واسديو
نرمل جو ”رستي جو فانوس“
ڊاڪٽر
جڳديش لڇاڻي
واسديو نرمل سنڌيءَ جو
هڪ سينئير شاعر آهي. هن جو ادبي سفر، مان ڀايان اڌ صدي پار ڪري چڪو آهي. هو بحر
وزن جي پوري شناس رکي ٿو. ان ڏس ۾ واسديو نرمل استاد شاعر ليکراج عزيز جي رهنمائي
حاصل ڪئي. ان ڪري هن جي شاعري فني ڪچاين کان آجي آهي. جڏهن مان واسديو نرمل جو ”رستي
جو فانوس“ آزاد نظمن جو انتخاب پڙهڻ لڳان ٿو ته ڪيتريون ماضي جون وارداتون ذهن تي
نمودار ٿيڻ لڳن ٿيون. ٻه ڏها کن اڳ، مون سنڌ جي ساروڻيءَ سان واسبته ڪلام جو
انتخاب ڪيو هو. مون جنهن جو ڪجهه حصو اڳتي هلي، پنهنجي پي ايڇ ڊي ڊگريءَ لاءِ پيش
ڪيل مقالي ”ڀارت جي سنڌي شعر ۾ ورهاڱي جي تصوير“
۾ ڪتب آندو هو. ورهاڱي بعد، سنڌين کي پيرن هيٺان زمين نه هئڻ سبب، کين پنهنجي
ٻوليءَ جي بچاءَ جي مسئلي سان به هم ڪنار ٿيڻو پيو آهي. سڀ سنڌي هڪ هنڌ ٿانئيڪا
ڪونهن. هو سموري ڀارت ۾ (دنيا ۾ به) ٽڙيل آهن. الڳ الڳ هنڌن تي رهندي مڪاني ٻوليون
ڳالهائيندي ۽ سکندي، کانئن پنهنجي سنڌي ٻولي کسڪندي، ٿي وڃي.
جلاوطنيءَ ۾ شاعر واسديو
نرمل، سنڌي ٻولي ٻڌڻ کان سڪي ٿو
:
مدت کان پوءِ،
هڪڙي اهڙي هنڌ منهنجي بدلي ٿي،
ورهين کان پوءِ،
مون هڪ سنڌي مائي ڏٺي،
جا، پنهنجي ساڄي هٿ جون آڱريون ڦهڪائي،
ايرنڊيءَ جي پن جيان سيٽي،
پنهنجي پٽ کي چئي رهي هئي،
” لک جي لعنت هجيئي،
هيءُ ڳڻ گهڻا اٿيئي؟“
مائيءَ جي هيءُ ڪوڙا مٺڙا لفظ سڻي،
منهنجي اکين مان،
خوشيءَ سندا ڪجهه لڙڪ لڙي پيا. (ص.42)
مون ”رستي جو فانوس“ ۾
انتخاب ڪيل هڪ ٻيو آزاد نظم ”سنڌو نگر جا رستا“ به پنهنجي ٿيسز ۾ ڪئمپن جي زندگي
جي حوالي ۾ پيش ڪيو هو. ڀارت جي آزاد ٿيڻ سان، سنڌين کي پنهنجي ڀونءِ ڇڏي، هندستان
۾ اچڻو پيو هو. ٻِي عظيم جنگ دوران هيٺين طبقي جي هندستاني سپاهين لاءِ جيڪي ڪامن
ملٽري لبئرڪون ٺهيل هيون. ڀارت سرڪار بي گهر سنڌين کي انهن بئرڪن ۾ڀريندي ويئي،
جتي مهذب زندگي ته ڇڏيو پر عام روزاني جيون جون به ضروري سهولتون ميسر نه هيون.
ڪئمپن ۾ گهاريل ذلت ڀري زندگي، سنڌين جي تڪليفن ۽ اهنجن جو ذڪر ان وقت جي شعر ۾
ملي ٿو. پرسرام ضيا اهڙن شاعرن ۾ اڳرو رهيو، ڇو ته هن خود به بمبئيءَ جي ڀرسان ڪلياڻ
ڪئمپ (هاڻي الهاسنگر) ۾ اهڙي زندگي ٿي گهاري. واسديو نرمل به ڪئمپ جي رستن جو هن
آزاد نظم ”سنڌو نگر جا رستا“ ۾ سچو عڪس پسايو آهي:
رستا ته مڙيئي رستا آهن،
پر سنڌو نگر جي رستن جي، مڻائي ٻي آ!
کڌون کٻا ته ٻين رستن تي ڀي هوندا،
پر،
سنڌو نگر جي رستن تان هلندي هلندي،
ايئَن جهوٻا پيا ايندا آهن،
جئن، مشق پچائيندڙ شاعر جي، ڪوتا پڙهندي،
بحر وزن جون هيٺ مٿاهيون،
جهوٻا کارئينديون آهن. ( ص. 39)
ادب، سماج جو تفسير آهي،
اديب ٻين ماڻهن جيان سماج جو هڪ فرد آهي. ادب جي تخليق، سماج جي احساسات، ڏک، سک،
خوشي، غم مان ٿئي ٿي ان ڪري ادب کي سماج جي ڌڙڪن به چئجي ٿو. گهڻو ڪري تخليقڪار،
پنهنجي تخليق جو موضوع، سماجڪ جيون مان ئي چونڊي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ جي سنڌي
اديبن سان به اها ڳالهه لاڳو آهي.
”رستي جو فانوس“ واسديو نرمل جي آزاد نظمن جو مجموعو آهي. آزاد
نظم جديد شاعريءَ جي اصطلاح ۾، نئين شاعريءَ جي هڪ نئين روايت آهي. هيءَ موجوده
دور جي شاعريءَ جي هڪ مقبول صنف آهي، جيڪا دنيا جي سڀني وڏين زبانن ۾ لکي وڃي ٿي.
آزاد نظم ۾ شاعر پنهنجي خيالن جي وسعت، پابند نظم جي نسبت وڌيڪ تفصيلن سان پيش ڪري
سگهندو آهي. آزاد نظم ۾، شاعر پنهنجي احساسن جو اظهار آزاديءَ سان ڪري سگهي ٿو چو
ته اهو عروض جي مصنوعي پابندين کان آزاد آهي. آزاد نظم جو دارو مدار اسلوب جي بندش
بدران موضوع ۽ خيال ڏانهن وڌيڪ رهي ٿو.
آزاد نظم جون سموريون
سٽون هڪ جيتريون نه هونديون آهن. ڪا سٽ ننڍي هوندي آهي. وقتي ڪاسٽ فقط هڪ ٻن لفظن
تي مشتمل ٿيندي آهي، ڇو ته آزاد نظم جي هيئت ۾ ڪو به مقرر سٽاءُ ڪو نه ٿئي. خيالن
جي اظهار لاءِ، جي به جملا جڙن، سي وزن ۾ ڪنهن به بحر ۾ بند هجن، ان بحر جا رڪن به پوري طرح، هڪ ئي جملي
۾ هئڻ لازمي نه آهن، يعني آزاد نظم ۾ قافيو ۽ رديف نٿو ڏنو وڃي، پر وزن جو استعمال
ٿئي ٿو. پوءِ سٽون ڇو نه ننڍيون وڏيون هجن. آزاد نظم سنڌيءَ ۾ اردوءَ مان آيو، پر
اها هيئت اردو شاعريءَ ۾ خود يورپ ۽ آميريڪا جي شاعريءَ معرفت داخل ٿي. سنڌي ادب ۾
ڪوتا جي هيءَ صنف موجوده صورتحال ۾ بيحد مقبول بڻي آهي. اڄ جي ماحول ۾ انسان جي
فڪر ۽ جذبات ۾ پيچيدگي اچي ويئي آهي.
پابند شاعري، اڄ جي نئين
صورت اختيار ڪندڙ انسان جي احساسن ۽ خيالن جي پيچيدگيءَ کي اظهار ڏيڻ ۾ قاصر ٿيڻ
لڳي آهي، ان ڪري قلمڪار پنهنجي تاثرات کي آزاد نظم جي صنف ۾ وائکو ڪن ٿا ۽ واسديو
نرمل به ”رستي جو فانوس“ جي نظمن ۾ ائين ڪيو آهي.
انسان ڀونءِ بنا ويڳاڻو
آهي. ڀونءِ جي ساروڻي هر دي جو ساز آهي. ان کي نظر اندا ڪرڻ سولو ڪونهي. بر صغير
هند جي آزاديءَ واري هلچل ۽ ڀارت جو ورهاڱو، سنڌي هندن لاءِ اهو ڪهاڙيءَ جو ڌڪ هو،
جنهن جي زخمن جا نشان سندن بدن تان، سندن روح تان ڪڏهن به مٽجڻا ناهن. ان ڪري اهو
سڀاويڪ هو ته ورهاڱي کان پوءِ جو ڀارت ۾ شعر لکيو ويو، ان ۾ سنڌ جي سار، ويجهن
عزيز دوستن جو هڪ ٻئي کان وڇڙڻ جو دک، ڪئمپن ۾ گذاريل ذليل زندگيءَ جو عڪس، پنهنجي
جنم ڀوميءَ کي ياد ڪري هنجون هارڻ وغيره جو چٽ ملي ٿو. پوپٽي جيئن حيدرآباد کي نٿي
وساري، پرڀو وفا لاڙڪاڻي کي ساري هنجون هاري ٿو، شاهه جي شاعريءَ جو شيدائي نند
جويري شڪارپور کي ڳولهي ٿو، تيئن نرمل واسديو به ڪياماڙيءَ ياد ڪري ٿو:
اي مڇلي !
منهنجو ڪم ڪندينءَ هڪ؟
اکو، پائيندي،
جيڪي چانور ڪڻا،
مان ڦٽا پيو ڪريان،
تن منجهان ڪي ڪڻا،
پنهنجي مک ۾ جهٽي،
تون ڪراچيءَ کڻي وڃ،
جو، توکي ته ڪوئي به روڪي نه سگهندو،
نه ويزا کپيئي، نڪو پاسپورٽ !
ڪراچيءَ ۾ پهچي،
ڪياماڙيءَ ڀرسان،
انهن چانورن جي ڪڻن مان ٻه ٽي،
منهنجي پاران،
اکي طور پاڻيءَ ۾ پائي ڇڏج تون،
۽ باقي ڪڻا ڀي،
نهايت ادب سان،
ڪناري تي مٽيءَ مٿان تون پکيڙج،
ائين سنڌ جي پاڪ مٽيءَ تي پائي اکو،
ٿوري ساهي پٽج تون،
۽ پوءِ سنڌ جي پاڪ مٽي جا ذراتون کڻي،
موٽي بمبئي اچج،
پرين کان به پياري مڇي!
مان تنهنجو ڪندس انتظار. (ص .45)
واسديو نرمل سنڌ سان
وابسته احساسن جو اظهار اهڙي ته صادق جذبي ۽ فنڪارانه ڍنگ سان ڪيو آهي جو اهو نظم
اسان جي سنڌيت جو حصو بڻجي پوي ٿو. ڀومي هيڻتا جي زخم شاعر کي ضربيو آهي، هن وطن
جي وڇوڙي جو درد ڪافي گهرائيءَ سان محسوس ڪيو آهي. سندس اهڙو ئي هڪ ٻيو نظم آهي،
يار مٺا؟
ياد اٿيئي،
جڏهن ٻئي، پهرين درجي ۾ پڙهنداسين هئاسين،
پڪي امتحان ۾ تون پاس ٿيو هئين،
ليڪن،
آءٌ ٿيو ناپاس هئس!
تڏهين تو هڪ پيارو پيارو ضد ڪيو هو،
” مان ڀي واشوءَ سان گڏ،
ٻيهر پهريون پڙهندس.“
حساس دل پرنسپال صاحب،
تنهنجي ان ٻاراڻي ضد جي معنيٰ سمجهي،
تنهنجيءَ دل جي ڪيفيت سمجهي،
اسان ٻنهي جي ياري سمجهي،
مون کي ڀي پروموٽ ڪيو هئو!
ياد اچن ٿيون،
ڪيڏيون تنهنجيون ڳالهيون اهڙيون،
ليڪن توکي ڪيئن لکان، خط ڪيئن لکان ؟
مون وٽ تنهنجو پتو نه آهي. (ص. 33)
نرمل جا مٿيان ٻئي نظم
شخصي نوعيت وارا ٿا ڀاسن، جن ۾ قلمڪار پنهنجي داخلي ڪيفيتن جو اظهار تمام صداقت
سان ڪري ٿو.
ڪيترين صدين کان، هڪ هنڌ
وسيل ماڻهن کي، من محبت ۾ رهندڙن قومن کي، مذهب جي نالي ۾ مذهب جي صحيح معنيٰ نه
سمجهندڙ سياستدانن، ڌار ڌار ڪري ڇڏيو، اهو هڪ سڀ کان وڏو گناهه آهي، جيڪو هر گز
معاف ٿيڻ لائق ڪونهي.
واسديو نرمل ”رستي جو
فانوس“ ۾ ٻين ڪيترن موضوعن کي به پنهنجي سوچ جي گهيري ۾ آڻي ٿو، جيڪي زندگيءَ جي
سرحد سان وابسته آهن، جيڪا زندگي اسان جي روزمره جي زندگي آهي، هر قدم تي جنهن سان
اسان کي منهان منهن ٿيڻو پوي ٿو.
هو پنهنجي آس پاس جي حياتيءَ مان ئي موضوع چونڊي، کين ڪلاتمڪ اظهار
عطا ڪري، انساني جذبن جو اظهار فن ۽ فڪر سان ڪري ٿو. پر اها ڳالهه صحيح آهي ته هن
جي ڪن نظمن تي سندس ترقي پسند دوستن جو اثر نمايان ٿي بيٺو آهي. اتي رستي جي فانوس
جو ٻه ڪتا – هڪ هڏي، نظم پيش ڪري سگهجي ٿو. اهو هڪ سٺو نظم آهي. ان ۾ قصا گوئي به
آهي. اهو Miniature fiction
جيان پيو لڳي ان ۾ پلاٽ
۽ ڪردار ٻئي موجود آهن. فڪشن واري
Climax به آهي:
جان ئي دريءَ مان نظر پئي ٻاهر رستي تي،
ڇا ٿو ڏسان،
ٻه ڪتا هڪ ٻئي کي،
گهوري گهوري،
رکي رکي،
ڏاڙهين پيا،
۽ پٽ تي هڪ هڏي پئي آ !
.....وڙهندي وڙهندي ڪتا هڏيءَ کان
دور هليا ويا،
۽اک چنڀ ۾،
اها هڏي هڪ ڪانءُ کڻي ويو!
هيءُ نظم پنچتنتر جي
آکاڻي ٻه ٻليون ۽ باندر، جي ياد تازي ڪري ٿو. پر نظم جون ڪي سٽون، جن جوموضوع سان
ڪو واسطو ڪونهي، غير ضروري آهن، ۽ جي ڪڍي جڏهن ته نظم جي مرڪزي خيال کي دهرم نٿو
رسو، پاڻ اهي سٽون ذائقو بگاڙين ٿيون،
هڪ اهڙو نظم آهي :
ڪيڏي زخميل ۽ بيهوش،
ڪيلي جي کل ٿي لڳي،
ڄڻ ڪو پيڙت، بکيو ۽ ننگو،
آهي بي سرت پيو، وچ سڙڪ تي ! (ص. 16)
ٻيج جو چنڊ، ۾ نيون
نڪوريون تشبيهون آهن، پر هتي به ترقي پسند رويي اظهار پاتو آهي.
هڪ سگريٽ – هڪ پيڙا ، ۾
شاعر هڪ جلندڙ، سگريٽ جي مشابهت، وئشيا جي حالت سان ڪري، جيڪو عڪس چٽيو آهي، سو
بلڪل ئي حقيقي ۽ ڪروڻ رس پيدا ڪندڙ آهن.
نرمل جي نظمن ۾ تکي طنز
به ملي ٿي. طنز اختلافن مان اڀرندي آهي. اڄ جو قلمڪار، پنهنجي ماحول کي صحيح
صورتحال ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. شاعر جڏهن زمان جي حوالن کان وياڪل ٿئي ٿو، ته هن
جي اظها ۾ طنز اچيو واسو ڪري. ان طنز ۾ شاعر
جي دل جي درد کي به محسوس ڪري سگهجي ٿو. سپنو يا ساڀيا، ۾ اها ڳالهه ڏسي سگهجي ٿي.
واسديو نرمل ”رستي جو
فانوس“ جي ڪن نظمن ۾ وچين طبقي جي شهري حياتيءَ جي ڀڄ ڀڄان واري زندگي جيئندڙ،
ماڻهن جي ويچارگي، بيوسي ۽ بوريت جو چٽ به چٽيو آهي، ان لحاظ کان ”اچون روز ٿا“ ۽
”ماڊرن صليب“ نظم ڏسي سگهجن ٿا.
خانه بدوشن نينگر ڏانهن،
ستل ٻرندڙ جبل، رستي جو فانوس، نيتردان، پهريون ڀيرو وغيره نظم به پڙهندڙن جي دل ۽
دماغ تي ڇائنجي سوچ جا انيڪ چراغ روشن ڪن ٿا.
رستي جو فانوس جيان
قلمڪار پنهنجي آس پاس نظر ورائي ٿو. آس پاس جي صورتحال کي پنهنجي ڏور نگاهه سان
ڏسي، ان کي فنڪارانه ڍنگ سان اظهارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ”رستي جو فانوس“ جا گهڻا نظم
نئين سوچ، فڪر ۽ جاچنائن کي ساڻ ڪري هلن ٿا. البت ڪٿي ڪٿي غير ضروري وضاحت به آهي،
جا نظم جي مجموعي تاثر کي ضرب رسائي ٿي بحر حال ”رستي جو فانوس“ سنڌي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو آهي.
No comments:
Post a Comment