نامياري دانشور امان الله شيخ جو ترجمو ڪيل ڪتاب
فيض احمد فيض ۽ پاڪستاني ثقافت
رکيل مورائي

فيض صاحب جي ڪتابن مان جيڪو ڪتاب امان الله شيخ صاحب جي کاتي ۾ آيو آهي،
اهو گهڻو گهڻو اهم ان ڪري به آهي، جو ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ شامل الڳ الڳ ثقافتون
رکندڙ، اڪاين/ قوميتن جن جي سڃاڻپ بنهه الڳ آهي، ڪن ڪن هنڌن تي ابتڙ پڻ انهن سڀني کي
جوڙي هڪ ثقافت پاڪستاني ڪرڻ جي شوق ۾ جيڪو حشر هن ملڪ جي ماڻهن ۽ انهن جي انهن جي ثقافتن
سان جن ۾ فيض صاحب جي پنهنجي ثقافت به هئي، سان ڪيو ويو اهو سڀ ڄاڻون ٿا، پاڪستاني
ثقافت جي تشريخ لاءِ شايد اڃا به اڌ صدي گهرجي، پر ڪتاب کي ترجمي جو ڪم جيئن تخليقي
نه آهي، ان ڪري اصلي ليکڪ جي ويچارن کي جيئن جو تيئن ترجمو ڪرڻو پوي ٿو ۽ اهو ڪم امان
الله شيخ صاحب نهايت سجاڳيءَ سان ڪيو آهي. هيءَ اها سجاڳي آهي، جيڪا امان الله شيخ
وٽ 40 سالن کان آهي. هو فيض سميت پاڪستان جي مڙني روشن خيال ۽ ترقي پسندن کي نه رڳو
پڙهندو رهيو آهي، پر طور هن نظرياتي سياست
۾ عملي حصو پڻ ورتو آهي ان ڪري منهنجو خيال آهي ته فيض جي شاعراڻي ۽ نثراڻي آهنگ، نظرياتي
وابستگيءَ ۽ خيالن جي ويجهو آهي. اسان جو دوست امان الله شيخ ۽ ٻيو ته هو سنڌ جي وطن
دوستي، روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ وارن سمورن اصطلاحن کي سمجهڻ وارو هڪ وطن دوست ليکڪ
آهي، تهذيبن ۽ ثقافتن جي واجهه ويجهه کان هو واقف رهيو آهي، ان ڪري هن فيض صاحب جو
هيءُ ڪتاب ته ترجمو ڪيو آهي، پر ان تي جيڪو هن سنڌيڪار پاران نوٽ هنيو آهي، اهو پڙهڻ
جهڙو آهي. ان نوٽ ۾ امان الله شيخ جيڪو پنهنجو اعتماد ۽ ويچار ظاهر ڪيو آهي، اصل ۾
اهوئي، هن ملڪ ۾ رهندڙ ۽الڳ الڳ ثقافتون ۽ تهذيبون رکندڙ قومن جو چوڻ به آهي ته ان
لاءِ هو ويڙهه به ڪنديون رهيون آهن، گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري سطح تي پنهنجي راءِ (جيڪا اسان جي قومي راءِ به آهي)
جو اظهار جنهن چٽي نموني امان الله شيخ ڪيو آهي. هن اهو محسوس ڪرايو آهي ته فيض صاحب
جهڙي بيمثال شاعر جي نثر جي ترجمي ڪرڻ وقت ڪنهن باضمير وطن دوست، سنڌي ليکڪ هن جي ويچارن
سان اسهمتيءَ ڏيکاري آهي ۽ تهذيبي ارتقا توڻي ثقافتي نرالائپ جو اعتماد سان اظهار ڪيو
آهي. ان ڪري منهنجي ۽ مون جيان سوچيندڙن توڻي سنڌ جي سڀني وطن دوست عالمن ۽ اديبن جو
دنيا جي تهذيبن ۽ ثقافت سان گڏ سنڌ جي ثقافت بابت اهو ئي ويچار وڃي جڙندو يا جڙيل آهي،
جيڪو هن ڪتاب جي نوٽ ۾ سنڌيڪار طور امان الله شيخ ڏنو آهي. چوڻ اهو ٿو چاهيان ته فيض
صاحب جو هيءُ ڪتاب پاڪستاني ثقافت لاءِ (جيڪڏهن اها آهي ته) ڪارائتو آهي، پر سنڌي پڙهندڙن
لاءِ ان جو ترجمي نگار پاران لکيل نوٽ وڌيڪ ڪارائتو آهي جنهن ڪتاب جي اهميت به وڌائي
آهي، خاص طور انهن ماڻهن وٽ جيڪي تهذيب ۽ ثقافت تي فخر ڪن ٿا. ثقافت کاتي پاران ڇپايل
فيض صاحب جي سئو سالا ولادت تي آندل هيءُ ڪتاب پرهڻ کان پوءِ شايد ان موضوع تي نئين
سري کان پڙهندڙ ۽ لکندڙ ويچارڻ شروع ڪن، خاص طور پاڪستان جا اهي لکندڙ جن جي تهذيب
۽ ثقافتن کي، سياسي بنيادن تي ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي رکيو پيو وڃي ۽ ڪي اهڙيون تهذيبون
انهن تي مڙهيون پيون وڃن جن جو تاريخي طور تي پاڪستان ۾ موجود تهذيبن سان هڪ پاڙيسريءَ
وارو تعلق ته ٿي سگهي ته پر انهن تي فخر ڪرڻ لاءِ هنن وٽ ڪو به سبب نه آهي ۽ اها ڳالهه
گهڻي وقت گذري وڃڻ کان پوءِ پاڪستاني ثقافت کي ترجمو ڪندي اسان کي هڪ ڀيرو وري امان
الله شيخ ياد ڏياري آهي، جيڪا دراصل هونئن به هن ملڪ ۾ رهندڙن، خاص طور سنڌين کان وسرڻ
جهڙي نه آهي.
No comments:
Post a Comment