23/08/2013

دل جي خانه بدوشي جو مهاڳ - عادل عباسي (Adil Abbasi)

فياض لطيف جي شعري مجموعي ”دل جي خانه بدوشي“ جو مهاڳ
ننڊ ڄڻ ڪائي ندي، خواب ڄڻ آهن اکيون
عادل عباسي
زندگي هزارين روپ رکي ٿي، هر روپ جا نقش نگار، موڊ، مهانڊا، مطلب ۽ معنائون توڙي آثار ۽ آرکڻيون پنهنجون آهن. جيترا سندس حسين روپ آهن، اوترا  ئي ڀيانڪ ٻهروپ.
زندگي پيار جو گيت به آهي، ته درد جو قصيدو به، اميد جو ڏيئو به آهي، ته نراسائيءَ جي رکُ به، ٽهڪن جي ڇير به آهي، ته لڙڪن جو جلترنگ به، مٺي پاڻيءَ جو چشمو به آهي، ته کاري پاڻيءَ جو کوھ به ۽ اتساھ جي بانسري به آهي، ته درد جو نغارو به. زندگي واڌو، ڪاٽو، ونڊيان، ضربيان سميت آل جبرا جي حسابن واري پيچيده رياضي به آهي، ته ڄاڱري ٻير جي ڪَنڊن جھڙي چُڀندڙ به.
زندگي ۾ ڪي حادثا اهڙا به ٿيندا آهن، جيڪي حياتيءَ جي سموري جاگرافي بدلائي ڇڏيندا آهن. اندر جي سر زمين تي نيون نيون رياستون، علائقا ۽ پرڳڻا ٺهڻ شروع ٿي ويندا آهن. جيتوڻيڪ انساني وجود پاڻ هڪ ڌار رياست آهي. دماغ جي جَڳمڳائيندڙ شهر ۾ جذبن جون تيز رفتار گاڏيون، خواهشن جي روڊن تي بنا بريڪ هلنديون آهن، جنهنڪري اڪثر خيالن ۽ خوابن جا خطرناڪ حادثا ٿيندا آهن. جگر جي لال بتيءَ ۾ سدائين احساسن جي ايمرجنسي رهندي آهي. گردي جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ اڪثر سڪون رهندو آهي، بس آبڪلاڻي واريءَ موسم ۾ ڪا ٻوڏ، ڪو سيلاب اچي ويندو آهي. اکين جي سامونڊي پٽيءَ ۾ وري هميشه جھڙالي موسم رهندي آهي، ڇپرن جي آڪاش تي بادلن جا ٽولا وڏڦڙي وسائڻ لاءِ آتا هوندا، چپن جي ٿر وارو ۽ وارياسو علائقو سدائين ٺوٺ سڪل ۽ سدائين پياسو، جيڪو سدائين پيار جي برسات لاءِ آتو ۽ اتاولو ۽ وري دل جو گاديءَ وارو هنڌ ته هميشه خواهشن، خوابن، جذبن، احساسن ۽ اڌمن جي بي پناھ آباديءَ جي دٻاءَ ڪري هميشه مصروف ۽ مشغول، جنهن ۾ ٽهڪن واري ريشم گلي سدائين خوشين ۽ رونقن سان روان دوان، ته ٻئي پاسي وري لڙڪن جي جيلس بازار ۾ سدائين مندي ۽ پيھه، هڪڙا سڏڪا مس ويندا ته وري ٻيا اچي ويندا. مطلب ته ماڻهو ئي هن ڪائنات ۾ سڀ کان وڏي رياست ۽ ملڪ آهي.
فطرت، زندگيءَ جي ۽ زندگي، ماڻهوءَ جي تسخير ڪري ٿي ۽ ماڻهو وري پنهنجي اندر مان پنهنجي آدرشن جي هڪ نئين ڪائنات دريافت ڪري ٿو، اها ڪائنات، جنهن ۾ انيڪ دليون ڌڙڪي رهيون آهن ۽ ڪيتريون ئي زندگيون مرڪي رهيون آهن. تنهنڪري زندگي منجھان زندگي دريافت ڪرڻ جو سڀ کان وڏو معجزو، سڀ کان وڏو چمتڪار ۽ سڀ کان وڏو اسرار آهي ”شاعري“. شاعري اظهار جو اهو سرچشمو آهي، جنهن ۾ احساسن کي رقص ڪرڻ، لڙڪن مان آبشار ٿيڻ ۽ پنهنجي تقدير لکڻ جي بي پناھ شڪتي موجود آهي. جڏهن ته شاعري پنهنجي دَور جي نظماڻي تاريخ به هوندي آهي. شاعر ۽ تاريخدان ۾ اهو فرق آهي، ته تاريخدان ماضيءَ جي تاريخ لکندو آهي ۽ شاعر مستقبل جون پيشنگوئيون ڪندو آهي، شايد ان ڪري ئي ارسطوءَ کي به چوڻو پيو هو ته، ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪرانگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿيندي آهي.“
شاعر هڪ ئي وقت خالق، مخلوق ۽ خلق هجڻ واري تثليث جوڙي ٿو. هن وٽ پنهنجي خدائي ۽ پنهنجو لوح و قلم ٿئي ٿو. هو فقط شاعري ئي نه ڪندو آهي، پر پنهنجي وقت جي تقدير به لکندو آهي ۽ تقدير لکڻ وارو ڪو ماڻهو، ملائڪ يا جِن نه، پر خالق، قادر ۽ خدا هجي ٿو.
مون سنڌ ۾ گھٽ اهڙا شاعر ڏٺا آهن، جن وٽ هڪ ئي وقت شاعري ڪرڻ، نثر لکڻ ۽ شين بابت تخليقي انداز ۾ ڳالهائڻ جي مهارت هجي ۽ انهن ٿورڙن ماڻهن جي سٽاءَ ۾ فياض لطيف به شامل آهي. اندر ۾ بي پناھ تخليقي سگھه رکڻ باوجود بظاهر ماٺيڻي ۽ نرم لهجي واري هن شخص جي اندر ۾ مون کي ڪيترا ئي ائٽلانٽڪ نظر آيا آهن. سندس شاعريءَ جو مجموعو”دل جي خانه بدوشي“ منهنجي اڳيان آهي، جنهن جي مٿان سندس نظمن، آزاد نظمن، غزلن، وائين ۽ بيتن جا ڪيترائي ٽائٽانڪ تَري رهيا آهن، پر سندس تخليقي ساگر ۾ تارڻ سان گڏ ٻوڙڻ جي شڪتي به موجود آهي.
فياض لطيف جي هن تخليقي فن پاري کي مون ڏاڍي ڌيان ۽ توجھه سان گڏ تمام گھڻي پيار ۽ پنهنجائپ سان پڙهيو آهي. سندس هن تخليقي پورهئي ۾ مون کي حيران ڪندڙ اظهار به مليا آهن. جتي مون سندس شاعريءَ ۾ حسين خيالن جي چپن تي مُرڪ کي رقص ڪندي ڏٺو آهي، اُتي ئي لفظن جي اندر ۾ لڪل بي پناھ درد جون دانهون به ٻُڌيون آهن. جتي سندس احساس ڪتڪتايون ڪڍندي شرارت وچان اکيون هڻن ٿا، اتي ئي سندس جذبا اسان کي پٽ تي ڪيرائي تيز ڌار وارو خنجر کڻي اسان جي سيني تي ويهي رهن ٿا.
فياض جو هي شعري مجموعو نظمن، آزاد نظمن، غزلن، وائين ۽ بيتن تي مشتمل آهي. هن گھڻين صنفن جي ڀرمار کان پاسو ۽ پرهيز ڪندي، انهن ئي صنفن کي پنهنجي سيني سان لڳايو آهي، جيڪي سندس احساسن، جذبن ۽ دردن جو آواز بڻجي سگھيون آهن. اهڙو آواز، جيڪو اسان جي جسم کي چيري روح ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. ڇو ته شاعر تي لهندڙ هر خيال پنهنجو گھاڙيٽو پاڻ سان گڏ کڻي ايندو آهي. ائين بنھه ناهي ٿيو، ته شاعر غزل لکڻ چاهي ۽ وائي لکجي وئي هجي يا بيت لکڻ وقت گيت لکجي وڃي. هر خيال جي پنهنجي محڪات ۽ هر صنف جو پنهنجو مزاج هوندو آهي. جيڪڏهن شاعر جو رويو ان صنف جي برخلاف ۽ مزاج مخالف هوندو، ته اها صنف اشتعال ۾ اچي، تخليقي اظهار جو حسين ۽ هموار رستو ڇڏي، ڪچ ۾ لهي ويندي ۽ نيٺ به ابلاغ جي منزل وڃائي، اجائين ڳالهين ۾ اُلجھي پوندي. اهڙيءَ ريت فياض جي نظمن کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو، ته فياض پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ نظم جي چونڊ نه ڪئي آهي، پر نظمن پنهنجي حسين اظهار لاءِ فياض کي چونڊيو آهي. سندس نظمن ۾ کوڙ سارا لفظ، احساسن جو روپ وٺي لئه ۽ رڌم جي وهڪري ۾ تيزيءَ سان ترندا اچن ٿا. جيئن ڪو بتيلو ڪينجھر تي تري رهيو هجي، جيئن ڪنهن نديءَ جي تري ۾ سونَ ذرڙا تيز تر وهڪري ۾ وهندا ايندا آهن.

آڱرين جي جانِ جان! آوارگي
آرزوئن جي بدن تي
ڏاڍي مدهم ٿي وئي آ.

.  .  .  .

پٿرن جي شهر ۾
ڪانچ جي چوڙين جِهو
پنهنجي سپنن جو بدن
هل تون ائين کڻي.
                                               .  .  .  .

ڪيتري خانه بدوشي
دل به بادل جيان ڪئي آ
پنهنجي پيرن جي سفر ۾
ڌرتتـــي     ســـــــاري   رهـي  آ 
سندس اڪثر نظمن ۾ تاڃي ــ پيٽي، اُڻت جي نفاست ۽ احساس جي بي پناھ شدت آهي، جيڪي اسان جي ساهن جي حرارت کي بي ترتيب ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ ڄڻ اسان مٿي وارو ڌڪ کائي، ٻئي هٿ دل تي رکي، وائـڙا ٿي ويهي رهون ٿا. نظم کي سگھاري ۽ شاندار انداز ۾ لکڻ جي ڪري، نظم جي حوالي سان سڃاتو ويندڙ فياض لطيف پنهنجي نالي جي پوئين اڌ ”لطيف“ هجڻ جي ڪري مون کي احساسن ۾ ڏاڍو غزلاڻو نظر آيو آهي ۽ اظهار ۾ نظماڻو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس غزلن جي فزڪس نظمن جھڙي آهي ۽ سندس نظمن جي ڪيمسٽري غزلن جھڙي، يعني سندس غزلن جو سٽاءُ ته نظماڻو آهي، پر نظمن جي نفاست ۽ ڪوملتا غزلن جھڙي. اڃا به هيئن ته غزلن جو طعام ته نظماڻو آهي، پر نظمن جو ذائقو غزلن جھڙو. انهن ۾ ترڪيبون ۽ تشبيهون ڏاڍي خوبصورتي ۽ سليقي سان نڀايل آهن، منجھن  بي انتها مٺاڻ موجود آهي.
فياض لطيف پنهنجي خيالن ۽ احساسن کي اوتڻ لاءِ نظمن جي جنهن رستي جي چونڊ ڪئي آهي، انهيءَ رستي جا سمورا نظارا، گھيڙ گھٽ، هوائون ۽ ڇانورا پنهنجا آهن. سندس نظمن جو نه رڳو پيچرو پنهنجو آهي، پر انهن جو ماحول ۽ موسمون به پنهنجون آهن. سندس نظمن جو صحرا به پنهنجو آهي، ته باراني به پنهنجي آهي. پوکي به پنهنجي آهي، ته لابارو به پنهنجو آهي. مطلب ته سندس نظمن جو سڄو ڊول ڊال، مُنهن مهانڊو، هڏ هاٺي، قد ڪاٺ، وت ۽ وزن توڙي مزاج ۽ لهجو نج پج پنهنجو آهي، جنهنڪري ئي هو نظمن ۾ پنهنجو الڳ اسلوب ۽ ڌار ڊڪشن رکي ٿو. نظم مان غزل جي خوشبو اچي ٿي ۽ غزل مان نظم جو هڳاءُ يعني سندس نظمن جو معروض ته نظماڻو آهي، پر موضوع غزلاڻو ۽ سندس غزلن جو ڏاڻءُ ته غزلاڻو آهي، پر اظهار نظماڻو، ته اهڙي فياضي، فياض کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪير ڪري سگھندو!
سندس کوڙ ساترا نظم پنهنجي ڪلائميڪس ۾ هڪ ڀرپور تاثر ڇڏي ۽ هڪ خوبصورت قافيو ساڻ ڪري، پنهنجي پهرين سٽ ۽ قافيي سان ميچ کائي، اسان کان موڪلائڻ مهل، اسان جي دل ۽ دماغ  تي هڪ زوردار ڌڪ هڻن ٿا ۽ اسان انهن جي اثر ۽ سحر ۾ ائين خاموش ۽ بتال ٿي وڃون ٿا، جيئن بندوق جي ٺڪاءَ کان پوءِ فضا خاموش ٿي ويندي آهي ۽ ٻُڌبي آهي ته فقط پکين جي ڦڙ ڦڙاهٽ. ڪجھه نظمن منجھان اهڙا ٽُڪرا اوهان جي اڳيان رکان ٿو.
پنڌ ۾ هر پير هيٺيان،
ڪيتريون چوڙيون ڀَڳل هِن.

.  .  .  .

اڄ به چَڳَ جو هر تصور
روح ساري کي ٿو واسي.
.  .  .  .

کِڙيو آ چنڊُ اَمبر تي
ستارا جڳمڳائن ٿا
نديءَ کي ننڊ آهي پر
ڪنارا ڪجھه ڪَنائن ٿا.
.  .  .  .

پٺيان هُو سج پهاڙيءَ جي
لهي ٿو روپ بيوھ جان
لڳي ٿو رات جي ماٿي
سُندر هُو چنڊ ڪنهن ڳھَ جان.

                                               .  .  .  .
            
ادائن جي گھٽائن جو سفر آهي
غضب آ جو نگاهن جو سفر آهي
حياتي آ ڪنڊي تي ماڪ جو قطرو
سمندر جان اِڇائن جو  سفر  آهي

مان ذاتي طور ڪشف ۽ ڪرامت جو قائل ته نه رهيو آهيان، پر شاعر جي لاءِ هي چوندي شايد نه گھٻرائيندس ته، شاعر ڪائنات جي ايتري ته طاقتور هستي آهي ۽ وٽس ايتري ته قدرت موجود آهي، جو سندس هڪ پير ڌرتيءَ تي هوندو آهي، ته ٻيو آڪاش تي، يعني هو هڪ ٻرانگ ۾ ڪائنات لتاڙي وڃي ٿو.
فياض جي اندروني يا سهڪاري قافين جي ٻرانگ به ايتري ئي وڏي آهي. اهي پاڻ ۾ هم قافيا هوندي به ٻن ڌار ڌار خيالن کي پاڻ ۾ اهڙي ته نفيس ۽ مترنم معنويت سان اظهارين ٿا، جو ماڻهو قافين جي سرحد تي، نظم جي ڊگھي پنڌ ۾ بيهي ساهي پٽڻ بدران، ٿَڪَ کي پرتي اُڇلي، اڳتي وڌي وڃي ٿو.
اڄ به منهنجا رنگ سارا
روپ تنهنجي جو رَچن ٿا،
نقش ڪوئي،
ننڊ جھڙو،
گِھنڊ جھڙو،
جو وَڄي ٿو رات ڏينهن،
روح منهنجي جي رَڳن ۾،
تنهنجي زلفن جي چَڳن ۾،
اڄ به منهنجي آڱرين جو،
چين ٿو اُلجھي پوي.
نيڻ تنهنجا،
سحر وانگر،
لهر وانگر،
اڄ به ٻُوڙِن ٿا مِٺي!
فياض جا ڪجھه نظم اهڙا به آهن، جن منجھان مثال لاءِ ڪو ٽُڪرو يا شعر ڪڍڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن سهڻي ۽ سالم جسم جو ڪو عضوو ڪٽي پيش ڪجي، تنهنڪري مان اهڙن خوبصورت نظمن کي اَپاهج ڪرڻ بدران اوهان کي صلاح ڏيندس، ته اوهان اهي پاڻ ئي پڙهو. سندس اهڙا سڀئي نظم احساسن جي حدت ۽ اندر جي پياس لاءِ پيئڻ جھڙا آهن، جيڪي مون کي ڪنهن مشروب جھڙي آسيس ڏين ٿا. انهن ۾ سندس نظم ”پياسو ساحل، تِشنگيءَ جو بدن، دشت جو سفر آ دل لڳي، دلين جا زخم ڀربا ناهن، اچين جي جلد آ جانان، آءٌ اڃايل آهيان ۽ چنڊَ هاڻي هُن کي چئجان“ شامل آهن.
شاعراڻي اظهار جون ڳالهيون عجيب هونديون آهن. ڪڏهن نرم ته ڪڏهن گرم. نرم اُهي، جيڪي پيار جي آجيان لاءِ سندس مٿان پنکڙين جيان گھورجن، ڇو ته جڏهن اهي چپن مان اظهارجن ته هر ڏسا سرهاڻ سان واسجي وڃي، هر لفظ خوشبو خوشبو ٿي کڙي. ڳل ڳاڙها ٿي وڃن ۽ چپن تي مُرڪون ماکي ٿي رَسڻ لڳن ۽ وري گرم اهي جيڪي وڇوڙي جي موسم ۾ اکين مان لڙڪن ذريعي اظهارجن. هونئن به لڙڪُ ته اظهار جي اها شڪتي آهي، جيڪا سمورن احساسن ۽ جذبن ذريعي، سموري اندر جي نپوڙجڻ کان پوءِ اکين جا بند ڀڃي ٻاهر نِڪري، پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪري ٿي، تنهڪري لڙڪ نرم به آهي، ڇو ته ڪائنات ۾ پاڻي کان وڌيڪ نرم ۽ ڪُنئري ڪائي چيز ڪانهي ۽ لڙڪُ گرم به آهي، ڇو ته احساسن جي سموري آتش کان پوءِ اندرُ ٽهَڪڻَ جي درجهء حرارت تائين پهچڻ بعد ئي اکين جي آويءَ مان هڪ لڙڪ ٿي نِڪري ٿو.
غزل جي اظهار جا پيچرا به اهڙا ئي هوندا آهن. وصل ۽ ميلاپ کان وٺي وڇوڙي ۽ جدائيءَ تائين، زندگيءَ جا سمورا پل، غزل جي آرسيءَ ۾ ڏسجن ٿا. ساڳئي ريت فياض لطيف به غزل جي فطرت ۽ سڀاءَ کي سمجھي ٿو ۽ کيس پاڻ ڏانهن پاٻوھ مان سڏي ڳراٽڙي پائي ٿو. موٽ ۾ غزل به ساڻس بي انتها پيار ڪري ٿو ۽ پنهنجو ڪنڌ هنج ۾ رکي، وسرام ڪرڻ چاهي ٿو ۽ وري فياض به کيس ننڊ مان جاڳائڻ بدران سندس مٿي تي پيار جا هٿڙا ڦيريندي، ڪجھه گنگنائي ٿو، تنهنڪري کيس ڪَنُ ڏئي ڌيان سان ٻُڌو ته ڪيڏو نه مِٺاس آهي، سندس آلاپ ۾، ڪيڏي نه نفاست آهي، سندس لفظن ۾ ۽ ڪيڏي نه حرارت آهي سندس خيالن ۾!
پير پنهنجن ۾ رهيون هِن ڌرتتيون ئي،
سانوري ڄڻ ڪي گھٽائون ٿي رهي آ.
                                   
           .  .  .  .
پاڻ کان پاڻ تائين پُڳيون هِن اکيون،
خواب مجذوب جو هي رُڳيون هِن اکيون.

                                               .  .  .  .

درد جي دلبري به رهي آ عجب،
درد سارو سفر ۽ جُھڳيون هِن اکيون.

                                               .  .  .  .


سمندر جان ڪٿي آهي، تمنا کي ڪنارو ڪو!
جياپو نيڻ سپنن جا، مَسافت پنڌ آ واري.

                                               .  .  .  .


خدا جي مصوري فطرت،
صبح ۽ شام ۾ جادو.
نظم جي زمين موضوعاتي لحاظ توڙي فني حدن ۾، غزل کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڪشادي، وسيع ۽ گوناگون آهي. اُن جي زرخيز زمين ۾ ڪهڙو به فصل پوکيو ته لاڀ ڏيندو. نظم جو لباس ريشمي يا سوٽي ۽ ململ يا اطلس جو به محتاج ناهي. کيس جھڙو به لباس پارايو ته خوبصورت لڳندو. هو هر اوڍڻي ۾ پنهنجي جسماني وجاهت سان جلوه نما رهندو، ڇو ته نظم ۾ مستي به آهي، ته ماٺائي به، ولولو به آهي، ته ويراڳ به ۽ جمال به آهي، ته جلال به. ان جي ڀيٽ ۾ غزل جي پهر اوڍ، ڇنڊ ڦوڪ ۽ پائڻ پارائڻ جو گھڻو خيال رکڻو پوي ٿو ۽ سندس جسماني نزاڪت، بدني نفاست ۽ شائسته سڀاءَ لاءِ عمده، نفيس، نرم، ملائم ۽ رنگين اوڍڻن جي ضرورت پوي ٿي.
غزل ۽ نظم ۾ فرق عورت ۽ مرد وانگر آهي. عورت زنانه ڪپڙا پائي توڙي مرداڻه هر روپ ۾ سهڻي لڳندي، شرط اهو آهي، ته ان ۾ عورتپڻو يعني نسوانيت هجي، پر جيڪڏهن ڪو مرد زنانه ڪپڙا پائيندو، ته يقينن بدنما ۽ بي وڙو لڳندو، شرط آهي، ته منجھس مرد پڻو هجي. مان ائين به چوندس ته فياض جي شاعريءَ جو سڀاءُ نظماڻي غزلن ۽ غزلاڻي نظمن جھڙو آهي. سندس نظم پاڻ کي رومانوي حصار کان گھڻي ڀاڱي ڪڍي نه سگھيو آهي ۽ ان ۾ به غزل جھڙي رنگيني آهي، ته وري غزل نظماڻي بساط تي بيٺل آهي ۽ ان ۾ اهو ئي ولولو ۽ ووڪ آهي.
تشبيهون، ترڪيبون ۽ استعارا شاعريءَ جا زيور هوندا آهن، جن کي پائڻ کان پوءِ ڪوتا ــ ڪامڻي انتهائي حسين ۽ سُهڻي لڳندي آهي. جڏهن خوبصورت اظهار تشبيهن، ترڪيبن ۽ استعارن جا سونا ڳھه ڳٺا پائي ٿو، ته تخيل زندگيءَ سان ڀرپور ٿي ساھ کڻڻ لڳي ٿو ۽ ابلاغ جي تال تي پير ڌري نرت ڪرڻ لڳي ٿو. اصل ڳالھه احساس جي ناهي، پر اظهار جي آهي. تشبيهون، ترڪيبون ۽ استعارا ته اهي ريشمي ڌاڳا آهن، جيڪي اظهار جي ڪَرائيءَ ۾ راکي ٻَڌي کيس پنهنجو هم شير بڻائين ٿا. فياض جي شاعريءَ ۾ به اهڙين ئي خوبصورت تشبيهن، تازگي بخشيندڙ ترڪيبن ۽ اَمُلھه استعارن جي هڪ پوري پرٿوي، اظهار جي محور تي ڦري رهي آهي ۽ اسان ڄڻ ان جي مدار ڏانهن ڇڪجي، سندس چوڌاري ڦِري رهيا آهيون. ”سپي ۾ سمنڊ تاسارو“ جي خوبصورت عڪس جو ههڙو نڀاءُ هر ڪنهن وٽ ڪونه ملندو، جنهن ۾ عڪس، احساس ۽ اظهار گڏجي تخليقيت جو ثبوت ڏين ٿا.
سمندر ۾ سپي پياسي
سپيءَ  ۾  سمنڊ  تاسارو.
هر شاعر وٽ تخيل جي پنهنجي رنگيني ۽ اظهار جو پنهنجو ڏانءُ آهي. هو پنهنجي تخليق ۾ ساھ وجھي، سندس دل کي ڌڙڪائي ٿو، کيس جيئدان عطا ڪري ٿو ۽ جِلا بخشي ٿو، جنهن مان لفظ جوالا ٿي اُڀرن ٿا. هڪ ٻيو شعر به اوهان کي ٻُڌايان ٿو، جيڪو فياض جي ذوق جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت قافيي جي سونهن، خيال جي گِھرائي ۽ احساس جي شدت آهي. جنهن جي مَٿيُن ٻن سِٽن ۾ تشبيھ ۽ هِيٺيُن ٻن سِٽن ۾ ترڪيب، ڪنهن سانوري ڳچيءَ ۾ سوني ڳھه جيان جرڪي رهيون آهن.
عُقابن جي اکين وانگي،
ستارن جون اکيون ڀاسن.
ڪڪر جون سانوريون ٻانهون،
اَمبر کي ٿيون ٻکيون ڀاسن.

ان کان سواءِ فياض شاعريءَ جي منزل ڏانهن جيڪو تخليقي سفر ڪيو آهي، ان ۾ ڪيتريون ئي سُندر تشبيهون، ترڪيبون ۽ استعارا ساڻس هم سفر آهن. جڏهن اسان به ساڻن گڏجي سفر ڪرڻ لاءِ نڪرون ٿا، ته سندن سرهي ساٿ ۾، سفر جي ٿَڪَ کي وِساري وک وک آسيس محسوس ڪريون ٿا. تشبيهن، ترڪيبن ۽ استعارن جا اهڙا ئي ڪجھه عڪس اوهان جي اڳيان رکان ٿو.
’پٿر ــ شهر، سوال ــ شيشا، ديد ــ دارا، نيڻ ــ ڇپر، لُڙڪَ ــ چُئاڪا، ننڊ ــ بدن، چين جي چادر، خوشبو جو بدن، ياد جي دستڪ، سپنن جا نيڻ، تمنا تيز واچوڙو، درد ـ لامون، يادن جا ريشم، نصاب ڀوڳڻ، ننڊ جا ٽاڪا هڻڻ، اُلجھيل سُٽُ آدمي، خواب جو خون ٿي وڃڻ، ننڊاکو چنڊ، اکين ۾ کيپن جو مُرڪڻ، هينئين جي لهر تي سار جو تَرڻ،  مُرڪ ــ چپن جو رقص، شاعري دل جي مزدوري، مَسافت پنڌ آ واري ۽ جياپو نيڻ سپنن جا‘ وغيره. سندس ڪيترن غزلن جي قافيي ۽ رديف جي وچ ۾ تخيل ۽ استعارا ڏاڍي معنويت سان نِڀايل آهن، پر ڪٿي ڪٿي استعاري جي معنويت ۾ ٿورو بار محسوس ٿئي ٿو ۽ اهو اَسڀاويڪ لڳي ٿو. مثال: ”درد جو پٿر“ ته ڏاڍو خوبصورت استعارو آهي، پر ان جو ”ڀُرڻ“ معنوي لحاظ کان ڌڪجي ٿو.
منهنجي دل تان درد جـــو  پٿر
دوست! هڪڙو ڄڻ ته ڀُري ٿو.
شاعريءَ ۾ خيال جي لاڳيتي مشق جي ڪري ڪجھه لفظ شاعر جو تڪيو ڪلام بڻجي ويندا آهن ۽ هو انهن کي پنهنجي اظهار ۾ بار بار دهرائيندو آهي. جيتوڻيڪ انهن جي ٽيسٽ ۽ اُتساھ پنهنجو پنهنجو آهي، پر لڳ ڀڳ انهن جي محاڪات ۽ موضوع ساڳيو آهي، تنهنڪري اهي ڪي قدر ورجاءُ ڏيکارين ٿا، انهن ۾ جانان، مجذوبي، سمندر، سمرتي، تِشنگي، اِڇائون، خانه بدوشي، جوڳي، ڇهائن، مِرگھه، ناکئو، مدهوشي، تمنا ۽ ڪجھه ٻيا.
ڪتاب ۾ ڏنل وائيون به اڄوڪي دور جي مروج وائين واري اڪثريت جون آئينه دار آهن، جن ۾ اهي سڀئي عڪس ۽ اولڙا موجود آهن، جيڪي نئين ٽهيءَ جي خاص شبيهه کي ظاهر ڪن ٿا. مون اڳ  به پنهنجي ليکن ۾ وائي تي تفصيل سان ڳالهايو آهي، پر هتي رڳو ايترو چوندس، ته سنڌي ادب جي موجوده دور ۾ لکيون ويندڙ وائيون، ڪنهن نئين منزل جي دريافت جي ڪڍ مسلسل سفر ۾ آهن. هاڻي ڏسجي ته انهن کي ڪا منزل به ملي ٿي يا لاڳيتو پنڌ ۽ ان پنڌ جي پياس. اهي پنهنجي سڃاڻپ جي ڀرپور ڳولا ۾ آهن، اها ئي ڳولا نئين ٽهيءَ جي حيثيت ۾ فياض جي حصي ۾ به اچي ٿي. فياض جي وائين ۾ هڪ تجربو به ملي ٿو. اهو تجربو ڏاڍو ڏکيو ۽ تڪڙو هضم ٿيڻ جھڙو ناهي. ايندڙ دور ان کي قبول ڪندو يا نه ۽ اڄوڪي ٽهي ان کي ڪٿي ٿي بيهاري، ان جو جواب ته وقت ڏيندو، مان ان جي فقط نشاندهي ڪندس، جنهن ۾ هن ٻئي سٽون 13ــ13 ماترائن جون رکيون آهن (جيڪي 12ــ11 هجڻ گھرجن) ۽ وراڻي به تيرهن جي آهي، جيڪا ته ٺيڪ آهي، يعني ٿلھه سوڌو 11 ماترائن واري سٽ غائب آهي ۽ وري قافيو به وراڻيءَ سان نڀايل آهي. هونئن ته وائي دوها ــ سورٺا ڇند جو ئي تسلسل آهي، جنهن ۾ اسان وٽ اصلوڪي وائي وراڻي سوڌو 13 ــ 11 ــ 13 ماترائن تي لکي وڃي ٿي. مثال لاءِ فياض جي ئي هڪ وائي 13 ــ 11 ــ 13 ماترائن تي آهي.
پنڇي جيئن ويٺو اچي
اُجڙيل ٽاريءَ جا،
           آتا نيڻ ٺري پيا.
جڏهن ته ڇند وديا ۾ دوها ــ سورٺا ڇند کان سواءِ ٻيا به انيڪ ڇند آهن، تنهنڪري فياض جو هيٺيون تجربو ڄڻ ته پنهنجو الڳ ۽ جدا ڇند رکي ٿو. جيتوڻيڪ هيٺئين تجرباتي وائي ڏيڍي ناهي ۽ نه ئي عروضي آهي، پر لکيل ڇند تي ئي آهي ۽ ان کي ڇند کان ڇني نه ٿو سگھجي، پر ان ڇند جو نالو ڪهڙو آهي ۽ ائين ڇو آهي؟ اهو فياض کي ئي طئي ڪرڻو آهي. سندس تجرباتي وائي اِجھا هيئن آهي.
ڪوتا جي ٽاريءَ مان،
               ٽٽو گل گلاب جو!
ڏات ننگر ۾ ٿي ويو
خون ننڊاکي خواب جو،
               ٽٽو گل گلاب جو!
 بيت جي نڀاءَ ۾ هڪ ئي وقت، مقرر ٿيل ڇند، تجنيس، معنى، خيال جي پختگي ۽ شاندار اظهار جي گھڻ رخي تقاضا رهي ٿي ۽ اها به انتهائي مختصر سٽن ۾، سندس وايو مختصر هجڻ ڪري يقينن مشڪل ۽ ڏکيو آهي. بيت اسان جي اوائلي، آڳاٽي ۽ ڪلاسيڪل صنف هجڻ باوجود اڄ ڏينهن تائين گھڻو ڪري منجھس مجموعي طور نواڻ ۽ جدت اچي نه سگھي آهي. جيتوڻيڪ نئين ٽهيءَ جي ٿورڙن شاعرن ان ۾ ڇندن، رديفن، صنعتن ۽ موضوع جا ڪجھه حسين تجربا به ڪيا آهن، پر بنھه گھٽ، جنهنڪري مجموعي طور بيت اڃا به ساڳئي روايتي انداز ۾ لکجي رهيو آهي.
فياض جي بيت جو انداز به جيتوڻيڪ روايتي ۽ عام آهي، پر ان ۾ اظهار جي ڇڪ ۽ خيالن جي ندرت سان گڏ درد جي ڪيفيت بهرحال موجود آهي، جيڪي اسان کي پاڻ ڏانهن سڏين ٿيون ۽ انهن ۾ معنويت به آهي، مقصد به آهي، موضوعيت به آهي، ماحول به آهي، سرمستي به آهي، ته مِٺاڻ به، پر بيتن ۾ گھڻو زور تجنيس حرفيءَ تي آهي، جيڪا اسان جي ڪلاسيڪل بيت جي سونهن به آهي، ته جان به.
جانان! هاڻي آءُ تون، ننڊ ٿا نيڻ گُھرن
هينئين منجهه هُرن، هر پل وارن آڱريون.
.  .  .  .

آئينءَ تون جو اوچتو، ٻانهن ۾ ٻيهار
آرنڀ تنهنجي ارپيا، مون کي کوڙ خمار.
ساجن! تنهنجي سار، هينئون   هٻڪارون   ٿيو

شاعر پنهنجي دور جي حالتن کان اوس متاثر ٿيندو آهي، سماجي اڻ برابري ۽ معاشي توڙي معاشرتي استحصال کان ويندي، آفاقي آفتن تائين سڀ وارتائون سندس دل ۽ دماغ تي گھري ڇاپ ڇڏينديون آهن. انهن جي اظهار لاءِ سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ هوندي آهي ۽ هو اظهار لاءِ اتاولو به رهندو آهي، پوءِ ڀلي کيس موٽ ۾ سيج ملي يا سولي. جھوڪ واري جنگ کان ويندي کرڙيءَ جي ميدان تائين ۽ شاھ لطيف کان ويندي خليفي نبي بخش تائين يا وري ون يونٽ کان ويندي 2010ع جي مها ٻوڏ تائين ۽ شيخ اياز کان ويندي فياض لطيف تائين، سڀني جي اندر ۾ احساسن جي آوي ۽ جذبن جي جوالا ڀڙڪي ٻاهر نڪتي آهي، جيڪا سڀ ڪجھه ساڙڻ جي شڪتي رکي ٿي. جيئن وڻ جي هڪ ڏار مان لکين ماچيس جون تيليون ٺاهي سگھجن ٿيون، پر ٻيلي کي ٻارڻ لاءِ ماچيس جي هڪ تيلي ئي ڪافي آهي. فياض جي بيتن ۾ دردِ دل سان گڏ دردِ دنيا به آهي. قبائلي جھيڙن جي باھ ۾ سڙندڙ جانين کان ويندي، مها ٻوڏ جي هاڃن ۾ اُٿندڙ درديلي دانهن کي هن نه رڳو ٻُڌو آهي، پر انهن تي کيس جُھٻو به آيو آهي.
ويڙها ويرين ڀيليا، جھيڙن جھوري جندُ،
سُکِ نه سنڀري سنڌُ، اڌ صدي اتهاس ۾ !
                  
ڪڏهن اُجاڙيا سوڪهڙي، ڪڏهن اُجاڙيا ٻوڏ
سنڌڙي سدا اوڏ، اڏيا مٽيءَ گھرڙا.

فياض لطيف جو پورهيو هڪ اهڙي جاميٽري باڪس جيان آهي، جنهن ۾، شاعريءَ جا گول، اڌ گول، گونيائون توڙي پلڪارون ۽ پينسليون پنهنجون آهن، جن کي هو پنهنجي ئي طريقي ۽ انداز سان ڇُهندو، نج پج پنهنجي ئي لهجي ۽ لئه جا زاويا ٺاهيندو ۽ ليڪون ڪڍندو رهي ٿو. سندس خيالن جي هڪ کان ٻئي ڪهڪشان تائين پهچڻ لاءِ اسان کي روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪرڻو پوندو. مان هڪ اهڙو ئي سفر سوچن جي تيز ترين راڪيٽ تي پورو ڪري، اِجھو هاڻي ئي زمين تي لٿو آهيان ۽ هينئر وسرام جو سانباهو ڪري، ڪا ڊگھي ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿو، ته جيئن انهيءَ سهڻي سفر جون سموريون حُسناڪيون پنهنجي سپنن ۾ سهيڙي ڪا گھري ننڊ ڪري سگھان.
(15 ڊسمبر 2012ع )

No comments:

Post a Comment