بي مثال نثر نويس غلام رباني آگري جو نئون ڪتاب
ٿيا قلب قرار
رکيل مورائي
تازو ئي سنڌالاجيءَ پاران غلام رباني آگري صاحب جو ٽڙيل پکڙيل
لکڻين تي ٻڌل ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”ٿيا
قلب قرار“. هن ڪتاب مان پڻ رباني صاحب جي مستقل لکندو رهڻ جو پتو پوي ٿو.
هن ڪتاب ۾ ڪي گهڻو آڳاٽا ليک آهن ۽ ڪي نوان ۽ اڻ ڇپيل ليک آهن جن کي گڏي ڪتابي
صورت ۾ آندو ويو آهي.
الڳ الڳ موقعن تي لکيل
هيءُ ليک پڻ رباني صاحب جي مزاج ۽ ليکڪ جا آئينيدار آهن.
سندس نثر جي آخري ڪتاب طور ”ٿيا قلب قرار“ کي پڙهڻ کان پوءِ
جيڪو تاثر اڀري ٿو، اهو هيءُ ته کيس سنڌي ادب ۾ هڪ معتبر نثر نويس طور مستقل رهڻو
آهي. هن ڪتاب جي اٺن ڀاڱن ۾ جيڪي آهي، اهو سنڌي ادب، تاريخ، فلسفي، سوانح نگاري ۽
ٻين ڪيترن ئي حوالن ۾ نهايت اهم آهي، جنهن ۾ سيرت طيبه به آهي، سنڌ امان به آهي،
سارون سنڀارون به آهن، متفرقه به آهن، وکر سو وهاءِ به آهي، تقريرون به آهن، سڄڻن
جا ساريو سانگ ۽ ڪي ترجما به آهن. دراصل مٿيان سڀ انهن ڀاڱن جا عنوان آهن، جن کي
ڪتاب ۾ ترتيب سان ڏنو ويو آهي.
ڪتاب کي سهيڙڻ ۾ اسان جي دوست نصير
مرزا ۽ الطاف آگري جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي،
اها ساراهڻ جهڙي آهي. سندن محنت ۽ محبت سان ئي هيءُ ڪتاب وجود ۾ اچي سگهيو آهي. ڪن مشاهيرن جون تصويرون پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن جن ڪتاب کي وڌيڪ
سهڻو بڻايو آهي. ادب ۾ هن ڪتاب جو جيڪو مرتبو جڙندو اهو يقينن هڪ اهم ڪتاب وارو
هوندو.
No comments:
Post a Comment