28/06/2013

سنڌي لوڪ ادب، مضمون ۽ مقالا



ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ترتيب ڏنل ڪتاب
سنڌي لوڪ ادب، مضمون ۽ مقالا

ڪنهن به قوم جي سڃاڻ ان جي ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ ادب آدابن سان ٿيندي آهي. ڪنهن به قوم جي مهانتا ان جي لوڪ روايتن جي آڌار تي طي ٿيندي آهي. اسان سنڌي، ثقافتي طرح ڏاڍا ڀاڳ وارا آهيون جو اسان جو لوڪ ورثو تمام شاهوڪار آهي. لوڪ ورثي ۾ وري اسان جو لوڪ ادب ڪيترو نه رچ آهي! اهو علم ۽ اها ڄاڻ وري اسان کي پنهنجي اسڪالرس ۽ عالمن کان وقت بوقت ملندي رهي آهي.

چوندا آهن ته جيڪا قوم پنهنجي ماضيءَ کي وساري ٿي ڇڏي يا منهن موڙ ٿي اها اڳتي نه وڌي سگھندي آهي جو اها پنهنجي پاڙن کان ڪٽجي ويندي آهي. اسان خوش نصيب قوم ان حوالي سان به آهيون ته اسان وٽ اسان جا مشاهير هر دور ۾ موجود رهيا آهن ۽ اعلى پائي جا رهيا آهن، ان ڳالهه جو ثبوت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو هي مرتب ڪيل ڪتاب آهي جيڪو هن وقت منهنجي هٿ ۾ آهي ”سنڌي لوڪ ادب مضمون ۽ مقالا“. هي ڪتاب ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان پهرين مارچ 2013ع تي شايع ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي سچيت اسڪالرس ۽ عالمن جا مقالا موجود آهن جن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدلجبار جوڻيجو، پروفيسر محرم خان، ڊاڪٽر علي اڪبر اسير، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر عنايت لغاري ۽ ٻيا سنڌ جا اهم دانشور شامل آهن ۽ ان کان علاوه ادي حسينا ساند جو انگريزيءَ ۾ سنڌي چوڻين بابت هڪ خوبصورت مقالو به هن ڪتاب ۾ شامل آهي، جنهن جي پڻ اهم حيثيت ۽ الڳ مقام آهي.
هن ڪتاب جي اهميت ان حوالي سان به گھڻي آهي ته لوڪ ادب جي مڙني صنفن جو هي جامع ڪتاب آهي، جنهن ۾ لوڪ ڪهاڻي، لوڪ شاعري، لوڪ گيت، سگھڙن جي شاعري، لوڪ داستان، سنڌي چوڻيون ۽ پڻ جديد دور ۾ ڪيل عالمن جي لوڪ ادب بابت ڪارنامن جو به ذڪر آهي. هي فورڪلر ٽائيٽل وارو سهڻو ڪتاب 380 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي.

1 comment: