07/06/2013

آتم ڪٿا آڏي پڇائن ۾ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سرمست ڪهاڻيڪار امر جليل جو ڪتاب
آتم ڪٿا آڏي پڇائن ۾
رکيل مورائي
اڄ ڪلهه دنيا سميت سنڌيءَ ۾ جيڪو ڪجهه لکجي رهيو آهي اهو گهڻي ڀاڱي آسانيءَ سان پڙهندڙن تائين پهچي ٿو وڃي، البت ان کي ڪو پڙهڻ چاهي. ان معاملي ۾ اسان جي  سنڌي نوجوانن جو نه پڙهي سگهڻ وارو يا نه پڙهڻ وارو چوڻ اهميت نٿو رکي. ڏٺو اهو به ويو آهي اڄ جو پڙهندڙ ٿوري وقت ۾ گهڻو ڄاڻ جو خواهشمند ٿي پيو آهي. ادب ۾ به اڄ ڪلهه ائين ٿي رهيو آهي، پر اسان جي سنڌ جو سرمست ڪهاڻيڪار امر جليل اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي اڄ تائين اوتريءَ آبرو ۽ چاهه سان پڙهيو وڃي ٿو جيترو اڌ صدي اڳ پڙهيو ويندو هئو ۽ اها پڪ آهي ته جڏهن ڪو ليکڪ محبوب جو رتبو ماڻي وٺندو آهي، ته ان جي هر ادا وڻندي به آهي ۽ ان جي هر عمل کي ڏسڻ، ٻڌڻ، هن جي رهڻي ڪهڻي، وغيره ڄاڻڻ جي چاهنا به ٿيندي آهي ۽ اهڙو ڪم ليکڪ جي جوالي ۾ يا آتم ڪٿا جا ڪتاب ڪندا آهن يا انٽرويوءَ جا ڪتاب ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي شخص/ليکڪ سان سڌو منهان منهن هوندا آهن ۽ گهڻي ڀاڱي تخليقي سطح کان الڳ هوندا آهن جنهنڪري انهن ڪتابن مان ليکڪ بابت گهڻو ڄاڻي سگهبو آهي.

سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا شخص اهڙا هوندا جيڪي چاهيندا هوندا ته امر جليل صاحب پنهنجي آتم ڪٿا لکي ۽ اهڙي خواهش جو اظهار لکت ۾ گهڻي ئي ڀيرا ٿيو آهي، جنهن کي ڌيان ۾ رکي امر جليل صاحب پنهنجي ڪن يادگيرين تي ٻڌل الڳ حصا، هڪ ڪتاب ۾ آتم ڪٿا طور ڏنا آهن ۽ هاڻ وري سندس اهي انٽرويو سهيڙي سندس هڪ عاليشان ڪتاب جوڙيو آهي، جنهن کي نالو ڏنو آهي ” آتم ڪٿا آڏي پڇائن ۾“.
اهو سچ آهي ته انٽر ويوءَ ۾ به زندگيءَ جي الڳ الڳ کڻن ۽ عمل جو اظهار هوندو آهي  زندگيءَ جي هر پهلوءَ بابت ليکڪ ڳالهائيندو آهي، پر پوءِ به ان کي پڙهندڙ آتم ڪٿا قبول نه ڪندا آهن. شايد سبب اهو ئي آهي جو انٽرويوءَ ۾ ليکڪ فقط ان ڳالهه بابت ڳالهائيندو آهي جيڪا کانئس پڇي ويندي آهي، پر آتم ڪٿا لکڻ وقت هو مڪمل آزاد ۽ خودمختيار هوندو آهي، ان وقت سندس لکڻ واري ٽيبل جي آڏو ڪوئي شخص نه آهي. ان ڪري پاڻ کي وڌيڪ سولائي سان اظهاري سگهندو آهي. امر جليل صاحب جا هن ڪتاب ۾ شايع ٿيل انٽرويو الڳ وقتن تي ورتا ويا آهن ۽ هاڻ جڏهن هڪ هنڌ گڏ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن ته پڙهندڙن کي ليکڪ جي لکڻين ۽ ذات بابت گهڻو ئي گڏيل مواد ملي ويندو. اهڙوئي مواد جيڪو هڪ سٺي آتم ڪٿا ۾ هجڻ گهرجي. ڪتاب جي اهم خوبي اها به آهي  هن ۾ جيڪي به انٽرويو آهن اهي مڪمل ڏنا ويا آهن، جيڪي الڳ رسالن پنهنجي پنهنجي سهوليت آهر ڪي حصا ڪاٽي ڇپيا هئا، هڪ عظيم تخليقڪار امر جليل صاحب جيئن سوچيو آهي، لکيو آهي ۽ زندگي گذاري آهي، انهن سڀني ڳالهين جي اپٽار آهي هن آتم ڪٿا ئي ڪتاب ۾ پڙهندڙ ۽ مون جيان امر جليل صاحب سان محبت ڪندڙ سندس شخصيت بابت به هن ڪتاب مان گهڻو ئي ڄاڻي سگهندا. هيءُ بيمثال ڪتاب برابر امر جليل صاحب جي آتم ڪٿا جي ويجهو آهي، پوءِ به اسين اهڙي اميد رکون ٿا ته هو اسان کي پنهنجي آتم ڪٿا ضرور ڏيندو ممڪن آهي ته اهو اسان جو سنڌين وارو ضد ئي هجي.
بهرحال هي ڪتاب گهڻي قدر آتم ڪٿا جي ويجهو ته آهي. جنهن ۾ امر جليل صاحب جا 23 انٽرويو آهن، جن مان ويهه سنڌيءَ ۾ آهن ۽ ٽي اردوءَ ۾ آهن ۽ هن ڇڙوڇڙ لکڻين گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ليکڪ اسان جي دوست ۽ پبلشر محمد علي ماجد کي گهڻي مڃتا ڏني آهي، ۽ مان هن سوا ٽن سئو صفحن جي پڪي جلد ۽ ناياب تصويرن سميت لاجواب ڪتاب ڇاپڻ تي کيس مبارڪ ڏيان ٿو. هيءُ لاجواب ڪتاب ڪاڇو پبلڪيشن پاران شايع ٿيل آهي. هن جو ملهه آهي 350 رپيا. ياد رهي ڪاڇو پبلڪيشن پاران امر جليل صاحب جو هيءُ چوڏهون ڇپيل ڪتاب آهي.

No comments:

Post a Comment