08/06/2013

راڄن جي رکوالي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



ٿرديپ پاران ڄاڻ لاءِ ڇپايل ڪتاب
راڄن جي رکوالي
رکيل مورائي
سنڌ ۾ ڪيتريون ئي، غير سرڪاري تنظيمون مختلف حوالن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، جن مان ڪن جي ساک سنڌي ماڻهن ۾ تمام وڏي آهي ته ڪي وري ڪاغذي ڪاروائيءَ ۾ مشغول نظر اينديون آهن.
ٿر جي حوالي ۾ هڪ تنظيم نهايت ئي جفاڪشيءَ سان ڪم ڪري رهي، جنهن جو نالو آهي، ”ٿرديپ“. ڳوٺاڻي ترقيءَ بابت هن تنظيم جيتري جاگرتا لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي، اهڙو مثال ملندو ضرور پر هيڪڙ ٻيڪڙ. خاص طور هن اداري نشر و اشاعت جي سلسلي ۾ ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرائي، سنڌي ماڻهن خاص طور ٿر واري علائقي جي ماڻهن لاءِ وڏي ڄاڻ ميسر ڪئي آهي، جنهن محنت پويان اسان جي دوست ۽ شاعر دليپ ڪوٺاريءَ جون گهڻيون محنتون آهن. هن جون محنتون نه رڳو سماجي ڪمن طور ياد ڪيون وينديون پر ادبي طور به ياد ڪيون وينديون.

تازوئي هن ٿرديپ پاران ڪي ڪارائتا ڪتاب ڇپايا آهن، جيڪي رڳو سنڌي ڳوٺاڻن جي رهنمائي ڪرڻ جي قابل آهن. پهريون ڪتاب آهي ”راڄن جي رکوالي“. هيءُ ڪتاب هڪ خاص موضوع تي آهي، جنهن ۾ هڪ مڪمل رٿابندي آهي، خاص طور قدرتي آفتن، ٻوڏن، زلزلن، طوفانن ۾ ماڻهو پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪن ۽ انهن جي اُڪري وڃڻ کان پوءِ پنهنجي جياپي لاءِ نئين سر ڪيئن پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪن. ان بابت هي هڪ ڄاڻ ڀريو ڪتاب آهي جيڪو سنڌي ماڻهو آسانيءَ سان پڙهي ۽ ان مان گهڻو پرائي سگهي ٿو ۽ ان تي عمل ڪري زندگي آسانيءَ سان گذاري سگهي ٿو. 96 صفحن جي هن ڪتاب کي دليپ ڪوٺاريءَ سهڻي نموني سهيڙي ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڄاڻ جو هڪ ننڍڙو خزانو سنڌي ماڻهن کي ڏنو آهي جنهن مان کين لاڀ پرائڻ کپي.

No comments:

Post a Comment