07/06/2013

خواب اکين ۾ پلجن - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



معصوم شاعر اسير ملاح جو ڪتاب
خواب اکين ۾ پلجن
رکيل مورائي
هي ڪتاب اسان جي دوست ۽ اسان کان وقت کان اڳ ئي جدا ٿي ويل شاعر اسير ملاح جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي، ”خواب اکين ۾ پلجن“. هيءُ ڪتاب اهو آهي، جنهن کي ڇپيل صورت ۾ ڏسڻ لاءِ مانديون اسير جون اکيون سدائين لاءِ ٻوٽجي ويون پر ڪتاب ڏسي نه سگهيون، ڪنهن به ليکڪ لاءِ هن جو ڪتاب ڇپجڻ اتساهه جو سبب بڻجي ٿو. ۽ ان جي آخري خواهش به اهڙي ٿئي ٿي، ته هو پنهنجا ڪتاب ڇپندي ڏسي، پر ڪيترن ئي ٻين لکندڙن وانگر اسير به پنهنجو ڪتاب ڏسي نه سگهيو ۽ پڪ سان هيءُ خوبصورت ڇپيل ڪتاب ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿئي ها! هاڻ ته هيءُ ڪتاب هن کي ڀيٽا طور ئي آهي.

اسير ملاح سنڌي شاعرن جي فهرست جو هڪ اهم نالو آهي، جنهن کي سنڌي شاعريءَ جي گذريل صديءَ جي آخري ٽن ڏهاڪن ۾ هڪ خاص اهميت سان ياد ڪري سگهجي ٿو. هن جو لاڳاپو سنڌي ادبي سنگت سان پڻ گهرو رهيو. هو پنهنجي مزاج ۾ صاف سنڌي ملاح لڳندو هئو، کلڻو ملڻو ۽ سلڇڻو سنڌي.
شاعريءَ سان پيار ڪندڙ ۽ دوستن جو بيحد احترام ڪندڙ، هن جي اڻ وقتي موت تي، اياز جو ڏوراپو ياد ٿو اچي ته” اڙي موت ميار، جيڏا روز جدا ڪرين“ ۽ اسير جو موت اهڙو احساس کڻي آيو هئو. اڄ اهي خواب جيڪي سندس اکين ۾ پليا هئا ۽ جن جي ساڀيا هو ڏسي نه سگهيو هو، اسان جي اکين آڏو آهن.
هن سهڻي ڪتاب جي صورت ۾، هونئن اسير جو هرشعر هڪ خواب ئي آهي، جنهن کي اڳتي هلي ساڀيا ماڻڻي آهي. سندس ڪتاب ۾ غزل، وايون، ڪافيون، گيت ۽ نظم شامل آهن ۽ هي سڀ صفحون روايتي عروض تي ٻڌل صنفون آهن، جن کي پڙهي، اسير بابت هڪ  مڪمل راءِ جوڙي سگهجي ٿي. اسير جي ٻولي نهايت صاف، سنڌي سادي، بنا وروڪڙ جي، سندس شعر پڙهڻ سان انهيءَ جي تهه تائي پهچڻ ۾ آسان. هو جهڙو پاڻ صاف سادو تهڙي سندس شاعري وڻندڙ. ڪوٽڙي ۾ جنهن به ڪي گهڙيون وسرام ڪيو هوندو، ان کي اسير جي مرڪ جيان آجيان ڪئي هوندي اهڙي پڪ آهي.
هاڻ جڏهن هو اسان سان جسماني طور گڏ نه رهيو آهي، تڏهن هو پنهنجي ان خواب جي صورت ۾ اسان سان گڏ آهي، جيڪو خواب ڪتابي صورت ۾ اسان جي اکين جي ماڻڪين ۾ لهي رهيو آهي. هيءُ ڪتاب پڪ ڏياري رهيو آهي ته اسير هاڻ سدائين اسان سان گڏ هوندو. ايستائين جيستائين اسان جون اکيون سلامت آهن ۽ انهن ۾ خواب سلامت آهن.
ڪويتا پبليڪيشن پاران ڇپايل 140 صفحن جو هيءُ خوبصورت پڪي جلد وارو ڪتاب جنهن جو مهاڳ سنڌي ادب جي کاهوڙي ليکڪ تاج جوئي لکيو آهي، ۽ بيڪ ٽائيٽل نفيس ۽ خوشبودار نثر لکندڙ نصير مرزا صاحب لکيو آهي، سنڌ جي سڀني ڪتاب گهرن تان ٻن سون رپين ۾ ملي سگهندو.

No comments:

Post a Comment