27/06/2013

مخدوم جعفر بوبڪائي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سنڌي ادبي بورڊ جو نئون ڪتاب
مخدوم جعفر بوبڪائي
سوانح حيات، علمي ۽ ادبي خدمات
رکيل مورائي
سنڌي ادبي بورڊ جو تازو ڇپيل هيءُ ڪتاب انهن ڪتابن ۾ شامل آهي، جيڪي سنڌ جي آڳاٽن مشاهيرن بابت آهن، جن سنڌ کي علم ادب، تصوف ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن ۾ شاهوڪار بڻايو. مخدوم جعفر بوبڪائي پڻ انهن ۾ شامل آهي، جنهن علم، ادب، تاريخ، منظق ۽ فقهه بابت ڪيترو ذخيرو سنڌ کي ڏنو. ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته، هنن عالمن ۽ عقيدت ڀرين شخصيتن  بابت بنهه گهٽ لکيو ويو آهي.
ڊاڪٽر مولانا عبدالله کوسي صاحب، سنڌ جي هن عالم ۽ محقق تي هڪ وڏو عرصو تحقيق ڪري هڪ املهه ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ بابت ممڪن حد تائين معلومات ملي ٿي، مخدوم صاحب جي سوانح، سندس علمي، ادبي، تاريخي ۽ مذهبي خدمتون نهايت تفصيل سان هن ڪتاب ۾ ترتيب سان ڏنل آهي. هن قسم جا ڪتاب هڪ اعزازي ڊگري جيترو مرتبو رکن ٿا. مخدوم جعفر بوبڪائي تي هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جنهن ترتيب ۽ محنت سان لکيو آهي، ان جي ساراهه ئي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪتاب ڪاراسائيمنٽ نه آهي، هيءَ پيار جو  پورهيو آهي يا عقيدت جو اظهار آهي، جنهن کي سِڪن ۾ توري نه سگهبو.

هيءُ ضخيم ڪتاب چئن حصن ۾ آهي، جن کي الڳ الڳ بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ مخدوم صاحب جي زندگي، خاندان، بوبڪ، سنڌ ۽ علائقي جي تاريخ سان گڏ مخدوم صاحب جو اهو سمورو ڪم ڏنو ويو آهي، جيڪو اڃا تائين سنڌي پڙهندڙن کان اڃا اوجهل آهي ۽ بورڊ جو ئي ڪم آهي ته اهو سمورو علمي، ادبي، تاريخي ۽ مذهبي ذخيرو ائين روشنيءَ ۾ آڻي، جيئن هيءُ ڪتاب ان آندو آهي. ڊاڪٽر عبدالله کوسي صاحب جو هيءُ پيار جو پورهيو يقينن سنڌ جي علم دوست ماڻهن ۾ مان ماڻيندو، ۽ سندس پورهئي کي محبت سان ڏٺو ويندو. هيءُ ڪتاب هڪ تحقيقي ڪتاب آهي، جيڪو تحقيق جي حوالي ۾ گهڻو گهڻو ڪم ڏيندو ڇاڪاڻ ته هيءُ بنيادي ڪتاب ڪري ليکيو ويندو مخدوم جعفر بوبڪائي جي خدمتن بابت. 668 صحفن جو هيءُ دستاويز پڪي جلد سان سٺي پني ۽ سٺي ٽائيٽل سان ڇپائي بورڊ جي عملدارن هڪ سٺي ڪتاب ڇپائڻ واري روايت کي برقرار رکيو آهي ان لاءِ جو جس لهڻن. هن ڪتاب جو ملهه 500 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment