20/06/2013

چونڊ - حيدر جوڻيجو (Hyder Junejo)



سيد عرفان علي شاهه جو چونڊن بابت ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب
چونڊ
حيدر جوڻيجو
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو جمهوري حڪومت 5سالن جو آئيني مدو  پورو ڪرڻ کان پوءِ 11 مئي 2013 تي چونڊون ڪرائي رهي آهي ۽ اهڙي طرح اسان جي اٻوڄهه ماڻهن کي اڃا تائين ووٽ جي اهميت جي ڄاڻ نه هئڻ ڪارڻ اهي اڳتي ڪرپٽ قسم جا ماڻهو چونڊيندا آهن ته پوءِ چونڊن ذريعي آزاديءَ جو موقعو ملي ٿو ته پوءِ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي ڇو پوئتي ٿي رهيا آهيون! آخر اسان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي ۽ پنهنجو ووٽ ضرور ڏبو ۽ چونڊبو انهن کي جيڪي ڌرتي ڌڻين جي خدمت ڪندڙ هجن.

اهڙي ماحول ۾ ووٽ جي طاقت جو شعور ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ هميشه پنهنجي ماروئڙن ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ عوام ۾ سڄاڳيءَ لاءِ قلمي پورهيو ڪندا رهيا آهن. اهڙي طرح سنڌ سان محبت ڪندڙن ۾ سيد عرفان علي شاهه پنهنجين لکڻين ذريعي اخبارن ۾ سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندو رهيو آهي پنهنجي ماروئڙن جا ڏک بيان ڪندو رهيو آهي، مير پور خاص سان تعلق رکندڙ سيد عرفان علي شاهه  2002ع جي اليڪشن ۾ چونڊجي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ پنهنجي علائقي جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ 2008ع وارين چونڊن ۾ حصو نه ورتائين پر پوءِ به جيڪو ٿي سگهيس عوام جا مسئلا حل ڪيائين.
بديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي اهڙي طرح اليڪشن ذريعي ڪرپٽ نظام جي اڳواڻي ڪندڙن کي پارليامينٽ ۾ وڃڻ کان روڪي سگهجي ٿو. سياست بابت ڏاهي ارسطوءَ جو چوڻ آهي ته سياست کان پري رهڻ جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته بدڪردار ماڻهو اوهان تي حڪمراني ڪندا. اهڙي طرح عوامي غلطين جي نشاندهي ڪندي سيد عرفان علي شاهه چونڊن بابت جاڳرتا پيدا ڪندڙ حقيقت ڀرين 20 ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب ”چونڊ“ جيڪو حاجي ٻڏل شاهه فائونڊيشن طرفان شايع ڪرايو آهي جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي جي سمورن بوڪ اسٽالز تي موجود آهي. ”چونڊ“ ڪتاب جي ليکڪ سچ پچ  ڪهاڻيون سبق آموز پيش ڪيون آهن.

No comments:

Post a Comment