سنڌ جي قوم تحريڪ ۽ کاٻي ڌر سان سھلاڙيل رھيو. بعد ۾ ھُن جو تعلق پيپلز پارٽي جي وڏي سطح جي قيادت سان رھيو. ھُن مختلف غير سماجي تنظيمن سان بہ ڪم ڪيو. ھُو ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالمسٽ بہ ھو. ھُن کان اڳ سندس شاعري جا ٻہ ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. 2016 ۾، چوونجاھہ سالن ۾، دل جي دوري ۾ سندس اوچتي وفات ٿي وئي. يادن کي الوداع ستار رند جو پھريون ۽ آخري شايع ٿيل ناول آھي جيڪو سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ شايع ٿي پڙھندڙ جي ھٿن ۾ پھتو آھي.


ناول جي ڪھاڻي علي مراد جي ڪردار جي چوڌاري ڦري ٿي جيڪو زندگي جي وچواري بحران جو شڪار آھي. ھڪ طرف ھُو انتھائي گھڻو پڙھيل، حساس آھي. انھيءَ حساسيت سبب ھُو پنھنجي چوڌاري ھر شئي تي سوال ڪري ٿو. اھا حساسيت کيس سماج ۾ صحيح طريقي سان جذب ٿيڻ نہ ٿي ڏي ۽ ھُو پاڻ کي مس فٽ محسوس ڪري ٿو. ساڳي وقت تي پاڻ لاءِ گذر جا ذريعا ڳولڻ لاءِ کيس پنھنجي انا ۽ خوداري تي سمجھوتو ڪرڻو پئجي ٿو. ھُو مختلف عورتن سان پنھنجي تعلقن ۾ بہ واضح ناھي ۽ پنھنجن رشتن کي ڪا معنا ڏيڻ ۾ بہ ناڪام وڃي ٿو. اھي سڀ ڳالھيون منجھس نراسائي پيدا ڪن ٿيون ۽ ھُو پنھنجي لاءِ خودڪشي جي تاريخ مقرر ڪري ٿو.

ناول جي ڪھاڻي سندس زندگي، سندس تعلقن ۽ مختلف موضوعن تي سندس خيال چوڌاري بيٺل آھي. بنا ڪنھن خاص ترتيب جي ھُو پنھنجي ماضي کي ساري ٿو جنھن ۾ ڪچي جي ڳوٺ ۾ گھاريل سندس ٻالڪپڻ، سندس اسلام آباد جي يونيورسٽي وارو عرصو، سندس ڪنھن طاقتور ماڻھو وٽ نوڪري، بيروزگاري، مختلف ماڻھن سان سندس تعلق، سندس مختلف عورتن سان واسطا، دوستن سان ٿيل بحث ۽ سندس ويچار شامل آھن. ناول ايترو ٻاھر جي دنيا جي باري ۾ ناھي جيترو ليکڪ جي اندر جي دنيا جي باري ۾ آھي. ھي ناول بنيادي طور ليکڪ جي پنھنجي پاڻ سان بہ ڪو مڪالمو آھي. ڄڻ تہ ليکڪ ھن ناول ۾ پنھنجي زندگي جو پوتاميل ڪيو آھي. ڄڻ تہ سندس زندگي جي ھڪ وڏي حصي جي ڪا آڊٽ ٿي رھي ھئي جنھن ۾ ھن کي پنھنجي نفعن ۽ نقصانن کي جسٽيفاءِ ڪرڻو ھو.

ستار سڄي ناول ۾ مختلف ھنڌن تي فلسفي، سائنس، مذھب، سماج، سياست، ۽ اينٿراپالاجيڪل موضوعن تي پنھنجا خيال ونڊيا آھن. جيڪڏھن مڪمل طور تي نہ بہ سھي پر ناول جو ھڪ وڏو حصو سندس ۽ ٻين جي مختلف خيالن ۽ فڪرن جي اظھار لاءِ وقف ٿيل آھي. ان ۾ ھُن مختلف فلسفين ۽ ليکڪن جي خيالن کي بہ پنھنجي نقط نظر سان پيش ڪيو آھي. توھان کي ڪافي جڳھين تي فيثا غورث، ڪانٽ، شوپنھار، کان وٺي گوتم ٻڌ ۽ زردشت جي زندگي، موت، مقصديت، پيڙا ۽ ڇوٽڪاري جو فڪر پيش ٿيل ملندو. اتي ناول ۾ ليکڪ جا پنھنجا انھن ساڳين موضوعن تي فڪري عڪس ڦھليل ملندا. جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي انھن ۾ ربط ناھي. ڪٿي ڪٿي اھي خيال عاميانہ بہ لڳن ٿا. ڪٿي اھي ويچار، پڙھندڙن سان ناول جي ربط ۾ خلل بہ وجھن ٿا. پر انھن سڀني ڳالھين جي باوجود ھي ناول ھڪڙي ڪوشش ضرور آھي تہ سنجيدھہ پڙھندڙن کي ڪنھن سطحي ڪھاڻي يا ڪردارن جي بدران فڪرن، روين، فلسفن ۽ خيالن جي ذريعي پاڻ ڏي متوجہ ڪري.
تخليقي اظھار ھڪ پر اثر ابلاغ کانسواءِ بي معنا آھي. ليکڪ تي گھٽ ۾ گھٽ اھا فنڪارانہ ذميواري ٿي تہ اھا تخليق پڙھندڙن لاءِ احساساتي، جمالياتي يا فڪري طور تي اھميت جوڳي ھجي. ناول ۾ ان ابلاغ جي کوٽ آھي. ناول ۾ ليکڪ پنھنجي ھڪڙي ذھني دنيا تہ جوڙي آھي پر ان دنيا ۾ پڙھندڙن جي داخلا کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪي ڪوششون نہ ورتيون ويون آھن. تمام وڏا پيراگراف، بي ترتيب جملا ۽ ھڪڙي ئي جڳھہ تي مختلف بي تعلق شين کي گڏائڻ جي ڪري پڙھندڙ کي ناول ۾ اڳيان وڌڻ ۾ محنت ڪرڻي پئي ٿي. جيتوڻيڪ ناول ۾ ڪافي ڪجھہ آھي جيڪو پڙھندڙن لاءِ دلچسپي جو سبب ٿي سگھي ٿو پر ان کي پڙھندڙن تائين پھچائڻ لاءِ رواني، تسلسل ۽ اسلوب جي ضرورت ھئي سو اسان کي نہ ٿو ملي. ساڳي طرح اظھار جي بي ترتيبي، ناول جي ڪھاڻي جي سست روي، ڪردارن جي اوچتي ظاھر ٿيڻ ۽ گم ٿي وڃڻ، ۽ ڪنھن مربوط پلاٽ جي کوٽ ھن ناول جي مجموئي اثر کي زائل ڪيو آھي.

پر ايئن بہ ھو تہ ستار رند کي زندگي موقعو نہ ڏنو جو ھُو پنھنجو ناول پاڻ مڪمل ڪري سگھي. ڪاش ايئن ٿئي ھان تہ ھن ناول تي ايئن ويھڪ ٿي سگھي ھان جيئن ھنن سوچيو ھو. ان جي ٻولي ۽ مواد تي ڪا گڏيل تنقيدي نشست ٿئي ھان، جنھن سان ان ۾ ڪي سڌارا اچي سگھن ھا. ڪاش ستار رند پاڻ حيات ھجي ھا تہ ڪنھن ايڊيٽر سان ويھي ناول مان غير ضروري حصا ڪڍي، ان کي ھڪ بھتر صورت ڏئي سگھي ھا. ڪھاڻي جي ٽيمپو، ڪردارن جي ڊيولپمينٽ ۽ پلاٽ جي جوڙجڪ تي ڪا راءِ وٺي، ان جي روشنيءَ ۾ ھُو ناول کي وري لکي ھا تہ يقينن ھي ناول ادب ۾ ھڪ خاطر خواھ واڌارو ٿئي ھا.

No comments:

Post a Comment