27/06/2013

ٻاٽ ۾ لاٽ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سيد نور رضوي جو پهريون شاعراڻو ڪتاب
ٻاٽ ۾ لاٽ
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب سنڌ جي نهايت پياري شخص ۽ شاعر سائين نور رضويءَ جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو آسانيءَ سان محسوس ٿئي ٿو ته هن ڪتاب ۾ سائين نور رضويءِ جون عقيدتون به آهن ته محبتون به ۽ انهن ٻنهي احساسن هن کي با ڪمال شاعر بڻايو آهي.
شاعر اول شاعر هوندو آهي، باقي نسبتون پوءِ جڙن ٿيون، ان ڪري مان نور رضوي صاحب کي اول ۽ آخر هڪ خوبصورت ۽ باڪمال شاعر سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ جون مون هن کي گهڻو ئي عرصو الڳ الڳ وقتن تي ٻڌو آهي ۽ هاڻ هن ڪتابن معرفت کيس پڙهڻ جو موقعو به مليو آهي. سندس ڪتاب اچڻ نهايت ضروري هئو ۽ هاڻ جڏهن اهو آيو آهي ته سندس باري ۾ ڪنهن به راءِ ڏيڻ ۾ آساني ٿي آهي.

نور رضوي صاحب اهڙو شاعر آهي،  جنهن نه رڳو لڳ ڀڳ سڀئي شاعراڻين صنفن تي لکيو آهي، پر انهن تي سندس هڪ شاعراڻو ظابطو به آهي. هو جڏهن شعر پڙهندو آهي ته اهو مڪمل شعر هوندو آهي، ۽ وري سندس پڙهڻي، ڇا چئجي! پر اهو سڀ ڪن گهڙين لاءِ آهي، عارضي آهي، جيڪو سندس سڃاڻپ نه بڻجڻو آهي.
هيءُ ڪتاب ئي سندس اصلي سڃاڻپ به بڻجڻو آهي ته کيس هڪ شاعر طور دائميت به بخشيندو. ڇاڪاڻ ته ڪتاب ئي ڪنهن ليکڪ جي پرک يا مرتبي جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ ائين سائين نور جو به هيءُ ڪتاب جيڪو هڪ مرتبي وارو آهي، اهوئي کيس هڪ لکندڙ طور مرتبو ڏيندو جيڪو دائمي هوندو. هن ڪتاب ۾ جيڪا شاعري آهي، اها اهو ٻڌائي ٿي، شاعر ائين صنفن سان نڀاءُ ڪيئن ڪبو آهي اهو هن ڪتاب مان نوجوان لکندڙ ڄاڻي سگهندا. غزل هجي، چئوسٽو هجي، قصيدو هجي، سلام هجي، نوحو هجي يا ڪا ٻي صنف، نور رضوي صاحب سڀني ۾ هڪ مڪمل شاعر آهي، جيڪو پنهنجي ٻولي ۽ احساس، محبت توڻي عقيدت سان هن ڪتاب ۾ موجود آهي. بيحد سهڻي ٽائٽل سان پڪي جلد واري  هن ڪتاب ۾ 277 صفحا آهن ۽ ڪتاب ملهه 300 رپيا آهي. سنڌيڪا اڪيڊميءَ هن ڪتاب کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو آهي.

No comments:

Post a Comment