07/06/2013

اوچا پنڌ پهاڙ جا - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



هڪ اڏامندڙ شخص جي آتم ڪٿا
اوچا پنڌ پهاڙ جا
رکيل مورائي
هي ڪتاب هڪ آتم ڪٿا تي ٻڌل آهي. هيءُ ڪتاب ائير فورس ۾ رهندڙ ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿي گهر ۾ گذاريندڙ هڪ اهڙي آفيسر جو آهي جنهن موري جهڙي تاريخي پر ننڍڙي شهر جي هڪ ٻهراڙيءَ مان اڏام ڪري دنيا ۾ پنهنجو نالو آفيسر طور لکرايو پر پنهنجي لکيل هن آتم ڪٿائي ڪتاب معرفت ادب ۾ به پنهنجو نالو لکرايو آهي. هن ڪتاب ۾ هن جا پنهنجا شخصي ۽ نوڪريءَ جا تجربا آهن جيڪي پڙهندڙن لاءِ پڪ ئي پڪ رهبريءَ جو ڪم ڪندا.

خاص طور اهڙن سنڌي نوجوانن لاءِ جيڪي ايئر فورس يا ٻين اهڙن اهم ادارن ۾ نوڪريون ڪن ٿا نوڪري ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. هن ڪتاب جو ليکڪ منهنجو ڳوٺائي آهي، جنهن ڪري به ساڻس وڌيڪ موھه آهي، جيڪو فطري آهي. هن جو نالو عبدالستار ڪورائي آهي ۽ هن پهاڙن مٿان پنڌ ڪيو آهي پوءِ ڀلي اهو پنڌ پيرن بجاءِ ڪنهن اڏام ذريعي هجي، شخص کي پاڻ مڃرائڻ يا مڃتا حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي ۽ قرباني ڏيڻي پوي ٿي ان جو نچوڙ هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هر پڙهندڙ آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهندو.
عبدالستار ڪورائيءَ جو آتم ڪٿا جي حوالي ۾ هي بنهه ننڍو ڪتاب وڏي تجربي حاصل ڪرڻ کان پوءِ لکيل آهي، ۽ نه وسارڻ گهرجي ته ليکڪ اديب نه آهي، ان ڪري هن جي لکڻ ۾ بنهه سادگي ۾ سٻاجهائي آهي ۽ وڌيڪ زندگيءَ جو تجربو.


هيءُ 124 صفحن جو ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران خوبصورت ڇپيل، پڪي جلد وارو ڪتاب 150 رپين ۾ سنڌ جي ڪنهن  به ڪتاب گهر تان حاصل ڪري سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment