07/06/2013

عمر اوٺي اباڻن جا - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سنڌي نثر جو هڪ املهه ڪتاب
عمر اوٺي اباڻن جا

رکيل مورائي
محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته گرمي پد وڌڻ جي ڪري، جتي ٻيا ڪم مثاتر ٿي رهيا آهن، اتي پرنٽ جو ڪم به گهٽيو آهي، جنهنڪري ويجهي عرصي ۾ ايتريءَ تيزي سان ڪتاب نه آيا آهن. هن موسم ۾ جيڪي به ڪتاب منهنجي تبصري هيٺ آهن، اهي ان اداري جا آهن، جنهن حيدرآباد جهڙي علمي ۽ ادبي شهر ۾ تخليقي ڪتابن جي ڇپائڻ جي حوالي ۾ نه رڳو سٺي ناما چاري ڪمائي آهي، پر سٺي ۽ سهڻي ڪتاب طور به پنهنجي اداري جي ساک رکي آهي. هن اداري جو سرواڻ موهن مدهوش آهي، جيڪو پاڻ به هڪ دوست ۽ محنتي نوجوان آهي.

هن اداري جو پهريون ڪتاب آهي، ”عمراوٺي اباڻن جا“ جيڪو ڇپائيءَ جي لحاظ کان ته سهڻو ئي آهي پر هيءُ ڪتاب، جيڪو اسان جي دوست ۽ خوبصورت شاعر عزيز گوپانگ لکيو آهي. ان جي نثر تي مان حيران ٿيڻ جي حد تائين اعتراف ٿو ڪريان ته عزيز گوپانگ جي نثر جهڙو نثر ويهارو کن سالن ۾منهنجي مطالعي هيٺ ته آيو آهي. برابر ڪيئي ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ نثر جا شاهڪار آهن، تازو رباني صاحب جو بيمثال ڪتاب ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ آيو آهي، پر عزيز گوپانگ جي ڪتاب جو نثر ٻئي نسل جو نثر آهي، جيڪو عزيز جي ڪنهن به همعصر توڻي همعمر وٽ نه آهي. هو خوبصورت شاعر آهي، پر هن جو نثر مون پهريون ڀيرو پڙهيو آهي ۽ سچ ته اهو آهي، هن جي محاوريدار ٻولي ۽ ان جي رواني، ان جو ڳوٺاڻو ۽ شهري ميلاپ ۽ ان تي عزيز جو لکڻ وقت ضابطو سڀ گڏجي، هن خاڪن جي ڪتاب کي هڪ املهه ڪتاب بڻائين ٿا.
هيءُ اهڙو نثر آهي، جيڪو عزيز کي پنهنجي ڳوٺاڻي ماحول مان مليو آهي. خاص طور انهن خاڪن جو نثر، جيڪي، هن پنهنجي بزرگن تي ۽ عزيزن تي لکيا آهن، عزيز جي لکڻ جي واڌو خوبصورتي اها آهي ته هن جن خاڪن کي عقيدت سان لکيو آهي، انهن ۾ اها عقيدت اڀري آئي آهي، جيڪي احساساتي طور لکيا آهن، انهن ۾ احساس اڀري بيٺو آهي ۽ جن ۾ هن طنز ۽ مزاج کان ڪم ورتو آهي، انهن ۾ اها اڀري بيٺي آهي.
مثال طور نياز محمد ناز گوپانگ واري ليک ۾ عزيز جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هڪ لکندڙ طور، اهو ڪمال جو آهي. پنهنجي والد صاحب تي لکندي عزيز قلم کي جنهن طريقي سان استعمال ڪيو آهي، ائين جيڪڏهن پوئين عمر ۾ هو آتم ڪٿا لکندو ته پڪ سان اها نثر جو اعليٰ نموني هوندي.
گهڻي وقت کان پوءِ نثر جي عاليشان ڪتاب ڏيڻ تي عزيز گوپانگ جو ٿورو. ٻيءَ طرح هيءُ ڪنهن تي به ٿورو نه آهي، شخص فقط پاڻ کي اظهاري  ڪي گهڙيون سک جو احساس ماڻي ٿو. پر مون کي يقين آهي ته عزيز هن ڪتاب جي ڪيترن خاڪن لکڻ وقت تڪليف ڀوڳي هوندي، ڏک سان آمهون سامهون ٿيو هوندو، هن جي دل ڏکي هوندي ۽ اکيون آليون ٿيون هونديون. اهو سڀ ڪتاب ٻڌائي ٿو، ڪتاب جو نثر ٻڌائي ٿو ۽ ان نثر جو اظهار ٻڌائي ٿو. وري وري پڙهڻ جهڙو هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيش ڏئي پنهنجو اشاعتي مرتبو وڌايو آهي. خوبصورت پني تي ڇپيل پڪي جلد سان ٻن سون صفحن واري هن ڪتاب جو ملهه 300 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment