28/06/2013

سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا؟ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



آنند کيماڻيءَ جي اڻپوري آتم ڪٿا

سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا؟


رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي ذهين نقاد، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس آنند کيماڻيءَ جي تازي ڇپيل آتم ڪٿا ”سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا“ جو پهريون حصو شايع ٿيو آهي، جنهن کي کڻي اهو چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جي هٻڪ نه ٿيندي ته آنند هن آتم ڪٿا جي پهرئين حصي سميت، سنڌي ادب کي جيڪو ڪجهه ڏنو آهي، اهو پنهنجي نرالائپ سان هند جي سنڌي ادب جو اهڙو حصو/سڃاڻپ آهي، جنهن تي آنند برانڊ جو ليبل لڳل آهي ۽ جنهن تي سنڌي ادب فخر ڪري سگهي ٿو، ساڳئي وقت ائين به آهي ته آنند جي هر لکڻيءَ مان هن آتم جو اُڀار ۽ هن جي ذهانت جي اوچائي بکندي آهي پر اها عام پڙهندڙ کان ڪوهين ڏور آهي. هن کي پڙهڻ لاءِ هڪ خاص ذهن ۽ وقت جي ضرورت پوي ٿي. هڪ ليکڪ جي حوالي ۾ هن جي اعتماد کي سندس لکڻي جي تکائيءَ مان ئي پرکي سگهجي ٿو ۽ سندس لکڻي مان هن جي مطالعي جي به سڌ پوي ٿي. هن سنڌيءَ ٻوليءَ کي ”هڪ شخص جي واسنا“ جهڙو جديد ناول ڏنو آهي. ڪهاڻيون، اَڪهاڻيون، ڪوتا، اَڪوتا ڏني آهي ۽ هاڻ پنهنجي آتم ڪٿا، جنهن جو مون کي، شخصي طور ٻن سالن کان شدت سان انتظار هئو.

هڪ سو مان ٻه صفحا گهٽ صفحن تي لکيل هيءَ مختصر آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو، پاڻ ۾ هڪ جديد لکڻيءَ جون سڀ خوبيون کڻي بيٺو آهي موضوع جي دائري سميت، خاص طور آنند جي هڪ رچنا ڪار واري سڃاڻپ کي هيءُ ڪتاب اڃا مٿي کڻي آيو آهي اها پڪي ڳالهه آهي. آنند جي لکڻ جو هڪ خاص اسلوب آهي، جنهن کي به هن اعتماد سان برقرار رکيو آهي, اڄ تائين اهو سچ آهي. هن پنهنجي آتم ڪٿا کي ڪهڙي ترتيب سان ٽن حصن ۾ ورهايو آهي ۽ انهن ٽن ڀاڱن ۾ ڇا کي سچ سمجهي لکيو يا لڪايو آهي ۽ ڇا کي ڪوڙ سمجهي لکيو ۽ لڪايو آهي، انهيءَ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن هيءَ آتم ڪٿا ٽنهي حصن ۾ ڇپجي مڪمل آتم ڪٿا بڻجي.
جيتوڻيڪ مون سدائين محسوس ڪيو آهي ته سموري ڪوڙ لکڻ لاءِ آتم ڪٿا مناسب صنف آهي، ڇاڪاڻ ته تخليق ۾ ڪٿي نه ڪٿي تخليقڪار جو سچ ظاهر ٿي پوندو آهي. ائين دنيا جي ادب سميت، سنڌي ادب ۾ لکيل ججهيون آتم ڪٿائون ڪوڙ جي رنگين اظهار جو اعليٰ نمونو هِن (نصابي آتم ڪٿائن کي الڳ ڪري). ائين جيڪڏهن آنند جي آتم ڪٿا جو باريڪيءَ سان اڀياس ڪبو ته اها تخليقي هجڻ جي ڪري ممڪن آهي ته ڪن سچن جي ويجهو محسوس ٿئي پر آتم ڪٿا جي دائري ۾ اها سچ ۽ ڪوڙ جي اهڙي ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ ٻنهي لفظن (سچ ۽ ڪوڙ) جو هڪ ٻئي سان اهڙو سنٻنڌ جڙي ويو، آهي جو انهن کي الڳ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. ان ڪري هيءَ آتم ڪٿا ڪري قبولڻ ۾ ڪجهه ڏکيائي محسوس ٿئي ٿي.
هن لاجواب ڪتاب ۾، آنند جو آتم به ظاهر ٿي بيٺو آهي، ته سندس ڪٿا جا ڪجهه اولڙا به آخري صفحن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر جيڪڏهن ڪتاب نه آهي يا گهٽ آهي اها آنند جي آتم ڪٿا آهي، جنهن جي پڙهڻ جي اڻتڻ مون جيان شايد گهڻن اديبن، عالمن ۽ دوستن کي هجي. هيءُ ڪتاب آنند جي آتم ڪٿا جي ڀومڪا/مهاڳ طور قبول ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي سندس ادب کي ڏنل نئين نالي طور اَڀومڪا/ اَمهاڳ ڪوٺي سگهجي ٿو، يا مون کي چوڻ گهرجي ته مان ان کي ائين سمجهان ۽ ڪوٺيان ٿو.
پوءِ به هيءُ ڪجهه چوڻ يا لکڻ وقت کان اڳ ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته جيستائين آنند جا سوچيل ۽ ترتيب ڏنل آتم ڪٿا جا ٽئي حصا نٿا اچن، تيستائين ائين سمجهڻ گهرجي ۽ ڪنهن به سبب جي ڪري جيڪڏهن آنند باقي رهجي ويل ٻه حصا نه ڏيئي سگهيو ته هيءُ ڪتاب سندس آتم ڪٿا طور سنڌي ادب ۾ ياد ڪيو ويندو ۽ جنهن به وقت ڪتاب پڙهيو ويندو، ان وقت ان پڙهندڙ جي آڏو اهو سوال اڀري ايندو ته هن آتم ڪٿا ۾ ”سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا “ آهي.
ها! آنند چاهي ها ته هن ڪتاب کي پنهنجي آخري ناول ”وڄ اڃا ڪو نه ڪري آهي“ جيان ڪو به نالو ڏيئي هڪ وڌيڪ ناول طور ڄاڻائي سگهي ها. پر اتي به هن جي ذهانت هن کي ائين ڪرڻ نه ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ذهني طور پاڻ کي پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ تيار ڪري چڪو آهي، جنهن جي ممڪن آهي ته هن کي وقت/صحت اجازت نه ڏئي ۽ جيڪڏهن هو وقت کي مٺ ۾ ڪري ۽ پنهنجي پوئين عمر ۽صحت کي سنڀالي پنهنجي سموري آتم ڪٿا ٽن جلدن ۾ ڏئي ويو ته مون کي يقين آهي ته اها ”هڪ شخص جي واسنا“ جهڙي نڪور ۽ غير معمولي آتم ڪٿا هوندي، جيڪا سنڌي ادب ۾ ياد رکي ويندي. ڇاڪاڻ ته آنند مان اهڙي ئي اميد ڪري سگهجي ٿي.

No comments:

Post a Comment