19/06/2013

ساهتي ادبي اڪيڊميءَ جا ڇپيل ڪتاب - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



ساهتي ادبي اڪيڊميءَ جا ڇپيل ڪتاب
رکيل مورائي
سنڌ ۾ علمي ادبي ڪتابن جو ڇپجڻ ورهين کان هلندو اچي. سرڪاري ادارن کي وڏيون بجيٽون آهن پر غير سرڪاري ادارن ۾ جيڪو پورهيو ٿئي ٿو، اهو پنهنجو نتيجو الڳ روپن ۾ پسائي ٿو. ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا ادارا سنڌ ۾ جاکوڙي رهيا آهن، جن جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي سرڪار کي انهن کان ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجن، پر ائين ٿئـي نٿو. اڄ جن ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کنيو اٿم اهي اهڙي هڪ ننڍڙي اداري پاران شايع ٿيا آهن جنهن اداري جوڙڻ پويان محنت جو عمل دخل به آهي ته محبت جو عمل دخل پڻ. هن اداري کي جوڙڻ لاءِ محنت اسان جي ساهتي پرڳڻي جي نامياري تاريخ نويس سائين قريشي حامد علي خانائيءَ جي هئي، ۽ ان کي هلائڻ پويان محبت اسان جي دوست، سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خاموش خدمتگار بشير احمد هيسباڻيءَ جي آهي. هيءُ ادارو آهي، ”ساهتي ادبي اڪيڊمي“.

سنڌ جي وچولي حصي کي اهو اعزاز رهيو آهي ته اهو صدين کان سنڌ جي علم ۽ ادب، خاص طور تخليقي ادب جو مرڪز رهيو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي انگريز سرڪار هن علائقي کي ساهتي (ادبي) علائقي جو نالو ڏنو ۽ ساڳئي وقت هن علائقي جي ٻوليءَ کي معياري ٻولي سمجهي ان ۾ سنڌي نصاب جوڙايو. سنڌ جي هن حصي، علم ۽ ادب کي اڻ ڳڻيا شخص ڏنا آهن، جن سنڌ توڻي سنڌ کان ٻاهر سنڌي ٻولي ۽ ادب جو مان وڌايو آهي ۽ هن حصي کي هڪ  فخر ڏياريو آهي. سائين قريشي حامد علي خانائي ان علائقي جي ڪنڊياري تعلقي جي ڳوٺ خانواهڻ سان تعلق رکي ٿو ۽ بشير احمد هيسباڻي پڻ ڪنڊياري سان واسطو رکندڙ آهي. هيءُ شخص پنهنجي علائقي جي ضلعي واري شهر نوابشاهه ۾ رهندڙ آهن. هاڻ سائين حامد علي ته نه رهيو آهي، پر ان جو ٻاريل ڏيئو، بشير احمد هيسباڻي روشن رکيو اچي ۽ ان روشنيءَ جا ترورا آهن اهي ڪتاب، جن کي اڄ ذڪر هيٺ آندو ويو آهي.
”ساهتي ادبي اڪيڊمي“ جو پهريون ڪتاب آهي.
(1)  وکريل وٿون
هيءُ ڪتاب سنڌ جي عملي ادبي ۽ مذهبي مرڪز ۽ سنڌ جي قديم شهر روهڙيءَ جي علمي، ادبي گهراڻي جي نامياري اديب ۽ تعليمي ماهر سيد عبدالحسين شاهه موسويءَ جي مضمونن جو ڪتاب آهي، جنهن کي ترتيب ڏيئي، ان کي سوڌي سنوراري، ڪي اهم حاشيا لکي، هڪ دستاويز بڻايو آهي، ساهتي پرڳڻي جي نهايت اهم تعليمدان ۽ تاريخ نويس سائين ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ.
سيد عبدالحسين شاهه موسويءَ مرحوم جا هيءَ ٽڙيل پکڙيل مضمون، گڏ ڪري، هڪ ڪتاب جي صورت ڏيڻ پٺيان، خانائي صاحب جو هڪ تحقيق وارو جذبو ۽ ويچار ته آهي ئي، پر ساڳئي وقت موسوي صاحب لاءِ سندس محبت ۽ احترام به ظاهر ٿيل آهي. خانائي صاحب مرحوم لاءِ ڪجهه لکڻ وقت صفحن جو ليکو ڪرڻ اجايو لڳندو. سندس باري ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ لکڻ جڳائي، پر هن ڪتاب جي حوالي ۾ سندس محنت ۽ محبت جو ذڪر گڏوگڏ ايندو، اهڙي شاهدي هيءُ ڪتاب ڏيئي ٿو.
ڪتاب ۾ مضمون ۽ ليک الڳ الڳ موضوعن بابت آهن، جن ۾ علم، اخلاق، نصيحت ۽ ٻيا اهڙا موضوع آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي علمي، ادبي ۽ اخلاقي طور هڪ ڪامل شخص بڻجڻ ۾ مدد ڪندا. هن ڪتاب ۾ محترم بشير احمد هيسباڻيءَ صاحب جي محبت پڻ شامل آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ اهڙو عاشق آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به نماءَ جي ضرورت هن ڪڏهن به محسوس نه ڪئي آهي پر ورهين کان هڪ ننڍڙو ڏيئو علم ۽ ادب جي تشريح لاءِ روشن رکيو اچي، پوڻن ٻن سون صفحن جو هيءَ رهبري ڪندڙ پڪي جلد وارو ڪتاب 200 رپين جي ملهه وارو آهي.
(2)  ساهتي پرڳڻي جو وهائو تارو: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
سائين قريشي حامد علي خانائي، جيتوڻيڪ ساهتي پرڳڻي جو وهائو تارو ان ڪري آهي جو هن گهڻو ڪم ساهتي پرڳڻي بابت ڪيو. هو ڄائو نپنو ساهتي پرڳڻي ۾، پر اهو سج جهڙو سچ آهي، ته هن تاري پنهنجي صبح واري روشني سڄي سنڌ کي ڏني ۽ هو جنهن صبح جي علامت هئو، ان صبح جو جن علم ۽ ادب لاءِ جاکوڙڻ وارو سفر شروع ڪيو هئو، اڄ انهن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي ۽ هيءَ علم، ادب ۽ تحقيق جو روشن ستارو پنهنجي روشني ايستائين سنڌ جي علم ادب کي ڏيندو رهيو، جيستائين هو زندگيءَ جو آخري ساهه کڻي اجهامي نه ويو. ۽ جڏهن هو جسماني طور اجهامي ويو ته هن جي ٻاريل روشني پکيڙيندڙ ڏيئي، جنهن کي هن نالو ڏنو هئو، ”ساهتي ادبي اڪيڊمي“ کي بشير احمد هيسباڻيءَ نالي اهو شخص روشن رکيو اچي، جيڪو نه رڳو ساڻس عقيدت ۽ انس رکندڙ آهي، پر جنهن سنڌ جي علم ۽ ادب سان خود اڻ مئي محبت ڪئي آهي.
هيءُ ڪتاب بشير احمد هيسباڻيءَ پاران، قريشي صاحب لاءِ هڪ ڀيٽا آهي، جنهن بشير احمد هيسباڻيءَ پاڻ سان گڏ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ قريشي صاحب سان پيار ڪندڙن کي به گڏ ڪيو آهي ته هن جي علمي ادبي ۽ تاريخ بابت ڪيل ڪم جي ساڃاهه رکندڙن کي به گڏ ڪيو آهي، ائين انهن سڀني قريشي صاحب جي ڪٿ ڪندي اهو طئي ڪيو آهي ته هو ”ساهتي پرڳڻي جو وهائو تارو“ آهي. ڄاڻايل نالي واري ڪتاب ۾ اهي مضمون ۽ ليک قريشي صاحب جي علم، ادب، تحقيق، تاليف ۽ شخصيت بابت آهن جن کي مرتب ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته قريشي صاحب بابت ڄاڻ جو هڪ خزانو ته آهي پر سچ اهو آهي قريشي صاحب جي ڪم ۽ ان جي تفصيل لاءِ ڪيئي ڪتاب گهرجن. ٽن سئون صفحن جو هيءُ لاجواب پڪي جلد وارو ڪتاب هيسباڻي صاحب پاران قريشي صاحب لاءِ پيار جو اظهار آهي ۽ هن ڪتاب جو ملهه 350 رپيا آهي.
(3)  فتوحات فيروز شاهي
هيءُ ڪتاب هنڌ جي نامياري حاڪم فيروز شاهه تغلق جو فارسيءَ ۾ لکيل ان ننڍڙي ڪتاب جو ترجمو آهي، جيڪو هن پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ فارسيءَ ۾ لکيو هئو، جنهن ۾ هن پنهنجي فتح ڪيل علائقن ۾ ڪيل يادگار ڪارنامن بابت مختصر طور لکيو هئو. اهڙن ڪارنامن ۾، هن پاران فتح ڪيل علائقا، انهن ۾ جوڙايل ڪي يادگار ۽ ٻيو اهي شيون اچي وڃن ٿيون، جن کي هن چاهيو ٿي ته تمام گهڻن ماڻهن جي عبرت جو سبب بڻجن.
هيءُ تاريخي ڪتاب سنڌ جي نامياري عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ نهايت علمي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب ننڍي کنڊ جي تاريخ پڙهندڙن لاءِ فائدي وارو ٿيندو، اها اميد ڪري سگهجي ٿي. هاڻ جڏهن اسان وٽان فارسي ڄاڻندڙ عالمن کي ڌڻي پاڻ ڏي گهرائي رهيو آهي، تڏهن هڪ ڳڻتي اها به ٿي رهي آهي ته سنڌ جي تاريخ بابت انهيءَ سموري مواد جو ڇا ٿيندو، جيڪو گهڻو ڪري فارسيءَ ۾ لکيل آهي. اهڙي ڳڻتي واري وقت ۾ قادري صاحب پاران ترجمو ڪيل هيءُ ڪتاب اسان جي دلين ۾ کيس لاءِ وڌيڪ احترام پيدا ٿو ڪري.
ڪتاب سان گڏ اصل فارسي متن به شامل ڪيو ويو آهي، ائين ڪتاب جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ 143 صفحا آهن. هن پڪي جلد واري ڪتاب جو ملهه 175 رپيا آهي.
(4)  حضرت عبدالقادر بيدل تحقيق جي آئيني ۾
هيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ بيدل سائين جي حوالي سان نهايت اهم ڪتاب آهي. هونئن مختلف وقتن تي بيدل سائينءَ باب لکيل مضمون ۽ مقالا، اسان جو دوست اختر درگاهي، بيدل يادگار ڪاميٽيءَ پاران ڇپائيندو رهيو آهي، جن مقالن ۽ مضمونن ۾ پڻ بيدل شناسيءَ جي حوالي ۾ گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون آهن.
ائين هيءُ ڪتاب ”حضرت قادر بخش بيدل تحقيق جي آئيني ۾“ به هڪ گهڻي رخي تحقيق آهي، جنهن ۾ بيدل سائين جي زندگي توڻي فن سان لاڳاپيل، توڻي ماحول، ماڳن مقانن ۽ ڪن شخصن ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي تحقيقي نظر وڌي وئي آهي. انهيءَ سموري محبت ۽ محنت لاءِ انجينئر عبدالحسين موسوي صاحب گهڻو گهڻو جس ته لهڻي پر ان کان وڌيڪ احترام ان ڪري به لهڻي ٿو جو هن محنت ڪري گهڻيئي ڳالهيون ۽ واقعا اهڙا پنهنجي ڪتاب ۾ آندا آهن، جيڪي اڳ نه اظهاريا ويا آهن يا بنهه گهٽ اظهاريا ويا آهن.
بيدل شناسيءَ بابت هيءُ ڪتاب اهو احساس ڏياري ٿو ته سرڪاري ادارن يا انهن جي سرپرستيءَ کان سواءِ به ڪي نيڪ شخص پنهنجي طور تي تحقيقي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جو مثال هيءُ ڪتاب آهي، جنهن ۾ جاکوڙ/تحقيق جون گهڻيون ئي گهرجون پوريون ڪيل آهن، مثال حوالا، انهن جا فارسي عڪس، ڪي تصويرون وغيره هن ڪتاب کي هڪ معتبر ۽ مستند ڪتاب بنائڻ جي جستجو آهي. تحقيق هڪ سائنسي ڪم آهي، جيڪو مسلسل هلڻو آهي، پر هيءُ ۽ هن جهڙا ڪتاب آئيندي لاءِ اهم بنياد فراهم ڪندا آهن. هي ڪتاب ايندڙ محقق لاءِ وڌيڪ لا ڀائتو ٿيندو. پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ 215 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 250 رپيا آهي.
(5)  ڪيئن ريجهايان توکي
هيءُ ڪتاب سنڌ جي ان بزرگ صوفي شاعر جو ڪليات آهي، جنهن بابت سنڌ ۾ ذڪر جوڳو ڪم نه ٿيو آهي، جيتوڻيڪ هيءُ شاعر جنهن جو نالو ”فقير سليمان شاهه بودلائي“ آهي، پنهنجي دور جو نهايت مشهور شاعر ٿي گذريو آهي جنهن جو مثال سنڌ جي سنت راڳي ڀڳت ڪنور رام جي مٺڙي آواز، ڳايل اها ڪافي آهي ته: ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان، ڏس ڪو ڏانءُ! جنهن ڪيتريون ئي سرحدون ٽوڙي دنيا جي ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي دلين توڻي دماغن تي راڄ ڪيو آهي ۽ گهڻي حد تائين عبادت جو درجو ماڻي چڪي آهي. سليمان فقير جي وفات کان 117 سالن کان پوءِ سندس 117 ڪافين جو هڪ هنڌ گڏ ڇپجڻ سنڌ لاءِ هڪ سڀاڳ آهي ۽ اهڙي ڪم لاءِ مرتب ۽ منهنجو شخصي دوست موري جو نوجوان اديب ۽ محقق شمشاد احمد سومرو ايترو جس لهڻي، جنهن جو ڪاٿو ئي نه آهي. هي ڪتاب اسان جي صوفي شاعرن جي سلسلي جي اهم ڪڙي آهي، جنهن کي اکين تي رکڻ کپي، ٻيءَ طرح هن ڪتاب جي آجيان ڪيئن ڪرڻ گهرجي، اهو ڏانءُ ڪٿان آڻڻ گهرجي. هن ڪتاب کي جيئن ته بنيادي مواد جي اهميت حاصل هوندي، جنهن کي بنياد بڻائي، سليمان فقير بابت وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي گهرج شايد اڳتي هلي پوندي.
شمشاد احمد سومري هيءُ ڪتاب سهيڙي ان تي هڪ سٺو مقدمو لکي پاڻ کي سنڌ جي انهن شخصن ۾ شمار ڪيو آهي، جن مان وڌيڪ اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو سنڌ کي پنهنجي محنت سان گهڻو ڪجهه ڏيئي سگهن ٿا. تحقيق جي حوالي ۾ جڏهن شخصن جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي تڏهن شمشاد جھڙن نوجوانن جي تحقيق ۽ تاليف جي ميدان ۾ آجيان ڪرڻ گهرجي. سندس هيءُ پورهيو سنڌ ۾ ياد رکيو ويندو ۽ ياد ساهتي ادبي اڪيڊمي کي به رکيو ويندو، جنهن هي انمول ڪتاب ڏيئي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اهم شاعر کي محفوظ ڪري ورتو آهي. 240 صفحن واري پڪي جلد سان هن ڪتاب جو ملهه 250 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment