28/06/2013

دادو ضلعو هڪ اڀياس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



مشهور محقق  محمد عرس اظهر سولنگيءَ جو ڪتاب
دادو ضلعو هڪ اڀياس
رکيل مورائي
اسان جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ ڪتاب، جنهن جو نالو آهي ”دادو ضلعو هڪ اڀياس“ پڙهي مون کي هڪ پڙهيل هڪ جملو ياد ٿو اچي جنهن ۾، ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته جيڪڏهن هر پڙهيل شخص پنهنجي ڏهاڙي ڊائري لکي ته اها وقت گذارڻ سان پوءِ پنهنجي دور جي زندهه تاريخ ٿي پوندي. پر جيڪي شخص تاريخ کي نظر ۾ رکي پنهنجي دور جي تاريخ لکن ٿا، اهي ته وڌيڪ اهم بڻجن ٿا، اهڙن ئي شخصن ۾ سنڌي جي دل دادو جو نهايت سٻاجهو، محبتي ۽ محنتي شخص محمد عرس اظهر سولنگي به آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي دادو جي تاريخ ۽ دادوءَ جا مختلف حوالن ۾ استعمال ٿيل انگ اکر سهيڙڻ ۾ گذاري آهي.

اهو به قبول ڪيو ويو آهي، هڪڙيون تاريخون، لئبريرين ۾ ويهي، ڪتاب پڙهي، لکيون وينديون آهن ۽ ٻيون تاريخون، فيلڊ ورڪ ڪري لکيون وينديون آهن. محمد عرس اظهر سولنگي انهن تاريخ لکندڙن مان آهي، جن کي جاکوڙي ڪوٺي سگهبو آهي، ڀلي هن جي جاکوڙ جو دائرو فقط دادو ضلعي تائين محدود آهي، پر اهو به سچ آهي ته جيڪڏهن سنڌ جي سڀني ضلعن جو هڪ ليکڪ پنهنجي ضلعي جي تاريخ لکي ته انهن سڀني ڪتابن کي گڏي سنڌ جي هڪ بيمثال تاريخ لکي سگهبي يا انهن لکيل ڪتابن مان جوڙي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن قسم جا ڪتاب ان تاريخ لکڻ لاءِ اڻميو مواد ميسر ڪندا آهن.
محمد عرس اظهر جي هن تحقيقي ڪتاب جو نالو آهي ”دادو ضلعو هڪ اڀياس“ هن ڪتاب ۾ ادبي اڀياس به آهي، ته علمي اڀياس به! سياسي اڀياس به آهي ته سماجي اڀياس به، ساڳئي وقت ثقافتي اڀياس به, پر ان سموري اڀياس پويان محمد عرس اظهر سولنگيءَ جي محبت ۽ محنت جيڪا ڪيل آهي اها ڪتاب جي هر ورق مان ظاهر ٿي رهي آهي.
هيءُ صخيم ڪتاب  اظهر سولنگي صاحب جي سموري عمر جي جاکوڙ جو نچوڙ آهي. هن ڪتاب تي هن جيڪو نور نچويو آهي، ان جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ ڪو به ايماندار شخص/پڙهندڙ/لکندڙ، رهي نه سگهندو. تحقيق/تنقيد جا علمي، طريقا ڪهڙا ۽ ڪيئن آهن، سائنسي طريقا ڪهڙا آهن يا اڄ جيڪا ۽ جهڙي تحقيق دنيا ۾ ٿي رهي آهي، انهيءَ ۾ اونهو نه وڃي هيءُ ڪتاب شاهه سائينءَ جي هن سٽ وانگر آهي ته
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
ڪو به ڪم جنهن ۾ محنت سان گڏ محبت به شامل هجي، اهو اهڙو ٿيندو آهي جهڙو ”دادو ضلعو هڪ اڀياس“ آهي.
سنڌي ادبي بورڊ هيءُ ڪتاب نهايت سهڻو ڪري ڇاپيو آهي. اڄ هيءُ ڪتاب اڀياس آهي، جيڪو سڀاڻي تاريخ بڻجڻو آهي. ائين بورڊ پنهنجي تاريخ کي محفوظ ڪري رهيو آهي، جيڪو ئي ڪم هن جي ذميوارين ۾ اچي ٿو ۽ پنهنجون ذميواريون ديانتداريءَ سان نڀائڻ لاءِ بورڊ جا سربراهه ۽ ڪارڪن جس لهڻن. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد ۽ آفيسٽ پيپر تي ڇپيل هن ڪتاب ۾ 599 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 750 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment