26/08/2013

ڪيمياءِ سعادت جي ترجمي جون حسناڪيون - ڊاڪٽر بشير احمد شاد (Dr. Bashir Ahmed Shad)



مرزا قليچ بيگ جي ترجمو ڪيل ڪتاب
ڪيمياءِ سعادت (امام غزالي)
جي ترجمي جون حسناڪيون
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت آهي. هن جا سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي اڻ ڳڻيا احسان آهن. مرزا صاحب هڪ ئي وقت بهترين شاعر، نثر نگار، محقق، دانشور، فلسفي، مترجم، ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ناول نگار هو. کيس سنڌيءَ کان علاوه انگريزي، عربي، فارسي، اردو، سرائڪي، بلوچي، ترڪي ۽ سنسڪرت ٻولين تي عبور حاصل هو. هن سنڌي ادب ۾ ڪيئي فڪري رجحان متعارف ڪرايا. سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کان وٺي افساني، ناول ۽ ڊرامي جهڙين نڪور صنفن کي سنڌي ادب ۾ سڀ کان پهريان مرزا صاحب هٿي وٺائي. اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌي ادب جو پهريون ناول نگار، آتم ڪهاڻيڪار ۽ مترجم وغيره جو اعزاز حاصل ٿيو. هن صاحب اڌ صدي جي عملي زندگيءَ دوران 457 ڪتاب لکيا جن ۾ وڏو انگ سنڌي ڪتابن جو آهي.

 هِن، سنڌ جي شيڪسپيئر کي خراجِ تحسين پيش ڪندي شمس العلماءُ علامه دائود پوٽي فرمايو ” جهڙس هماگير اديب نثر نويس ۽ شاعر اڃا تائين ٻيو نه ٿيو آهي.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’اچو ته رڪارڊ رکون‘ جي سري هيٺ لکيو ته ”ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان سڀني کي نهايت انڪساري ۽ شڪرگذاريءَ سان مڃڻو پوندو ته مرزا قليچ بيگ تاريخي طور اسانجو پهريون وڏو عالم، مدبر ۽ سنڌيءَ جو دانشور هو جنهن هيڏو وڏو تاريخي زخيرو ڏنو.“ ڊاڪٽر غلام علي الانا  فرمايو ”مرزا صاحب سنڌي نثر جو ابو آهي.“ اهڙي طرح محمد ابراهيم جويو چيو ” مرزا صاحب جيڪو شاندار علمي ڪم ڪيو آهي سو سندس بزرگي ۽ بلنديءَ جو هميشه يادگار رهندو.“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ادب جو بنياد هيٺين چئن ٿنڀن تي ٻڌايو آهي: ’تخليق، تحقيق، تنقيد ۽ ترجمو.‘ جنهن ۾ ترجمي وارو عمل تمام اهم ۽ مشڪل پڻ آهي. مترجم ترجمي جو صحيح معنى ۾ حق تڏهن ادا ڪري سگھندو جڏهن کيس ان ٻوليءَ تي مڪمل دسترس حاصل هجي جنهن مان هن ترجمو ڪيو آهي. مترجم جو ڪمال تڏهن ليکبو جڏهن هو ليکڪ جي تحرير جي روح مان گھمي اچي ۽ مطلب، معنى توڙي مضمون کي جيئن جو تئين پيش ڪري.
ترجمي جي حوالي سان مرزا صاحب اهڙن ڪتابن جي چونڊ ڪئي آهي جن کي ادب جي دنيا ۾ تمام گھڻي مڃتا ملي آهي. منظوم ترجمي جي حوالي سان مرزا صاحب جو انگريزي زبان جي بين الاقوامي شهرت يافته شاعرن، شيڪسپيئر، پوپ وليم ڪوپر، والٽر اسڪاٽ، گولڊ سمٿ، جان ڊرائيڊن، ٽينيسن، بائرن، ڪالرج، ڪِيٽس، ورڊس ورٿ، فرانسز بيڪن، ڊگلس، ڪوڪ وليم، لانگ فيلو ۽ ايليٽ جي اصلاحي شعرن کي ترجمو ڪري ’عجيب جواهر‘ جي نالي سان آڻڻ به هڪ ڪارنامو آهي.
مرزا صاحب جا نثر جي حوالي سان پڻ ڪيترائي شاهڪار ڪتاب ملن ٿا جن ۾ شيڪسپيئر جو مشهور ڊرامو ڪنگ ليئرشاھ ايليا‘ ۽ لطائف الطوائف اچي وڃن ٿا پر حجت الاسلام حضرت امام غزالي جي معرڪت الآرا ڪتاب ’ڪيمياءِ سعادت‘ جي ڳالھ ئي اور آهي جنهن  ۾ علم جي اوت ڪيل آهي. مرزا صاحب فارسي زبان مان اهو ڪتاب سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري سچ پچ ته ترجمي جو صحيح معنى حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. ائين ٿو معلوم ٿئي جئين مذڪوره ڪتاب اصل ۾ تحرير ئي سنڌي زبان ۾ ڪيل هجي.
ترجمي جو ڪم ڪنهن به صورت تخليق کان گھٽ نه آهي، بلڪه ڪن صورتن ۾ اهو تخليق کان وڌيڪ مشڪل ٿي پوي ٿو، ڇوته تخليق لاءِ ڪو به ليکڪ ذهني طور آزاد هجي ٿو ۽ خيالن جي رواني ۾ هن آڏو ڪابه بندش نه ٿي هجي پر هڪ مترجم جنهن تخليق جو ترجمو ڪري ٿو تنهن ۾ کيس خيالن جي ردوبدل جو ڪوبه اختيار نه ٿو هجي ۽ هو تخليق ۾ پيش ڪيل خيال کي پوري ديانتداريءَ سان ترجمو ڪرڻ جو پابند ٿئي ٿو.
هڪ مترجم ڪنهن به تخليق جو ترجمو انهي صورت ۾ ڪندو آهي جڏهن اها کيس بيحد پسند ايندي آهي ۽ هو ان تخليق جي پنهنجي ٻولي ۾ ڪمي محسوس ڪندو آهي. ترجمي لاءِ تخليق جي چونڊ مترجم جي ذهني لاڙي ۽ علمي قابليت کي ظاهر ڪندي آهي. انهن سڀن ڳالهين کي ڏسندي جڏهن امام غزالي جي ڪتاب ”ڪيمياءِ سعادت“ کي ڏسجي ٿو ته نه رڳو مرزا صاحب جي علمي ذوق کي داد ڏيڻو پوي ٿو پر ڪتاب جو خوبصورت ترجمو پنهنجي نفاست ۽ سلاست سان پڙهندڙ کي هر لمحي متاثر ڪري ٿو.
هونءَ ته ڪيمياءِ سعادت جي سمورن ڀاڱن مان مثال وٺي سندس ترجمي جي خوبصورتي بيان ڪرڻ لاءِ ڪيئي صفحا درڪار آهن پر مون پنهنجي مقالي ۾ ان بحرِ بيڪنار مان فقط مٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق ڪجھ مثال پيش ڪيا آهن. جنهن ۾ مون مرزا صاحب جي ترجمي جي نزاڪتن، نفاستن ۽ حسناڪين جو مثالن سان ذڪر ڪيو آهي.
ڪيمياءِ سعادت بيشڪ علم جي کاڻ ۽ بي انت بحر آهي. ڪتاب جي ضخامت کي نظر ۾ رکندي مرزا صاحب ان کي ڀاڱن ۾ ترجمو ڪرڻ مناسب سمجھو. اصل ڪتاب ۾ چار عنوان ۽ چار رڪن آهن. چئن رڪنن مان ٻه ظاهر سان تعلق رکن ٿا ۽ ٻه باطن سان. پهرين ڀاڱي ۾ رڳا عنوان ڏنا ويا آهن جن جا موضوع هن ريت آهن:
پهريون عنوان مسلمانيءَ جي بيان ۾، ٻيو عنوان حق سبحان هو تعالى جي معرفت بابت، ٽيون عنوان دنيا جي معرفت بابت ۽ چوٿون عنوان آخرت جي معرفت بابت آهي. اهڙي طرح عنوانن جي تقسيم هن ريت آهي پهريون عنوان 25 فصلن ۾، ٻيو عنوان 15 فصلن ۾، ٽيون عنوان 5 فصلن ۾ ۽ چوٿون عنوان 15 فصلن ۾ تقسيم ٿيل آهي.
ڏسو ته ڪيمياءِ سعادت جو آغاز ئي ثناءِ باري تعالى سان ڪهڙي نه خوبصورت انداز ۾ ٻوليءَ جي جادوگريءَ سان ڪيل آهي:
”بي حساب شڪرانو، آسمان جي تارن ۽ مينهن جي ڦڙن ۽ وڻن جي پنن ۽ ريگستان جي واريءَ جي ذرن ۽ زمين و آسمان جيترو انهيءَ خدا کي جڳائي، جنهن جي صفت، يگانگي ۽ چڱائي آهي. انهيءَ جي جلال جي ۽ ڪمال جي ڪنهن به بندي کي خبر ڪانهي ۽ انهيءَ جي معرفت جِي حقيقت ۾ انهيءَ کان سواءِ ڪنهن کي به واٽ ڪانهي.“
ٻوليءَ جي رواني ۽ تسلسل جي حوالي سان مٿين نثري ٽڪري جي خوبصورتيءَ کان ڪير انڪار ڪري سگھندو! لفظن جي چونڊ ۽ جڙاوت هيڪاري هن جو حسن نکاري ڇڏيو آهي.
مرزا صاحب ڪتاب جي هر باب جي موضوع جي مناسبت سان سولن ۽ سهنجن لفظن جي چونڊ ڪئي آهي. هون به هڪ بهترين ترجمي جي سڀ کان وڏي خوبي آهي ئي سلاست ۽ سهنجائي. مرزا صاحب ترجمي جي حوالي سان مشڪل پسند نه آهي اهو ئي سبب آهي جو هِن ڪتاب کي پڙهندي قاري ڪنهن مونجھاري جو شڪار نه ٿو ٿئي. ڪيمياءِ سعادت جي ٻولي سليس هجڻ باوجود ادبي لطافت کان ڪنهن به صورت وانجھيل نه آهي جئين عنوان پهريون جنهن ۾ امام غزالي جسم ۽ روح جو ذڪر فرمايو آهي جي هڪ پيراگراف جو ترجمو ملاحظه ٿئي:
”پهرين ضروري ڳالھ آهي ’پاڻ کي سڃاڻڻ‘ يعني پنهنجو نفس يا ذات سڃاڻڻ. اها سڃاڻپ آهي ته انسان ڪير آهي؟ ڪٿان آيو آهي؟ ڇو آيو آهي؟ ۽ وري ڪيڏانهن ويندو؟ يعني انسان جي ذات ۽ صفات معلوم ڪرڻ. انسان پاڻ روح آهي جنهن کي دل يا من به چوندا آهن. پر سندس جسم يا بدن خاڪي آهي. بدن ڄڻ ته هڪ ملڪ يا شهر يا قلعو آهي جنهن جو روح حاڪم يا بادشاھ آهي. جسم ۽ روح ٻئي مخلوق آهن، پر جسم هيٺين عالمِ خلق مان آهي ۽ روح عالمِ امر مان. چڱا اخلاق دل جو نور وڌائين ٿا ۽ خراب دل کي ڪارو ٿا ڪن. روح ڄڻ هن دنيا ۾ شڪاري آهي ۽ عضوا سندس هٿيار يا اوزار آهن جن سان هو شڪار ڪري ٿو. روح يا دل کي وڏو لشڪر حوالي آهي جنهن جي وسيلي هو هڪ هنڌ ويٺي ملڪ جو سير ٿو ڪري ۽ سڀ ڪا خبر ٿو رکي. بت جا ظاهري حواس پنج چون ٿا پر دل کي سوين حواس آهن جي باطني آهن.“
ڏسو ته ڪيڏو نه تز ترجمو ڪيل آهي ۽ عبارت ۾ نه رڳو سلاست پر فصاحت ۽ بلاغت پڻ سمايل آهي. مشڪل موضوع کي سئنون سڌن خوبصورت جملن ۽ سهڻن ۽ سولن لفظن ۾ پيش ڪري مرزا صاحب سچ ته ڪمال ڪيو آهي.
ساڳي مضمون ۾ اڳتي لکيل آهي‎‎:
”روح جو برابر خدا سان يا عالمِ ارواح سان واسطو رهي ٿو، تنهنڪري انهيءَ کي به غيب جي خبر پئجي سگھي ٿي. مگر اها طاقت دل جي صفائي ۽ پاڪائيءَ تي منحصر آهي. اها طاقت عام ماڻهن کي به حاصل ٿي سگھي ٿي، صاف دل ماڻهن کي اهڙي خبر خوابن ۾ پئجي سگھي ٿي. انسان جي دل کي اهڙي طاقت آهي جو مستقل خيال، پڪي يقين ۽ ارادي سان معجزي يا ڪرامت جهڙا ڪم ڪري سگھي. نبوت ۽ ولايت انسان جي اعلى درجن مان هڪڙو آهي. اهو ظاهري علم جو نتيجو ناهي پر باطني علم جو، جنهن کي علم لدني يا حقيقي ٿا چون، جو پاڻهي قدرتي طرح ٿو ملي نه سکڻ سيکارڻ جي رستي.“
جيتوڻيڪ مٿي آيل مواد ڏاڍو خشڪ ۽ پيچيده آهي پر مرزا صاحب ان کي نهايت عام فهم ٻولي ۽ ننڍن ننڍن جملن ۾ اهڙي طرح ترجمو ڪيو آهي جو پڙهندڙ کان وسري ٿو وڃي ته هو ڪنهن فارسي ڪتاب جو ترجمو پڙهي رهيو آهي. اهڙي لياقت هر مترجم وٽ نه هوندي آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته نثر توڙي نظم ۾ ترجمي ڪرڻ وقت ان ٻوليءَ جي ارادي سان يا  غير ارادي طور جھلڪ ضرور نظر ايندي آهي جنهن ٻوليءَ مان اها تخليق ترجمو ڪئي ويندي آهي. مثال طور جيئن غزل اسان وٽ ايران کان پنهنجو اسلوب کڻي آيو ته پهريان پهريان اسان جي قديم دور جي شاعرن ساڳيو موضوع ۽ رنگ اختيار ڪيو پر مرزا صاحب ساڳي دور سان تعلق هجڻ باوجود پنهنجي نثر توڙي نظم ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي واهپي کي اهميت ڏني آهي. نثر ۾ ان جو وڏو مثال ’ڪيمياءِ سعادت‘ آهي.
ڪتاب جي عنوان ٻئي ۾ پاڻ سڃاڻڻ بابت بيان آيل آهي. جنهن کي مرزا صاحب هن طرح ترجمو ڪيو آهي:
”سمجھو ته اسان پاڻ سڃاڻڻ جو رستو معلوم ڪيو ۽ پنهنجو نفس سڃاتو سين ته پوءِ حديث شريف موجب ”من عرف نفسهو فقد عرف ربهو“ يعني جنهن پاڻ کي سڃاتو تنهن خدا کي سڃاتو. انهيءَ ڪري دل کي خدا جي معرفت جي ڪنجي يا آرسي چيو اٿن. ماڻهو پنهنجي ذات مان خدا جي ذات ۽ پنهنجي صفات مان خدا جي صفات معلوم ڪري سگھي ٿو. جيئن کيس بدن جي ملڪ تي اختيار آهي تئين خدا کي سڀني عالمن تي اختيار آهي.
جڏهن ماڻهو ڪو ڪم ڪرڻ گھري ٿو، تڏهن پهريون دل ۾ ارادو ڪري ٿو، پوءِ مغز يا دماغ مان حڪم جاري ٿئي ٿو ۽ عضوا چرن ٿا ۽ رٿيل ڪم ٿئي ٿو. تئين خدا تعالى به جيڪي ڪرڻ گھريو يا گھري ٿو تنهن  لاءِ پهريون ارادو ڪري پوءِ حڪم ٿو ڪري ته هڪ دم ٿي پوي ٿو. جيئن قرآن ڪريم ۾ ’ڪن فيڪون‘ آهي. انهن طاقتن چٽائي، آساني ۽ انساني سمجھ لاءِ عرش، ڪرسي، لوح و قلم وغيره جا نالا کڻي رکيا اٿن.“
مٿين عبارت ۾ ترجمي جي سونهن ۽ سنڌي زبان جي نج لهجي جي سڳنڌ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو. مرزا صاحب جو هي ترجمو ڪو الجھيل سُٽ نه آهي بلڪه هڪ درياءَ وانگر آهي جنهن جي رواني ۾ ماڻهو ترندو ۽ وهندو وڃي ٿو.
عنوان ٽئين ۾ دنيا ۽ آخرت کان علاوه موت ۽ زندگيءَ جي فلسفي تي پڻ بحث ٿيل آهي. مرزا صاحب انهي فلسفي کي به ڏسو ته ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ ترجمو ڪيو آهي:
”پاڻ کي ۽ خدا کي سڃاڻڻ سان سعادت حاصل ٿئي ٿي پر سعادت، دنيا جي به گھرجي ۽ آخرت جي به. انساني روح جي رهڻ جون جايون به اهي ٻه آهن. دنيا ۾ ٿورو وقت ۽ آخرت ۾ گھڻو. دنيا ڄڻ ته مسافر جي لاءِ مسافرخانو آهي انهيءَ ڪري دنيا دين جي رستي وارين منزلن مان هڪڙي منزل آهي. ڄڻ ته واٽ تي هڪڙو عمدو شهر يا بازار آهي، جنهن مان مسافر ثمر وٺي ساڻ کڻي اڳتي هلي ٿو. سندس منزلِ مقصود آخرت يا هو جهان آهي. ٻنهي منزلن جي وچ ۾ هڪڙو وڏو در آهي، جنهن مان لنگھڻو ٿو پوي، اهو آهي موت. دنيا آهي موت کان اڳي جي حالت ۽ آخرت پوءِ جي.
جسم جي غذا آهي کاڌو ۽ دل جي غذا آهي خدا جي معرفت ۽ محبت، جنهن مان دل جي خوشي ۽ سعادت حاصل ٿئي ٿي. بدن جي سنڀال به دل جي ئي واسطي ٿي گھرجي ڇالاءِ جو بدن فاني آهي ۽ دل باقي آهي. بدن جي لاءِ کاڌو ۽ ڪپڙو يا گھر يا پناھ جي جاءِ گھرجي اهي پوري پني انداز ۾ گھرجن. سارو وقت بدن جي پرورش ڪرڻ ۽ دل کي وساري ڇڏڻ بي عقلي آهي. دل جي غذا آهي خدا جي معرفت ۽ معرفت جيتري گھڻي هجي اوتري چڱي ڇالاءِ ته آخرت جو توشو يا ثمر اهو ئي آهي. انهي جي ڳڻتي زياده رکڻ گھرجي.“
مٿين بيان ۾ مرزا صاحب ڪٿي ڪٿي جملن جي آخر ۾ فعل ڏيڻ کان سواِ انهن کي اهڙيءَ ريت مڪمل ڪيو آهي جو اهي تحرير جي سونهن ۾ اضافو ڪن ٿا. مثلاً ”پاڻ کي ۽ خدا کي سڃاڻڻ سان سعادت حاصل ٿئي ٿي پر سعادت دنيا جي به گھرجي ۽ آخرت جي به.“ هي جملو ”جي به“ تي پورو ٿئي ٿو. ”انساني روح جي رهڻ جون جايون به اهي ٻه آهن، دنيا ۾ ٿورو وقت ۽ آخرت ۾ گھڻو.“ هن ۾ ’گھڻو‘ تي پورو دم اچي ٿو. ”ٻنهي منزلن جي وچ ۾ هڪ وڏو در آهي جنهن مان لنگھڻو ٿو پوي، اهو آهي موت.“ مٿين جملي کي ’موت‘ تي ختم ڪيو ويو آهي. ”دنيا آهي موت کان اڳي جي حالت ۽ آخرت پوءِ جي.“ هتي جملي جي آخر ۾ لفظ ’جي‘ آيو آهي.
عنوان چوٿين ۾ موت ۽ حيات جي حقيقت تي بحث ٿيل آهي. مرزا صاحب هينئن آهي:
”آخرت موت کان پوءِ جي منزل آهي، تنهنڪري جيسين ڪو موت جي حقيقت نه سمجھندو تيسين آخرت جي نه سمجھندو. ۽ موت جي خبر تڏهن پونديس جڏهن حياتيءَ جي پونديس ۽ حياتيءَ جي حقيقت تڏهن پونديس جڏهن روح پونديس ۽ روح جي تڏهن پونديس جڏهن خود پنهنجي نفس جي پونديس. روح سوار آهي ۽ بدن وهٽ آهي. روح بادشاھ آهي ته بدن سندس ملڪ آهي.
حيواني روح عالمِ سفليءَ مان آهي پر اصل انساني روح عالمِ علوي جو رهاڪو آهي ۽ ملائڪن جي جنس مان آهي. هن جسماني عالم ۾ فقط آزمودن حاصل ڪرڻ ۽ آخرت جي سمر کڻڻ لاءِ آيل آهي ۽ قرآن ڪيم موجب انسان خدا جو جزو آهي، جيئن ذرو يا ترورو سج مان نڪتل آهي يا ڦڙو سمنڊ يا درياءَ مان نڪتل. قرآن حڪيم ۾ آهي ته ’انا لله وانا اليه راجعون‘ ۽ حديث شريف ۾ به آهي ’ ڪل شيءِ يرجع الى اصله ‘ تنهنڪري انسان آيو به خدا وٽان آهي ۽ وري به انهيءَ وٽ وڃڻو آهي، جو واصل بالله جو درجو آهي ۽ اهو ئي روح جو اصل مقصد آهي.
مٿين تحرير ۾ مرزا صاحب ’جيسين‘، ’تيسين‘، ’وهٽ‘ ۽ ’رهاڪو‘ جهڙا سنڌي ٻوليءَ جا ٺيٺ لفظ استعمال ڪيا آهن جيڪي ترجمي جي سونهن ۾ هيڪاري اضافو آندو آهي. ڪيمياءِ سعادت جي ٽنهي جلدن ۾ اهڙن نج لفظ جي استعمال جا اڻ ڳڻيا مثال آهن.
ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جو پهريون رڪن عبادات متعلق آهي، جنهن ۾ خدا وند تعالى جي وحدت، علم جي ڳولا ۽ طهارت کان علاوه اسلام جي ارڪان جو ذڪر آهي. ترجمي جي حوالي سان هتي خدا وند تعالى جي طاقت ۽ ارادي واري حصي مان مثال پيش ڪجي ٿو.
”جيڪي عالم ۾ آهي سو سڀ هن جي خواهش ۽ ارادي پٺيان آهي. سندس تقدير ۽ مشيئت کان سواءِ ۽ قضا ۽ حڪم کان سواءِ ڪابه شي نه ٿي ٿئي. ننڍي يا وڏي، گھڻي يا ٿوري، چڱائي يا بڇڙائي، بندگي يا گناھ، ايمان يا ڪفر، نفعو يا نقصان، وڌ يا گھٽ راحت يا رنج، تندرستي يا بيماري، جيڪڏهن سارو عالم کڻي گڏ ٿئي ماڻهو توڙي جن، ملائڪ توڙي شيطان ته به هن جهان جو هڪڙو ذرو به نه چوري سگھن، نه بيهاري سگھن، نه گھٽ وڌ ڪري سگھن ۽ هن جي مرضيءَ کان سواءِ بالڪل ڪجھ به ڪين ڪري سگھن. جيسين هو خواهش نه ڪندو تيسين ڪي به ڪين وجود ۾ اچي سگھندو ۽ جن شي لاءِ خواهش ٿئيس ته هستيءَ ۾ اچي تنهن کي ڪوبه ڪونه روڪي اٽڪائي يا ٽاري سگھندو. جيڪي آهي ۽ جيڪي هو ۽ جيڪي ٿيڻو آهي سو سڀ هن جي تقدير ۽ تدبير سان آهي.
مٿين پيراگراف ۾ ٻوليءَ ۾ غضب جي رواني نظر اچي ٿي جيئن هي جملن جي بيهڪ ڏسجي. ”جيڪڏهن سارو عالم کڻي گڏ ٿئي ماڻهو توڙي جن، ملائڪ توڙي شيطان ته به هن جهان جو هڪڙو ذرو به نه چوري سگھن، نه بيهاري سگھن، نه گھٽ وڌ ڪري سگھن.“ سڄي ڪتاب ۾ جملن جي اهڙي بيهڪ ۽ سهڻن لفظن جي گھڙت جا ٻيا به ڪيئي مثال آهن.
مرزا قليچ بيگ جو هي ترجمو سچ پچ ته سنڌي ادب جي زينت آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي سنڌي زبان ۾ پنهنجي دور جو جديد ترين ترجمو آهي. سنڌي ٻولي ۾ ”ڪيمياءِ سعادت“ جي موجودگي هڪ اهڙي املھ علمي خزاني وانگر آهي جنهن جو حاصل ٿيڻ يقينا ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ فخر لائق آهي ۽ اسان جي ٻوليءَ کي اهو فخر شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ بخشيو آهي.
مددي ڪتاب
ڪيمياءِ سعادت (ڀاڱو پهريون) مرزا قليچ بيگ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1981
ڪيمياءِ سعادت (ڀاڱو ٻيو) مرزا قليچ بيگ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1985
ڪيمياءِ سعادت (ڀاڱو ٽيون) مرزا قليچ بيگ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
سرها گل سنڌ جا  ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2002
سائو پن ڪارو پنو مرزا قليچ بيگ
ٽه ماهي مهراڻ ”قليچ بيگ نمبر“

No comments:

Post a Comment