27/06/2013

رياست، تاريخ ۽ ڪردار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نوجوان اديب عيسى ميمڻ جو ڪتاب
رياست، تاريخ ۽ ڪردار
رکيل مورائي
سنڌ ۾ مختلف موضوعن تي لڳاتار لکجي رهيو آهي ته ڇپجي به رهيو آهي ۽ ائين سنڌ ۾ علم، ادب ۽ شعور جي ڏياٽي ٻري ئي رهي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جي روشني ڪيترو ڦهلاءُ ڪري ٿي يا سنڌين جي ڪيتري رهنمائي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ان جو دارومدار انهن تي آهي، جيڪي اهڙي علمي، ادبي، سياسي ڏاهب جي روشني حاصل ڪرڻ وارا آهن، پر روشنيءَ جو ڪم آهي، اونداهي سان ويڙهه جاري رکڻ، جيڪو ڪم هوءَ لڳاتار ڪري رهي آهي.

سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ نالي وارو هيءُ ڪتاب پڻ اهڙي روشنيءَ  ڏيڻ وارن مان هڪ آهي، جنهن جو لکندڙ آهي، اسان جو نوجوان اديب، سياسي ڪارڪن ۽ جاکوڙي شخص عيسيٰ ميمڻ، جنهن جو پنهنجو تعارف ته ڪتاب ۾ آهي، پر ڪتاب جو تعارف اهو آهي ته هن ۾ تاريخ، سياست ۽ ڪن ڪردارن بابت لکيل اُهي ليک آهن جن ۾ روشني آهي، اهڙي روشنيءَ، جيڪا سنڌ جي سياست، تاريخ ۽ ڪردارن کي نروار ڪري، اهي ڪردار جن سنڌ کي آجپي ڏيارڻ لاءِ جهيڙيو آهي، ۽ ان ويڙهه ۾ ماريا ويا آهن ۽ جيڪي جيئرا آهن، اهي اڄ به ان ويڙهه ۾ جنبيل آهن، جن سان سنڌ جو اهو سمورو ڪارڪن گڏ آهي، جيڪو سنڌ جو آجپو ڏسڻ لاءِ آتو آهي.
عيسيٰ ميمڻ جي هن ڪتاب ۾ اها ڏاهپ آهي، جيڪا سنڌ جي سڃاڻپ ڏئي ٿي، سنڌ جي تاريخ جي حقيقي، ساڃاهه ٿي ڏئي ۽ انهن ڪردارن بابت ٻڌائي ٿي ته هيءُ اهي سنڌجا حلالي پٽ آهن جن پنهنجو ساهه ڏيئي سنڌي ماڻهن کي اهو ويساهه ڏياريو آهي ته سنڌ جيئندي سدا.
ڪتاب ۾ ڏنل ليک ڪي الڳ الڳ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن ۽ ڪي اڻ ڇپيل آهن، جن کي سهيڙي ڪتاب ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهنڪري گڏيل صورت ۾ انهن کي پڙهي ڪا راءِ جوڙي سگهجي ٿي، ڪنهن راهه جي تعين ڪري سگهجي ٿو.
191 صفحن جو هيءُ ڪتاب سرسوتي ساهت گهر  ڏوڪريءَ پاران ڇپايو ويو آهي، وڻندڙ ٽائيٽل سان ڪتاب جو ملهه 121 رپيا آهي، جيڪڏهن هڪ رپيو گهٽ هجي ها ته بهتر هئو. ليکو سڌو ٿي پوي ها!

No comments:

Post a Comment