نامياري ڪهاڻيڪار زيب سنڌيءَ سهيڙيون آهن
ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون
رکيل مورائي (Rakhyal
Morai)
اردو ادب ۾ ڪرشن چندر اهڙو نالو آهي، جنهن کي ننڍي کنڊ جا سڀ
الڳ الڳ ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ ٻولين وارا ماڻهون پنهنجو سمجهندا رهيا آهن، جنهن جو
اهم سبب اهو آهي ته هن جون ڪهاڻيون جنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيون آهن، ان ٻوليءَ جي
پڙهندڙن توڻي لکندڙن ائين سمجهيو آهي ته ڄڻ هو سندن ئي ٻوليءَ جو ليکڪ آهي. ائين
هو جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي تڏهن به ائين محسوس ٿيو آهي ته ڄڻ هو سنڌي
ليکڪ آهي. اهو به گمان آهي ته شايد هو ننڍي کنڊ جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ سنڌي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي ۽ پڙهيو ويو آهي، نه رڳو پڙهيو ويو آهي، پر نهايت پنهنجو
سمجهيو ويو آهي. ائين قرت العين حيدر، سعادت حسن منٽو، امرتا پريتم، عصمت چغتائي،
راجندر سنگهه بيدي، خوشونت سنگهه، سنڌي پڙهندڙن لاءِ اوپرا نه آهن. اڄ تائين ته
ڪيترائي، جديد اردو ليکڪ سنڌي پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهن پر ورهاڱي کان پوءِ سنڌي
پڙهندڙن ۾ چار اردو ليکڪ گهڻو مشهور رهيا آهن، ٻه مرد آهن ۽ ٻه عورتون، مرد آهن
ڪرشن چندر ۽ سعادت حسن منٽو ۽ عورتون آهن قرت العين حيدر ۽ امرتا پريتم. اها الڳ
ڳالهه آهي ڪنهن هڪڙن پڙهندڙن کي موهيو آهي، ته ڪنهن ٻين پڙهندڙن کي موهيو آهي.
اسان جي دوست سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽
ناٽڪ نگار زيب سنڌيءَ کي، سڀني کان وڌيڪ ڪرشن چندر موهيو آهي، اهو سچ آهي، جيڪو
زيب جي ادبي اڀياس ۾ انگن اکرن سان ڄاڻائي سگهبو، پر هت ان اڪيلي ڪتاب جو ذڪر آهي،
جيڪو مون کي لڳو ته زيب سنڌيءَ جي ان عشق جي تڪميل آهي جيڪو هن هڪ لکندڙ ۽ پڙهندڙ
طور ڪرشن سان ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب زيب جي ٽيهن کن سالن جي لڳاتار سفر جو ثمر آهي،
جنهن جو نالو آهي، ”ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون
“.
جيتوڻيڪ زيب هن کان اڳ ۾ به ڪرشن چندر جا ٻه ڪتاب ڇپائي چڪو آهي، پر هيءُ هڪ ضخيم
ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪرشن چندر جون ٻائيتاليهه ڪهاڻيون شامل آهن، جن جي ترجمي وقت
چونڊ ظاهر آهي ته مترجم جي پسند جي ئي هوندي آهي. هنن ڪهاڻين جو وڏو حصو ته خود
زيب جو ترجمو ڪيل آهي، ڪي چند ڪهاڻيون ٻين ليکڪن جون ترجمو ڪيل آهن، جن جو ذڪر زيب
سهيڙيندڙ جي نوٽ ۾ ڪيو آهي، جنهن جو عنوان آهي، ”هن ڪتاب جي ڪٿا“، پر ڪرشن چندر جي
ڪهاڻين پڙهڻ کان پهريان اهو مضمون ضرور پڙهڻو پوندو جنهن جو عنوان آهي، ”ڪرشن چندر
سڀني جو ليکڪ“. ڪرشن بابت زيب جو لکيل هيءُ مضمون خود ڪرشن بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ
اڀياس به آهي، جيڪو کيس سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿو، ٻيءَ طرح ڪرشن چندر کي جنهن به
پڙهيو آهي، اهو هن جو مشتاق بڻيل آهي، سواءِ نهن جي جن کي، ڪرشن چندر سان جڙيل
نسبت ”ترقي پسند ليکڪ“ وڻندي هئي ۽ اڄ به نه
وڻندي آهي، پر اهو سچ آهي ته هند ۾”
شڌ“ ليکڪن ۽ سنڌ ۾
حديديت پسندن کي به جيترو ڪرشن پڙهڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي، اوترو شايد ئي اردوءَ جي
ڪنهن ٻئي اديب متاثر ڪيو هجي. بهرحال زيب سنڌيءَ جو سهيڙيل هيءَ خوبصورت 416 صفحن
تي پکڙيل ڪتاب، سنڌي ادب ۾ هڪ اهم جاءِ والاريندڙ ڪتاب آهي، ساڳئي وقت هڪ سنڌي
ڪهاڻيڪار پاران هڪ اردو ڪهاڻيڪار لاءِ هڪ ٽربيوٽ به آهي، ساڳئي وقت اردو ۽ سنڌي
ٻولين جي ميلاپ جو هڪ نمونو
به آهي. ”ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون“ سنڌيءَ ۾ آڻي ۽ گهڻي تعداد ۾ آڻي زيب سنڌ جي
پڙهندڙن تي احسان ڪيو آهي، اهڙو احسان جهڙو هند جي سنڌي پڙهندڙن تي هيري ٺڪر،
”ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون“ ترجمو ڪري، ڪتابي صورت ۾ آڻي ڪيو آهي. سنڌ جي آبرودار
اداري روشني پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايل هيءُ املهه ڪتاب پڪي جلد سان ڪرشن چندر
جي تصوير سان سهڻي پني تي ڇپيل آهي، جنهن جو ملهه آهي. 350 رپيا.
No comments:
Post a Comment